Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

خروج 20 - Muslim Sindhi Bible


شريعت جا ڏهہ حڪم
( شريعت جو دور 5‏:1‏-21 )

1 پوءِ خدا هي سڀ ڳالهيون فرمايون تہ

2 ”آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، جتي اوهين غلام هئا.

3 مون کان سواءِ اوهان جي لاءِ ٻيو ڪوبہ معبود نہ هجي.

4 اوهين پنهنجي لاءِ ڪابہ تراشيل مورت يا ڪنهن بہ شيءِ جي صورت نہ جوڙيو، جيڪا آسمان ۾، زمين تي يا زمين جي هيٺان پاڻيءَ ۾ آهي.

5 اوهين انهن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي جھڪي انهن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، غيرت وارو خدا آهيان. جيڪي مون سان دشمني رکندا آهن، تن جي اولاد کي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين آءٌ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا ڏيندو آهيان.

6 پر جيڪي مون کي پيار ڪندا آهن ۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا آهن، تن تي هزارين پيڙهين تائين آءٌ پنهنجي لافاني شفقت ڪندو آهيان.

7 اوهين منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا هر انهيءَ کي سزا ڏيندس جيڪو منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال ڪري ٿو.

8 اوهين سبت ملهايو ۽ ان کي رڳو خدا لاءِ وقف ڪري ڇڏيو.

9 ڇهہ ڏينهن اوهين محنت ڪري پنهنجو سڀ ڪاروبار ڪريو.

10 پر ستون ڏينهن آرام جو ڏينهن آهي، جيڪو خداوند اوهان جي خدا لاءِ وقف ٿيل آهي. انهيءَ ڏينهن ڪوبہ ڪم نہ ڪري، نہ اوهين، نہ اوهان جو پٽ، نہ اوهان جي ڌيءَ، نہ اوهان جو ٻانهو، نہ اوهان جي ٻانهي، نہ اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ نہ اوهان جي ملڪ ۾ رهندڙ ڪو ڌاريو.

11 مون خداوند، ڇهن ڏينهن ۾ آسمان، زمين، سمنڊ ۽ سڀڪا شيءِ جيڪا انهن ۾ آهي سا جوڙي، پر ستين ڏينهن مون آرام ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو مون خداوند، سبت جي ڏينهن کي برڪت ڏني آهي ۽ انهيءَ کي رڳو پنهنجي لاءِ وقف ڪيو آهي.

12 اوهين پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو، تہ جيئن انهيءَ ملڪ ۾، جيڪو آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيندس، اوهين وڏي عرصي تائين رهو.

13 اوهين خون نہ ڪريو.

14 اوهين زنا نہ ڪريو.

15 اوهين چوري نہ ڪريو.

16 اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ تي ڪوڙي شاهدي نہ ڏيو.

17 اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ جي گھر جي لالچ نہ ڪريو، نہ سندس زال جي لالچ ڪريو، نڪي سندس ٻانهي، سندس ٻانهيءَ، سندس ڍڳن، سندس گڏهہ ۽ نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي ڪنهن ٻيءَ شيءِ جي لالچ ڪريو.“


ماڻهن جو ڊڄڻ
( شريعت جو دور 5‏:22‏-33 )

18 پوءِ جڏهن سڀني ماڻهن گجگوڙ ۽ نفيل جو آواز ٻڌو ۽ وڄ ۽ جبل تان دونهون اٿندي ڏٺو، تڏهن خوف کان ڏڪي ويا ۽ پري وڃي بيٺا.

19 هنن موسيٰ کي چيو تہ ”توهين اسان سان ڳالهايو تہ اسين ٻڌون، پر خدا اسان سان نہ ڳالهائي، متان اسين مري وڃون.“

20 موسيٰ کين وراڻيو تہ ”ڊڄو نہ، خدا اوهان جي رڳو آزمائش وٺڻ آيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اوهين سندس خوف رکندي گناهہ نہ ڪريو.“

21 پر تڏهن بہ ماڻهو پري ئي بيٺا رهيا ۽ موسيٰ پاڻ انهيءَ گھاٽي ڪڪر جي ويجھو ويو، جنهن ۾ خدا هو.


قربان‌گاهہ بابت قانون

22 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’اوهان پاڻ ڏٺو آهي تہ مون خداوند، آسمان مان اوهان سان ڳالهايو آهي.

23 اوهين پنهنجي لاءِ سون يا چانديءَ جا معبود ٺاهي، انهن کي مون سان گڏ شريڪ نہ ڪريو.

24 اوهين منهنجي لاءِ مٽيءَ جي هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهجو. انهيءَ تي پنهنجين ساڙڻ وارين قربانين ۽ پنهنجي سلامتيءَ جي قربانين ڪرڻ واسطي پنهنجيون رڍون ٻڪريون ۽ ڏاند ڳئون قربان ڪجو. هر انهيءَ جاءِ تي جيڪا آءٌ پنهنجي عبادت لاءِ مقرر ڪندس، اُتي آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ اوهان کي برڪت ڏيندس.

25 جيڪڏهن اوهين منهنجي لاءِ پٿر جي قربان‌گاهہ ٺاهيو، تہ گھڙيل پٿر جي نہ ٺاهجو، ڇاڪاڻ تہ جڏهن اوهين پٿر تي ڇيڻي وهائيندا تہ انهيءَ کي ناپاڪ ڪري وجھندا.

26 منهنجي قربان‌گاهہ تي اوهين ڏاڪڻ تي چڙهي نہ وڃجو، متان اوهان جي اوگھڙ انهيءَ تي ظاهر ٿئي.‘“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan