خروج 22 - Muslim Sindhi Bibleعيوضي ڏيڻ بابت قانون 1 ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڏاند يا رڍ چورائي ۽ انهيءَ کي ڪهي يا وڪڻي ڇڏي، تہ اهو هڪڙي ڏاند جي عيوض پنج ڏاند ۽ هڪڙيءَ رڍ جي عيوض چار رڍون ڀري ڏئي. 2-4 پر جيڪڏهن چورايل چوپايو مال هن وٽان جيئرو نڪري، پوءِ اهو ڏاند هجي، گڏهہ هجي يا رڍ هجي، تہ چور اهو ٻيڻو ڀري ڏئي. مطلب تہ چورايل مال جو عيوضو چور ڀري ڏئي. پر جيڪڏهن وٽس ڪجھہ بہ ڪونہ هجي تہ کيس چوريءَ جي ڪري وڪڻي ڇڏڻ گھرجي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن چور کي رات جو کاٽ هڻندي پڪڙي ۽ ڌڪ لڳڻ سان هو مري پوي، تہ انهيءَ جي خون جو ڏوهہ مٿس نہ رکيو وڃي. پر جيڪڏهن سج اڀرڻ کان پوءِ کيس چوري ڪندي پڪڙي ۽ ماري وجھيس تہ مٿس خون جو ڏوهہ رکيو وڃي. 5 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي چوپائي مال کي ٻنيءَ يا انگورن جي باغ ۾ چرڻ لاءِ ڇوڙي ڇڏي، پر اهو وڃي ڪنهن جي ٻنيءَ کي ڀيلي ڇڏي، تہ کيس پنهنجي ٻنيءَ يا انگورن جي باغ جي ڀلي ۾ ڀلي پيداوار مان عيوضو ڀري ڏيڻو پوندو. 6 جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي ٻاريل باهہ ڀڙڪو کائي ڪنڊن کي وڃي لڳي، جنهن ڪري ڪنهن جا اناج جا انبار يا سندس اناج جي بيٺل پوک يا سڄو فصل سڙي وڃي، تہ جنهن اها باهہ ٻاري هجي سو انهيءَ جو عيوضو ڀري ڏئي. 7 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪي روڪ پئسا يا ڪو ٻيو سامان امانتطور رکڻ لاءِ ڏئي ۽ اهي انهيءَ ماڻهوءَ جي گھر مان چورائجي وڃن، تہ پوءِ جيڪڏهن چور هٿ اچي تہ اهو چور انهيءَ کان ٻيڻو عيوضو ڀري ڏئي. 8 پر جيڪڏهن چور هٿ نہ اچي تہ اهو ماڻهو جنهن وٽ سامان رکيل هو، سو مون خدا کي شاهد بڻائي قسم کڻي تہ هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مال کي هٿ ڪونہ لاتو آهي. 9 خيانت واري هر ڪنهن معاملي ۾ توڙي اهو ڍڳي جو هجي يا گڏهہ جو، رڍ جو هجي يا ڪپڙن جو يا وري ڪنهن ٻيءَ گم ٿيل شيءِ جو، جنهن بابت ٻن ماڻهن مان هر ڪو چوي تہ ’هيءَ منهنجي آهي،‘ تنهن لاءِ ٻئي ڄڻا مون خدا کي شاهد بڻائي قسم کڻن. انهن مان جنهن کي آءٌ ڏوهاري قرار ڏيندس سو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ٻيڻو عيوضو ڀري ڏيندو. 10 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪو ڍڳو يا گڏهہ، يا رڍ، يا ڪو ٻيو جانور امانتطور رکڻ لاءِ ڏئي ۽ ڪنهن شاهد جي ڏسڻ کان سواءِ اهو مري وڃي، يا ڌڪجي پوي، يا چورائجي وڃي، 11 تہ انهن جي وچ ۾ مون خداوند کي شاهد بڻائي قسم سان فيصلو ڪيو وڃي، تہ هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مال کي هٿ نہ لاتو آهي. مالڪ اهو قسم قبول ڪندو ۽ اهو ماڻهو عيوضو نہ ڀريندو. 12 پر جيڪڏهن جانور هن وٽان چورائجي ويو هجي، تہ پوءِ هو انهيءَ جي مالڪ کي عيوضو ڀري ڏيندو. 13 جيڪڏهن انهيءَ کي جھنگلي جانورن ماري ڇڏيو هجي، تہ ان جو بچيل حصو شاهديءَ جي لاءِ کڻي اچي، پوءِ انهيءَ جي لاءِ کيس عيوضو ڀرڻو نہ پوندو. 14 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کان ڪو جانور اڌارو وٺي ۽ مالڪ جي غير حاضريءَ ۾ اهو ڌڪجي پوي يا مري وڃي تہ اهو ماڻهو انهيءَ جو عيوضو ضرور ڀري ڏيندو. 15 پر جيڪڏهن انهيءَ جو مالڪ ساڻس گڏ هوندو تہ پوءِ هن کي عيوضو ڀرڻو نہ پوندو. جيڪڏهن اهو جانور ڀاڙي تي آندل هجي تہ انهيءَ جو نقصان سندس ڀاڙي ۾ اچي ويو.“ اخلاقي ۽ مذهبي قانون 16 ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ کي جيڪا مڱيل نہ هجي، ڌُتاري وڃي ساڻس سمهي، تہ هو ضرور انهيءَ لاءِ ڏاج ڏيئي ساڻس شادي ڪري. 17 جيڪڏهن انهيءَ ڇوڪريءَ جو پيءُ کيس انهيءَ جي ٻانهن ڏيڻ لاءِ بلڪل راضي نہ ٿئي، تہ هو ڪنوارين ڇوڪرين جي ڏاج جيترا پئسا کيس ڏئي. 18 اوهين ڪنهن بہ جادوگرياڻيءَ کي جيئرو نہ ڇڏجو. 19 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن جانور سان بدفعلي ڪري تہ اهو ضرور ماريو وڃي. 20 جيڪو مون هڪڙي خداوند کان سواءِ ڪنهن ٻئي معبود جي لاءِ قرباني ڪري، تنهن کي بلڪل تباهہ ڪيو وڃي. 21 اوهين ڪنهن ڌارئي کي نہ ستائجو، نڪي انهيءَ تي ڪو ظلم ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا هئا. 22 اوهين ڪنهن رنزال يا يتيم کي نہ ڏکوئجو. 23 جيڪڏهن اوهين انهن کي ڪنهن بہ طرح ڏکوئيندا ۽ اهي مون کي پڪاريندا، تہ آءٌ خداوند ضرور سندن پڪار ٻڌندس. 24 سو منهنجو قهر جوش ۾ ايندو ۽ آءٌ اوهان کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس. تڏهن اوهان جون زالون بيواهون ۽ ٻار يتيم ٿي ويندا. 25 جيڪڏهن اوهين منهنجي قوم مان ڪنهن غريب کي جيڪو اوهان وٽ رهي ٿو، ڪي پئسا اڌارا ڏيو، تہ لهڻيدار وانگر انهيءَ کي ڇڪ نہ ڪجو، نڪي کانئس وياج وٺجو. 26 جيڪڏهن اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ جي چادر گروي رکو بہ تہ سج لهڻ کان اڳ ۾ کيس موٽائي ڏجو، 27 ڇاڪاڻ تہ اهو ئي رڳو هن جي بدن جو اوڇڻ آهي. پوءِ هو ڇا ۾ سمهندو؟ سو جيڪڏهن هن مون کي پڪاريو تہ آءٌ سندس فرياد ٻڌندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ مهربان آهيان. 28 اوهين مون خدا بابت ڪفر نہ بڪو، نڪي پنهنجي قوم جي ڪنهن اڳواڻ جي گلا ڪجو. 29 اوهين پنهنجي فصل ۽ ميون جي رس مان مون کي نذراني ڏيڻ ۾ دير نہ ڪجو. اوهين پنهنجن پٽن مان پهريتو پٽ مون کي ڏجو. 30 اوهين پنهنجن ڏاندن ۽ رڍن سان بہ ائين ئي ڪجو. ست ڏينهن اهو ٻچو پنهنجيءَ ماءُ سان هجي ۽ اٺين ڏينهن اهو مون کي ڏجو. 31 اوهين منهنجي ئي قوم آهيو، تنهنڪري جھنگلي جانورن جو ڦاڙيل گوشت نہ کائجو، بلڪ اهو ڪتن کي اڇلائي ڏجو.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society