Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

خروج 14 - Muslim Sindhi Bible


ڳاڙهو سمنڊ پار ڪرڻ

1 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ

2 ”بني اسرائيل کي حڪم ڏي تہ اهي پٺتي موٽي مجدال ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي وچ تي في‌هخيروت وٽ بعل‌صفون جي اڳيان سمنڊ جي ڪناري تي منزل ڪن.

3 فرعون بني اسرائيل جي باري ۾ چوندو تہ اهي بيابان ۾ گھيرجي پيا آهن ۽ اتي ڦاسي ويا آهن.

4 آءٌ فرعون جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو اوهان جي پٺيان پوندو. تڏهن فرعون ۽ سندس سڄي لشڪر تي منهنجي فتح سان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو ۽ مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“ سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو.

5 جڏهن مصر جي بادشاهہ کي اها خبر پيئي تہ اهي ماڻهو ڀڄي ويا آهن، تڏهن فرعون ۽ سندس نوڪرن جي دل انهن ماڻهن جي خلاف ڦيرو کاڌو ۽ هو چوڻ لڳا تہ ”اسان هي ڇا ڪيو جو بني اسرائيل کي پنهنجي غلاميءَ مان نڪري وڃڻ ڏنوسين؟“

6 سو فرعون پنهنجي گاڏي تيار ڪرائي ۽ پنهنجي فوج کي پاڻ سان کنيائين.

7 هن ڇهہ سؤ چونڊيل جنگي گھوڙي گاڏين سان گڏوگڏ مصر جون ٻيون سموريون عام جنگي گھوڙي گاڏيون بہ پاڻ سان کنيون، جن تي فوجي سالار نگران هئا.

8 خداوند مصر جي بادشاهہ فرعون جي دل سخت ڪئي. سو هو بني اسرائيل جي پٺيان ڪاهي پيو، ڇاڪاڻ تہ اهي سندس وٽان وڏي دليريءَ سان نڪري ويا هئا.

9 مصري فوج فرعون جي سڀني گھوڙن، گاڏين ۽ سوارن سميت انهن جي پٺيان پيئي. هو اتي اچي پهتا جتي بني اسرائيل سمنڊ جي ڪناري تي في‌هخيروت وٽ، بعل‌صفون جي سامهون منزل ڪيو ويٺا هئا.

10 جڏهن فرعون ويجھو اچي پهتو ۽ بني اسرائيل ڏٺو تہ مصري سندن پٺيان ڪاهيندا پيا اچن، تڏهن هو ڏاڍا اچي ڊنا ۽ خداوند کي مدد لاءِ پڪارڻ لڳا.

11 هنن موسيٰ کي چيو تہ ”مصر ۾ قبرون ڪين هيون ڇا جو تون اتان اسان کي هن رڻ‌پٽ ۾ مرڻ لاءِ وٺي آيو آهين؟ تو اسان سان هي ڇا ڪيو جو اسان کي مصر مان ڪڍي آئين.

12 اسان تو کي مصر ۾ ائين ڪين چيو هو ڇا تہ اسان کي ڇڏي ڏي تہ ڀلي پيا مصرين جي غلامي ڪريون؟ اسان جي لاءِ هن رڻ‌پٽ ۾ مرڻ کان مصرين جي غلامي ڪرڻ بهتر ٿئي ها.“

13 تڏهن موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”ڊڄو نہ، بيٺا رهو ۽ خداوند جو ڇڏائڻ ڏسو جيڪو اڄ ئي اوھان لاءِ ٿيندو. اوهين جن مصرين کي اڄ ڏسي رهيا آهيو، تن کي وري ڪڏهن بہ ڪين ڏسندا.

14 خداوند اوهان جي طرفان پاڻ جنگ ڪندو. اوهين ماٺ ڪري ويٺا هجو.“

15 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون منهنجي آڏو مدد لاءِ ڇو ٿو پڪارين؟ بني اسرائيل کي چئُہ تہ اهي اڳتي هلن.

16 تون پنهنجي لٺ کڻي پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگھير تہ پاڻي ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي، تہ جيئن بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگھي وڃن.

17 آءٌ مصرين جي دلين کي سخت ڪندس ۽ اهي سندن پٺيان ڪاهي ايندا. تڏهن فرعون تي، سندس سڄي لشڪر تي، سندس جنگي گھوڙي گاڏين تي ۽ سندس گھوڙي سوارن تي منهنجي فتح سان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو.

18 جڏهن آءٌ انهن تي فتح حاصل ڪندس، تڏهن مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“

19 تنهن کان پوءِ خدا جو ملائڪ جيڪو بني اسرائيل جي لشڪر جي اڳيان هلندو رهندو هو، سو ڦري انهن جي پٺيان هلڻ لڳو. ڪڪر جو ٿنڀو بہ هنن جي اڳ کان نڪري سندن پٺيان آيو.

20 اهو مصرين جي لشڪر ۽ بني اسرائيل جي لشڪر جي وچ ۾ وڃي بيٺو. اهو مصرين جي لاءِ اونداهو ڪڪر هو، پر بني اسرائيل جي لاءِ رات جو روشني ڏيندڙ هو. تنهنڪري سڄي رات ٻئي لشڪر هڪٻئي کي ويجھو اچي نہ سگھيا.

21 موسيٰ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگھيريو تہ خداوند سڄي رات اوڀر جو تيز واءُ گھلايو ۽ سمنڊ کي پوئتي هٽائي ڇڏيو، ايتري قدر جو اهو سڪي زمين ٿي پيو ۽ پاڻي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو.

22 بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگھي ويا. هنن جي ٻنهي پاسن کان پاڻي ڀت وانگر ٿي پيو.

23 مصري بہ انهن جي پٺيان ڪاهي پيا ۽ فرعون جا سڀ گھوڙا، گاڏيون ۽ سوار سندن پٺيان سمنڊ جي وچ ۾ آيا.

24 صبح جو پرهہ ڦٽڻ کان اڳ خداوند باهہ ۽ ڪڪر جي ٿنڀي منجھان مصرين جي لشڪر ڏانهن نهاريو ۽ انهن جي لشڪر کي مونجھاري ۾ وجھي ڇڏيائين.

25 هنن جي گاڏين جا ڦيٿا ڦاسائي ڇڏيائين، جنهنڪري اهي تمام مشڪل سان ٿي هليون. تڏهن مصري چوڻ لڳا تہ ”اچو تہ بني اسرائيل کان ڀڄي نڪرون، ڇاڪاڻ تہ خداوند انهن جي پاران اسان سان وڙهي ٿو.“

26 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”پنهنجو هٿ سمنڊ جي مٿان ڊگھير تہ پاڻي موٽي مصرين، سندن گاڏين ۽ سوارن جي مٿان اچي.“

27 موسيٰ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگھيريو ۽ پرهہ ڦٽڻ وقت سمنڊ ڦري پنهنجي اصلي حالت تي اچي بيٺو. مصرين پاڻيءَ کان بچي نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر خداوند کين سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙي ڇڏيو.

28 سو پاڻي موٽي آيو ۽ گاڏين، سوارن ۽ فرعون جي سڄي لشڪر کي، جيڪو هنن جي پٺيان ڪاهي سمنڊ جي وچ ۾ آيو هو ٻوڙي ڇڏيائين. انهن منجھان هڪڙو بہ ڪونہ بچيو.

29 پر بني اسرائيل سمنڊ جي وچ ۾ بہ سڪيءَ زمين تي پنڌ ڪيو ۽ پاڻي هنن جي ٻنهي پاسن کان ڀت وانگر بيٺو هو.

30 اهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ ڏينهن بني اسرائيل کي مصرين جي هٿان بچايو ۽ بني اسرائيل مصرين کي سمنڊ جي ڪناري تي مئل ڏٺو.

31 جڏهن بني اسرائيل اها عظيم قدرت، جيڪا خداوند مصرين تي ظاهر ڪئي سا ڏٺي، تڏهن اهي خداوند کان ڊنا. انهيءَ سبب هنن خداوند تي ۽ سندس ٻانهي موسيٰ تي ڀروسو ڪيو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan