Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

خروج 1 - Muslim Sindhi Bible


بني اسرائيل تي مصر ۾ ظلم

1 اسرائيل يعني يعقوب جا پٽ، جيڪي پنهنجي پنهنجي ڪٽنب کي وٺي ساڻس گڏجي مصر ۾ آيا، تن جا نالا هي آهن:

2 روبن، شمعون، لاوي ۽ يهوداہ،

3 اِسڪار، زبولون ۽ بنيامين،

4 دان، نفتالي، جد ۽ آشر.

5 اهي سڀ ماڻهو جيڪي يعقوب جي نسل مان پيدا ٿيا سي ستر هئا. سندس پٽ يوسف اڳ ۾ ئي مصر ۾ هو.

6 وقت گذرڻ سان يوسف، سندس ڀائر ۽ انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀيئي ماڻهو فوت ٿي ويا.

7 پر سندن نسل يعني اسرائيل جو اولاد ڦلدار ٿيندو ۽ گھڻو وڌندو رهيو. هو نهايت طاقت وارو ٿيو ۽ اهو ملڪ انهن سان ڀرجي ويو.

8 تڏهن مصر ۾ ٻئي فرعون بادشاهہ زور ورتو، جيڪو يوسف جي باري ۾ ڪجھہ نہ ڄاڻيندو هو.

9 هن پنهنجي ماڻهن کي چيو تہ ”ڏسو، بني اسرائيل جي قوم اسان کان شمار ۽ زور ۾ گھڻي وڌي ويئي آهي.

10 تنهنڪري اچو تہ ساڻن چالاڪيءَ سان هلون، متان اهي اڃا بہ وڌي وڃن ۽ پوءِ جڏهن ڪا جنگ لڳي تڏهن اهي وڃي اسان جي دشمنن سان گڏجي اسان سان وڙهن ۽ ملڪ مان نڪري وڃن.“

11 سو مصرين کين پيڙڻ لاءِ مٿن رکوالا مقرر ڪيا تہ جيئن اهي کين بيگر ۾ وهائين. اهڙيءَ طرح هنن فرعون جي لاءِ ذخيري ڪرڻ جا شهر پتوم ۽ رعمسيس اڏيا.

12 پر جيئن جيئن مصري کين وڌيڪ تڪليفون ڏيڻ لڳا، تيئن تيئن اهي وڌندا ۽ ملڪ ۾ پکڙجندا ويا، ايتري قدر جو مصري بني اسرائيل کان ڊڄڻ لڳا.

13 تڏهن هو بني اسرائيل کان سخت پورهيو ڪرائڻ لڳا.

14 انهن کان گاري ۽ سرن ٺهرائڻ جو ڪم ۽ پنهنجين ٻنين ۾ هر قسم جو ڪم سخت محنت سان ڪرائي، کين سندن حياتيءَ کان بيزار ڪري ڇڏيائون. انهن کان جيڪو بہ پورهيو ٿي ڪرايائون سو سخت ظلم سان ٿي ڪرايائون.

15 تڏهن مصر جي بادشاهہ فرعون عبراني عورتن جي داين کي پاڻ وٽ سڏايو، جن مان هڪڙيءَ جو نالو سفرہ ۽ ٻيءَ جو پوعاہ هو.

16 کين حڪم ڏنائين تہ ”جڏهن اوهين عبراني عورتن کي ويم ڪرايو تڏهن اوهين ڏسو، جيڪڏهن پٽ ڄمي تہ انهيءَ کي ماري ڇڏجو ۽ جي ڌيءَ ڄمي تہ انهيءَ کي جيئرو ڇڏجو.“

17 پر دايون خدا کان ڊنيون ۽ جيئن بادشاهہ حڪم ڏنو هئن تيئن نہ ڪيائون ۽ پٽن کي بہ جيئرو ڇڏي ڏنائون.

18 تڏهن فرعون داين کي گھرائي چيو تہ ”توهان ائين ڇو ڪيو جو پٽن کي بہ جيئرو ڇڏي ڏنوَ؟“

19 تنهن تي داين فرعون کي وراڻيو تہ ”عبراني عورتون مصر جي عورتن وانگر نہ آهن. اُهي اهڙيون تہ صحتمند آهن جو داين جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي ويم ڪريو ڇڏين.“

20-21 انهيءَ ڳالهہ جي ڪري خدا داين سان ڀلائي ڪئي ۽ سندن گھر آباد ڪيا، جو اهي خدا کان ڊنيون هيون. سو ائين بني اسرائيل جي قوم وڌندي ۽ تمام گھڻي ٿيندي رهي.

22 تنهن کان پوءِ فرعون پنهنجي سڀني ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”عبرانين ۾ جيڪو پٽ ڄمي تنهن کي درياءَ ۾ اڇلايو ۽ جيڪا ڌيءَ ڄمي تنهن کي جيئرو ڇڏي ڏيو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan