Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

آستر 9 - Muslim Sindhi Bible


يهودين جي سوڀ

1 ٻارهين مهيني ادار جي تيرهين تاريخ تي پهرئين شاهي فرمان تي عمل ٿيڻو هو. ان ڏينهن تي يهودين جي دشمنن کي اميد هئي تہ هو کين ماري مڃائيندا، پر معاملو انهيءَ جي ابتڙ ٿي پيو ۽ يهودي پنهنجن مخالفن تي غالب اچي ويا.

2 تڏهن شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ يهودي پنهنجي پنهنجي شهر ۾ اچي گڏ ٿيا تہ جيئن سندن تباهي چاهيندڙن تي حملو ڪن. پر ڪوبہ انهن جي سامهون نہ بيهي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ ٻين قوميتن وارا کانئن ڊنل هئا.

3 صوبن جي سڀني مختيارن يعني نوابن، گورنرن ۽ شاهي منتظمين يهودين جي مدد ڪئي، ڇاڪاڻ تہ مردڪئيءَ جو رعب تاب مٿن سوار هو.

4 جيئن تہ مردڪئي شاهي محل ۾ وڏي مان ۽ مرتبي وارو سمجھيو ويندو هو ۽ هن جو ناموس سڀني صوبن ۾ پکڙجي ويو هو، سو هو وڌ کان وڌ طاقتور ٿيندو ويو.

5 يهودين پنهنجن سڀني دشمنن کي تلوار جي ڌار سان ماري مات ڪري ڇڏيو ۽ ساڻن نفرت رکندڙن سان جيئن کين وڻيو تيئن ئي ڪيائون.

6 سوسن جي شاهي قلعي ۾ بہ يهودين پنج سؤ ماڻهو ماري چٽ ڪري ڇڏيا.

7 انهن مارجي ويلن ۾ پرشنداتا، دلفون، اسپاتا،

8 پورتا، ادلياہ، اردتا،

9 پرمشتا، اريسئي، اردي، ويزاتا بہ شامل هئا.

10 اِهي يهودين جي دشمن هامان ولد همداتا جا ڏهہ پٽ هئا. پر يهودين ڦرلُٽ لاءِ پنهنجا هٿ ڪين وڌايا.

11 سوسن جي شاهي قلعي ۾ مارجي وڃڻ وارن جو تعداد ان ساڳئي ڏينهن تي شهنشاهہ کي ٻڌايو ويو.

12 سو شهنشاهہ راڻي آستر کي چيو تہ ”يهودين رڳو سوسن جي شاهي قلعي اندر هامان جي ڏهن پٽن سميت پنج سؤ ماڻهن کي ماري چٽ ڪري ڇڏيو آهي، تہ پوءِ شهنشاهت جي ٻين صوبن ۾ هنن ڇا ڇا نہ ڪيو هوندو؟ هاڻ تنهنجو ٻيو عرض ڪهڙو آهي؟ اُهو بہ پورو ڪيو ويندو. تون وڌيڪ ڇا ٿي چاهين؟ تنهنجي اها ڳالهہ پڻ قبول ڪئي ويندي.“

13 تنهن تي آستر کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن شهنشاهہ جي مرضي هجي تہ جيڪو ڪم سوسن ۾ رهندڙ يهودين اڄ ڪيو تنهن جي سڀاڻي لاءِ بہ اجازت ڏني وڃي ۽ هامان جي ڏهن ئي پٽن جا لاش ڦاهيءَ تي لڙڪايا وڃن.“

14 سو شهنشاهہ ائين ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سوسن شهر ۾ فرمان جاري ڪيو ويو ۽ هامان جي ڏهن ئي پٽن جا لاش ڦاهيءَ تي لڙڪايا ويا.

15 سوسن ۾ رهندڙ يهودي ادار مهيني جي چوڏهين تاريخ تي بہ گڏ ٿيا ۽ ٽي سؤ ماڻهن کي ماري ڇڏيائون، پر هنن ڪابہ ڦرلُٽ ڪانہ ڪئي.

16-17 شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ ٻيا جيڪي يهودي هئا سي بہ ادار مهيني جي تيرهين تاريخ تي پنهنجي حفاظت لاءِ گڏ ٿيا ۽ پنهنجن دشمنن کان سک جو ساهہ کنيائون. هنن انهن نفرت ڪندڙن مان پنجهتر هزار ماڻهن کي ماري ڇڏيو، پر ڦرلُٽ ڪين ڪيائون. چوڏهين تاريخ تي هنن اهو ڪم نہ ڪيو پر دعوتون ڪيائون ۽ خوشيون ملهايائون.

