خروج 12 - Muslim Sindhi Bibleعيد فصح 1 پوءِ مصر جي ملڪ ۾ ئي خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ 2 ”هي مهينو اوهان جي لاءِ سال جو پهريون مهينو ٿيندو. 3 اوهين بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم کي هدايت ڏيو تہ هن مهيني جي ڏهين تاريخ، هر ڪنهن ڪٽنب جو وڏو پنهنجي پنهنجي گھر لاءِ هڪڙو گھيٽو چونڊي. 4 جيڪڏهن سندس ڪٽنب ايترو ننڍو هجي جو سڄو گھيٽو کائي نہ سگھي، تہ پوءِ هو پنهنجي ويجھي پاڙيسريءَ سان گڏجي ڀاتين جي تعداد موجب هڪ گھيٽو چونڊي. هر هڪ ماڻهوءَ جي کائڻ جي مقدار موجب گھيٽي جو حساب ڪيو وڃي. 5 انهيءَ لاءِ رڍن مان گھيٽو چونڊيو وڃي يا ٻڪرين مان ڇيلو، پر اهو هڪ سال جو، نر ۽ بيعيب هئڻ گھرجي. 6 هر ڪٽنب ان کي ساڳئي مهيني جي چوڏهين تاريخ تائين پاڻ وٽ حفاظت ۾ رکي. پوءِ انهيءَ ڏينهن شام جي وقت بني اسرائيل جو هر ڪٽنب انهيءَ کي ذبح ڪري. 7 هو انهيءَ جو ٿورو رت کڻي جن گھرن ۾ اهو کاڌو وڃي تن جي درن جي پاسن وارين ٻانهين ۽ سردرن تي لڳائين. 8 انهيءَ ئي رات هو ان جي گوشت کي باهہ تي رکي پچائي، اهو بيخميري مانيءَ ۽ ڪؤڙي ڀاڄيءَ سان گڏ کائين. 9 ڪوبہ انهيءَ گوشت کي ڪچو نہ کائي، نہ ئي وري ان کي پاڻيءَ ۾ اوٻاري کائي. پر انهيءَ کي منڍيءَ، پاون ۽ آنڊن سميت باهہ تي رکي پچائي کاڌو وڃي. 10 انهيءَ مان صبح تائين ڪجھہ بہ نہ بچايو وڃي. پر جيڪڏهن ڪجھہ بچي پوي تہ اهو ساڙي ڇڏجي. 11 بني اسرائيل مان هر ڪو اهو هن طرح کائي جو سفر لاءِ سندس سندرو ٻڌل هجي، سندس پيرن ۾ جتي هجي ۽ هٿ ۾ لٺ هجيس. هر ڪو اهو تڪڙ ۾ کائي وٺي. اها فصح نالي پاڪ عيد آهي، جيڪا آءٌ خداوند مقرر ڪريان ٿو. 12 انهيءَ ئي رات آءٌ مصر جي ملڪ مان لنگھندس ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي بہ ماڻهن جا پهريتا پٽ يا جانورن جا پهريتا نر ٻچا هوندا، تن سڀني کي ماري ڇڏيندس. مصر جي سڀني معبودن کي بہ سزا ڏيندس. آءٌ خداوند آهيان. 13 جن گھرن ۾ بني اسرائيل وارا رهن ٿا، تن جي دروازن تي لڳل اهو رت هڪڙو نشان هوندو. آءٌ اهو رت ڏسي کين ڇڏي لنگھي ويندس. جڏهن آءٌ مصر جي ملڪ وارن کي ماريندس، تڏهن ڪابہ آفت بني اسرائيل کي برباد ڪرڻ لاءِ مٿن نہ ايندي. 14 اهو ڏينهن بني اسرائيل کي هميشہ ياد رهي، بلڪ هو ان کي مون خداوند جي عيد جو ڏينهن سمجھي ملهائين ۽ هر سال پيڙهي بہ پيڙهي انهيءَ ڏينهن تي عيد ڪندا رهن.“ بيخميري مانيءَ جي عيد لاءِ حڪم 15 خداوند کين بني اسرائيل لاءِ وڌيڪ فرمايو تہ ”انهيءَ ئي ڏينهن کان وٺي ستن ڏينهن تائين اوهين بيخميري ماني کائجو. اوهين عيد جي پهرئين ئي ڏينهن خمير پنهنجن گھرن مان ڪڍي ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهو پهرئين ڏينهن کان وٺي ستين ڏينهن تائين ڪڏهن بہ خميري ماني کائيندو، تہ انهيءَ کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو. 16 پهرئين ڏينهن تي ۽ وري ستين ڏينهن تي عبادت لاءِ اوهان جي گڏجاڻي ٿيندي. انهن ٻنهي ڏينهن تي کاڌي تيار ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪيو وڃي. 17 اها بيخميري مانيءَ جي عيد اوهين هميشہ ڪندا رهجو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ خاص ڏينهن تي مون اوهان جي سڀني قبيلن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو. تنهنڪري اوهين پيڙهي بہ پيڙهي انهيءَ ڏينهن کي عيد جو ڏينهن ڪري ملهائيندا رهجو. 18 پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ شام کان وٺي ايڪيهين تاريخ شام تائين اوهين جيڪا ماني کائو، تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي. 19-20 ستن ڏينهن تائين اوهان جي گھرن ۾ رڳو بيخميري ماني ئي کاڌي وڃي، بلڪ خمير جو نالو ئي نہ هجي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو بہ ماڻهو ڪا خميري شيءِ کائيندو، تنهن کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو، پوءِ اهو بني اسرائيل قوم وارو هجي توڙي اوهان جي قوم ۾ شامل ٿيل ڪو ڌاريو هجي.“ پهرين عيد فصح 21 ان کان پوءِ موسيٰ بني اسرائيل جي سڀني اڳواڻن کي گھرائي چيو تہ ”اوهان مان هر هڪ پنهنجي ڪٽنب مطابق هڪ هڪ گھيٽو چونڊي ۽ انهيءَ کي فصح جي عيد ملهائڻ لاءِ وڃي ذبح ڪري. 22 انهيءَ جو رت ٿالهہ ۾ رکي اوهين زوفا ٻوٽي جو هڪڙو ڇڳو انهيءَ رت مان ٻوڙي پنهنجي پنهنجي ٻاهرين در جي ٻانهين ۽ سردرن تي لڳائجو. پوءِ صبح تائين اوهان مان ڪوبہ پنهنجي گھر جي در کان ٻاهر نہ نڪري. 23 جڏهن خداوند مصرين کي مارڻ لاءِ ملڪ مان لنگھندو ۽ در جي ٻنهي ٻانهين ۽ سردرن تي رت ڏسندو، تڏهن خداوند انهيءَ در کي ڇڏي لنگھي ويندو. هو موت جي فرشتي کي اوهان جي گھرن ۾ اوهان کي مارڻ لاءِ اچڻ ڪين ڏيندو. 24 اوهين ۽ اوهان جو اولاد عيد جي انهيءَ دستور تي هميشہ عمل ڪندا رهجو. 25 جڏهن اوهين انهيءَ ملڪ ۾ داخل ٿيو، جنهن جي ڏيڻ جو خداوند اوهان سان واعدو ڪيو هو، تڏهن اوهين اها رسم ادا ڪندا رهجو. 26 پوءِ جڏهن اوهان جو اولاد اوهان کان پڇي تہ ’انهيءَ رسم مان اوهان جو ڪهڙو مقصد آهي؟‘ 27 تڏهن اوهين کين ٻڌائجو تہ ’هيءَ خداوند واسطي فصح جي قرباني آهي، ڇاڪاڻ تہ هو مصر ۾ مصرين کي ماريندي وقت اسان بني اسرائيل جي گھرن وٽان لنگھي ويو ۽ اسان کي ڇڏي ڏنائين.‘“ تڏهن بني اسرائيل جي ماڻهن زمين تي جھڪي خداوند آڏو سجدو ڪيو. 28 پوءِ بني اسرائيل وڃي ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند موسيٰ ۽ هارون کي حڪم ڏنو هو. ڏهين آفت، پهريتن جو موت 29 جڏهن اڌ رات ٿي تہ خداوند مصر وارن جي سڀني پهريتن پٽن کي، فرعون جيڪو تخت تي ويٺو هو تنهن جي پهريتي پٽ کان وٺي انهيءَ قيديءَ جي پهريتي پٽ تائين جيڪو قيدخاني ۾ هو ماري ڇڏيو. خداوند چوپائي مال جي پهريتن نر ٻچن کي بہ ماري ڇڏيو. 30 انهيءَ رات فرعون، سندس عملدار ۽ سڀيئي مصري جاڳي اٿيا ۽ مصر ۾ ڏاڍو ماتم مچي ويو، ڇاڪاڻ تہ ڪو گھر اهڙو ڪونہ هو جنهن ۾ موت نہ ٿيو هجي. 31 تڏهن ساڳيءَ رات جو ئي فرعون موسيٰ ۽ هارون کي گھرائي چيو تہ ”هليا وڃو، اوهين ٻئي بني اسرائيل جي ماڻهن کي وٺي منهنجي ماڻهن منجھان نڪري وڃو. جيئن اوهان چيو پئي تيئن وڃي پنهنجي خداوند جي عبادت ڪريو. 32 جيئن اوهان چيو پئي تيئن پنهنجيون رڍون، ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا بہ ڪاهي وڃو. منهنجي لاءِ بہ برڪت گھرجو.“ 33 مصرين انهن ماڻهن تي جلد کان جلد ملڪ مان نڪري وڃڻ تي زور ٿي لاتو. هنن کين چيو ٿي تہ ”جيڪڏهن اوهين نہ نڪرندا تہ اسين سڀ مري وينداسين.“ 34 سو انهن ماڻهن پنهنجو ڳوهيل اٽو، خمير ٿي وڃڻ کان اڳ ٿالهن سميت پنهنجن ڪپڙن ۾ ٻڌي پنهنجن ڪلهن تي کنيو. 35 بني اسرائيل جي ماڻهن موسيٰ جي چوڻ موجب مصرين کان سون ۽ چانديءَ جا زيور ۽ ڪپڙا گھري ورتا هئا. 36 خداوند انهن ماڻهن کي مصرين جي نظر ۾ اهڙي حشمت بخشي جو هنن جيڪي بہ گھريو سو کين ڏنائون. اهڙيءَ طرح بني اسرائيل جي ماڻهن مصرين کي ڄڻ ڦريو لٽيو. بني اسرائيل جو مصر مان روانو ٿيڻ 37 پوءِ بني اسرائيل رعمسيس شهر کان سُڪات ڏانهن پيادل سفر ڪيو. انهن ۾ عورتن ۽ ٻارن کان سواءِ رڳو مردن جو تعداد ڇهہ لک هو. 38 ٻين قومن جو هڪ وڏو انبوهہ بہ ساڻن گڏ روانو ٿيو. ان کان سواءِ گھڻيون ئي رڍون، ٻڪريون ۽ ٻيو چوپايو مال ساڻن گڏ هو. 39 انهن جيڪو ڳوهيل اٽو مصر مان آندو هو، تنهن مان بيخميري ماني پچايائون، ڇاڪاڻ تہ اهو اٽو خمير ٿيل نہ هو. جيئن تہ هنن کي اوچتو مصر مان زبردستيءَ ڪڍيو ويو هو، سو کين خمير ملائڻ جو بہ وقت نہ مليو، نڪي پنهنجي لاءِ ڪو کاڌو تيار ڪري سگھيا. 40 بني اسرائيل کي مصر ۾ رهندي چار سؤ ٽيهہ سال گذري ويا هئا. 41 انهن چار سؤ ٽيهن سالن گذرڻ کان پوءِ انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي خداوند جي قوم جا سڀ قبيلا مصر جي ملڪ مان نڪري ٻاهر ٿيا. 42 اها ئي رات هئي جڏهن خداوند بني اسرائيل کي پنهنجي نگهبانيءَ ۾ مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو. هيءَ ئي رات آهي جا خداوند لاءِ وقف ٿيل آهي ۽ اها سڄي بني اسرائيل کي سندن سڀني پيڙهين تائين ملهائڻي آهي. عيد فصح بابت قاعدا 43 پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ ”عيد فصح جا قاعدا هي آهن. بني اسرائيل کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو عيد فصح جي ماني نہ کائي. 44 پر اوهان جو هر اهو زرخريد غلام جنهن جو طهر ٿيل هجي، سو اها کائي سگھي ٿو. 45 باقي ڪوبہ ڌاريو، توڙي اوهان جو پگھاردار نوڪر ئي ڇو نہ هجي سو اها اصل نہ کائي. 46 عيد فصح جي ماني جنهن گھر ۾ تيار ڪئي وڃي، سموري اتي ئي کائجي. انهيءَ جي گوشت مان ڪجھہ بہ گھر کان ٻاهر کڻي نہ وڃجي، نڪي انهيءَ جو ڪو هڏو ڀڃجي. 47 بني اسرائيل جي سڄي قوم هيءَ عيد ملهائي. 48 جيڪڏهن ڪو ڌاريو توهان وٽ رهي ٿو ۽ هو خداوند جي هن عيد فصح ۾ شريڪ ٿيڻ چاهي ٿو، تہ پهريائين سندس گھر جا سڀيئي مرد طهر ڪرائين، پوءِ هو ويجھا اچي عيد فصح ۾ شريڪ ٿين. اهڙيءَ طرح هو اوهان جي ملڪ ۾ ڄاول ماڻهوءَ جهڙا ليکجڻ ۾ ايندا. پر ڪوبہ اڻطهريل ماڻهو عيد فصح جي ماني کائي نہ ٿو سگھي. 49 اوهان جي ملڪ ۾ ڄاول ماڻهوءَ لاءِ توڙي ڌارئيءَ لاءِ، جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو، ساڳيا ئي قاعدا لاڳو آهن.“ 50 سو سڄي بني اسرائيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ ۽ هارون کي حڪم ڏنو هو. 51 انهيءَ ساڳئي ڏينهن خداوند بني اسرائيل جي سموري قوم کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر آندو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society