خروج 17 - Muslim Sindhi Bibleٽڪريءَ مان پاڻي نڪرڻ ( ڳاڻاٽو 20:1-13 ) 1 پوءِ بني اسرائيل جي سڄي قوم سين جي بيابان مان رواني ٿي ۽ خداوند جي حڪم موجب مسافري ڪندي رفيديم ۾ اچي منزل ڪيائون. اتي ماڻهن جي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونہ هو. 2 تنهنڪري ماڻهو موسيٰ سان وڙهڻ لڳا ۽ چيائونس تہ ”اسان کي پاڻي ڏي تہ پيئون.“ تڏهن موسيٰ کين چيو تہ ”اوهين مون سان ڇو ٿا وڙهو؟ ڇو ٿا خداوند کي آزمايو؟“ 3 پر ماڻهو تمام اڃايل هئا، تنهنڪري موسيٰ جي خلاف ڪرڪڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ ”تو اسان کي مصر کان هتي انهيءَ لاءِ آندو آهي ڇا تہ اسين، اسان جا ٻار ۽ اسان جو چوپايو مال اُڃ جي ڪري مرون؟“ 4 تڏهن موسيٰ خداوند کي پڪاري چيو تہ ”آءٌ هنن ماڻهن سان ڇا ڪريان؟ اهي تہ مون کي ذري گھٽ سنگسار ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن.“ 5 خداوند موسيٰ کي وراڻيو تہ ”بني اسرائيل جي ڪجھہ اڳواڻن کي پاڻ سان کڻ ۽ پنهنجي اها لٺ، جيڪا تو نيل درياءَ تي هنئي هئي، سا بہ پنهنجي هٿ ۾ کڻي ماڻهن جي اڳيان ٿي هل. 6 آءٌ اتي سينا جبل جي ڀرسان ٽڪريءَ تي تنهنجي سامهون بيٺو هوندس. تون انهيءَ ٽڪريءَ کي اچي ڌڪ هڻجانءِ تہ انهيءَ مان ماڻهن جي پيئڻ لاءِ پاڻي نڪرندو.“ سو موسيٰ بني اسرائيل جي اڳواڻن جي روبرو ائين ئي ڪيو. 7 انهيءَ سبب هن انهيءَ جاءِ جو نالو مساہ ۽ مريباہ رکيو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل اتي ساڻس وڙهيا هئا ۽ ائين چئي خداوند کي آزمايو هئائون تہ ”ڏسون تہ خداوند اسان جي وچ ۾ آهي يا نہ؟“ عماليقين تي فتح 8 اهي اڃا رفيديم ۾ ئي هئا تہ عماليق قوم وارا آيا ۽ بني اسرائيل سان اچي جنگ ڪيائون. 9 موسيٰ يشوع کي چيو تہ ”اسان مان ڪجھہ ماڻهو چونڊي ڪڍ ۽ وڃي عماليقين سان وڙهہ. سڀاڻي آءٌ خدا جي لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻي انهيءَ ٽڪر جي چوٽيءَ تي بيهندس.“ 10 سو يشوع ائين ئي ڪيو جيئن موسيٰ حڪم ڏنو هئس. هن وڃي عماليقين سان ويڙهہ ڪئي. انهيءَ مهل موسيٰ، هارون ۽ حور ٽڪر جي چوٽيءَ تي چڙهي ويا. 11 جيستائين موسيٰ پنهنجو هٿ مٿي کنيو ٿي رهيو، تيستائين بني اسرائيل غالب پئي ٿيا، پر جڏهن هن پنهنجو هٿ هيٺ ٿي ڪيو، تڏهن عماليقي غالب پئي ٿيا. 12 سو جڏهن موسيٰ جا هٿ ٿڪجڻ لڳا، تڏهن هارون ۽ حور هڪڙو پٿر کڻي آيا ۽ موسيٰ انهيءَ تي ويهي رهيو. پوءِ هو ٻئي سندس هٿ جھلي بيٺا، هڪڙو هڪڙي پاسي کان ۽ ٻيو ٻئي پاسي کان. اهڙيءَ طرح سج لٿي تائين هن جا هٿ مٿي ئي رهيا. 13 تنهنڪري عماليقين کي يشوع تلوار جي ڌار سان شڪست ڏني. 14 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”انهيءَ فتح جو احوال لکي ڇڏ ۽ يشوع کي ٻڌائي ڇڏ تہ آءٌ عماليقين جو نالو نشان هن دنيا مان مِٽائي ڇڏيندس.“ 15 اتي موسيٰ هڪڙي قربانگاهہ بڻائي، جنهن جو نالو ”خداوند منهنجو جھنڊو“ رکيائين. 16 موسيٰ چيو تہ ”عماليقين خداوند جي تخت جي برخلاف هٿ کنيو هو، سو خداوند ساڻن پيڙهي بہ پيڙهي جنگ ڪندو رهندو.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society