18-19 اهو ئي سبب هو جو جيڪي ٻهراڙيءَ وارا يهودي هئا سي اڄ ڏينهن تائين ادار مهيني جي چوڏهين تاريخ عيد جو ڏينهن ڪري ملهائيندا آهن ۽ هڪٻئي کي عيدون ڏيئي خوشيون ڪندا آهن. جيڪي يهودي سوسن شهر ۾ هئا سي تيرهين تاريخ کان علاوہ چوڏهين تاريخ تي بہ پنهنجي دشمنن تي حملو ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا. سو هنن پندرهين تاريخ تي اهو ڪم نہ ڪيو بلڪ دعوتون ڪندي خوشيون ملهايائون.


پُوريم عيد ملهائڻ

20 مردڪئيءَ اهي سڀ ڳالهيون لکيون ۽ شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ جيڪي اوري پري يهودي هئا تن سڀني ڏانهن خط اماڻيا.

21 انهن خطن ۾ کين لکيائين تہ اهي هر سال ادار مهيني جي چوڏهين ۽ پندرهين تاريخ تي عيد ملهائين.

22 انهيءَ ڪري جو انهن ڏينهن تي يهودين کي پنهنجن دشمنن کان آرام مليو ۽ ان مهيني ۾ سندن لاءِ ڏک بدلجي سک ٿيو ۽ سندن ماتم خوشيءَ ۾ تبديل ٿي ويو. هن انهن ڏانهن لکيو تہ هو اهي ڏينهن دعوتون کائڻ، هڪٻئي ڏانهن عيدون موڪلڻ ۽ غريبن ۾ خيراتون ڏيڻ سان ملهائين.

23 يهودين اها ڳالهہ قبول ڪئي ۽ جهڙيءَ طرح هنن اها خوشي ملهائي تهڙيءَ طرح هو مردڪئيءَ جي لکت موجب اها خوشي هر سال هميشہ لاءِ ملهائيندا رهيا.

24 سڀني يهودين جي دشمن هامان ولد همداتا اجاجيءَ، يهودين کي ناس ڪري ڇڏڻ جي رٿ رٿي هئي ۽ کين ماري صفا چٽ ڪرڻ واسطي ڏينهن مقرر ڪرڻ لاءِ ”پُوريم“ يعني ڪڻو وڌو هئائين.

25 پر جڏهن ان منصوبي جي خبر شهنشاهہ تائين پهتي تہ هن فرمان جاري ڪري يهودين خلاف اها سازش موٽائي هامان جي ڳچيءَ ۾ وڌي ۽ هامان ۽ سندس پٽن کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو.

26 انهيءَ ڪري ”پُوريم“ لفظ جي نسبت سان انهن ٻنهي ڏينهن کي پُوريم عيد جي نالي سان سڏيو ويو. مردڪئيءَ جي انهيءَ خط ۾ جيڪي لکيل هو، جيڪي هنن ڏٺو هو ۽ جيڪي ساڻن وهيو واپريو هو، تنهن سبب پڻ

27 يهودين اهو رواج قائم ڪرڻ پاڻ تي لازم ڪري ورتو تہ هو پاڻ، سندن اولاد ۽ اهي جيڪي يهودي بڻيا هئا، تن تي لازم آهي تہ هر سال اهي ٻہ ڏينهن مقرر طريقي سان ۽ مقرر وقت تي عيد ڪري ملهائيندا.

28 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن هر نسل ۾، هر خاندان، هر شهر ۽ هر صوبي ۾ اهي ڏينهن ياد رکيا وڃن ۽ ملهايا وڃن. يهودين کان پُوريم عيد جا اهي ٻئي ڏينهن ملهائجڻ کان رهجي نہ وڃن ۽ انهن جي يادگيري سندن اولاد مان اصل گم ٿي نہ وڃي.

29 راڻي آستر ولد ابيخيل مردڪئيءَ سان گڏجي پوري اختياريءَ سان ٻئي خط ۾ پُوريم عيد کي قائم رکڻ بابت لکيو.

30 شهنشاهت جي سڀني هڪ سؤ ستاويهن صوبن ۾ رهندڙ يهودين ڏانهن امن، سلامتيءَ ۽ حفاظت جي دعا جي لفظن سان ٻيا خط اماڻيا ويا.

31 مردڪئيءَ ۽ راڻي آستر کين حڪم ڪيو هو تہ جهڙيءَ طرح هنن پاڻ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي اولاد لاءِ روزا رکڻ ۽ سوڳ جا ڏينهن ملهائڻ متعلق ٺهراءُ بحال ڪيو هو، تهڙيءَ طرح اهي پُوريم عيد جا ڏينهن مقرر ڪيل وقتن تي ملهائيندي قائم رکندا اچن.

32 راڻي آستر جي حڪم سان پُوريم متعلق رسمن جي تصديق ٿي ۽ اهو ڪتاب ۾ لکيو ويو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan