Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

آستر 8 - Muslim Sindhi Bible


يهودين متعلق شهنشاهہ جو فرمان

1 انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي شهنشاهہ اخسويرس راڻي آستر کي يهودين جي دشمن هامان جي سڄي ملڪيت ڏيئي ڇڏي. راڻي آستر شهنشاهہ کي اهو پڻ ٻڌايو تہ مردڪئي سندس مائٽ آهي. سو مردڪئيءَ کي شهنشاهہ جي حضور ۾ آندو ويو.

2 تڏهن شهنشاهہ پنهنجي مُهر واري منڊي، جيڪا هامان کان واپس ورتي هئائين سا لاهي مردڪئيءَ کي ڏني. هوڏانهن آستر مردڪئيءَ کي هامان واري ملڪيت جو سنڀاليندڙ مقرر ڪيو.

3 پوءِ آستر وري بہ شهنشاهہ جي پيرن تي ڪري کيس منٿ ميڙ ڪرڻ لڳي. هن کيس روئيندي ليلائيندي چيو تہ ”هامان اجاجيءَ يهودين خلاف جيڪا بڇڙائي ۽ سازش تيار ڪئي هئي تنهن جو خاتمو آندو وڃي.“

4 تڏهن شهنشاهہ پنهنجي سوني شاهي لٺ آستر ڏانهن وڌائي تہ آستر اُٿي شهنشاهہ جي اڳيان ٿي بيٺي.

5 هوءَ کيس چوڻ لڳي تہ ”جيڪڏهن شهنشاهہ مون سان راضي آهي ۽ مون سندس نظر ۾ عزت ۽ مان لڌو آهي ۽ جيڪڏهن هو مون تي مهرباني ڪري ۽ مناسب سمجھي تہ اهڙو حڪم‌نامو جاري ڪيو وڃي جو جيڪي خط هامان ولد همداتا اجاجيءَ شهنشاهہ جي سڀني صوبن ۾ رهندڙ يهودين کي قتل ڪرڻ لاءِ روانا ڪيا هئا سي رد ڪيا وڃن.

6 انهيءَ سبب جو جيڪا مصيبت منهنجي قوم تي ايندي سا آءٌ ڪيئن پنهنجي اکين سان ڏسي سگھنديس! جيڪا تباهي وَ بربادي منهنجي مائٽن جي ٿيندي سا آءٌ ڪيئن برداشت ڪري سگھنديس!“

7 تڏهن شهنشاهہ اخسويرس راڻي آستر ۽ مردڪئي يهوديءَ کي چيو تہ ”ڏسو، جيئن تہ هامان يهودين لاءِ برو چاهيو هو، تنهنڪري مون سندس سڄي ساري ملڪيت آستر کي ڏني آهي ۽ هامان کي ڦاسي ڏني ويئي آهي.

8 تنهنڪري هاڻ، اوهان کي جيئن وڻي تيئن اوهين بہ يهودين ڏانهن مون شهنشاهہ جي نالي لکو ۽ انهيءَ تي منهنجي مهر هڻو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو بہ خط شهنشاهہ جي نالي سان لکيو ويندو آهي ۽ انهيءَ تي شهنشاهہ جي منڊيءَ جي مهر هنئي ويندي آهي، تہ انهيءَ کي ڪوبہ ماڻهو رد نہ ٿو ڪري سگھي.“

9 تڏهن انهيءَ ئي مهل شاهي منشين کي گھرايو ويو. اها ٽئين مهيني يعني سَيوان مهيني جي ٽيويهين تاريخ هئي. هنن مردڪئيءَ جا سمورا حڪم هندستان کان وٺي سوڊان ملڪ جي يهودين، گورنرن، حاڪمن ۽ صوبن جي عملدارن ڏانهن موڪلي ڏنا. اهي حڪم شهنشاهت جي سڀني هڪ سؤ ستاويهہ صوبن ڏانهن هر هڪ قوم جي رسم‌الخط ۽ ٻوليءَ ۾ ۽ يهودين ڏانهن سندن رسم‌الخط ۽ ٻوليءَ ۾ پڻ لکيا ويا.

10 مردڪئيءَ اهو فرمان شهنشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيو، جنهن تي شهنشاهہ جي منڊيءَ سان مهر هنيائين. پوءِ اهي خط شاهي گھوڙي سوار ٽپالين جي هٿان ڏياري موڪليائين، جيڪي تيز رفتار گھوڙن تي چڙهي روانا ٿي ويا.

11 انهن خطن ۾ لکيل شاهي فرمان مطابق هر شهر جي يهودين کي اها اجازت مليل هئي تہ اهي پاڻ ۾ گڏ ٿي پنهنجو بچاءُ ڪن. جيڪڏهن ڪنهن بہ قوم جو ڪوبہ لشڪر مٿن حملو ڪري تہ هو انهيءَ لشڪر، سندن عورتن ۽ سندن ٻارن تي حملو ڪري کين ماري ڇڏين ۽ ناس ڪن ۽ انهن جو مال ملڪيت لٽي پنهنجي قبضي هيٺ ڪن.

12 ائين ڪرڻ لاءِ يهودين واسطي شهنشاهہ اخسويرس جي شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ اڳ ۾ وڌل ڪڻي مطابق ٻارهين مهيني يعني ادار مهيني جي تيرهين تاريخ تي هڪڙو ئي ڏينهن مقرر ڪيو ويو.

13 هر صوبي ۾ ان فرمان جو نقل جاري ڪيو وڃي، انهيءَ لاءِ هر قوميت وارن ۾ ان بابت اعلان ڪيو وڃي تہ جيئن ان ڏينهن تي يهودي پنهنجن دشمنن کان بچاءُ ڪن ۽ کانئن بدلو وٺي سگھن.

14 اهڙيءَ طرح شاهي حڪم موجب قاصد شاهي گھوڙن تي سوار ٿي هڪدم روانا ٿي ويا. سوسن جي شاهي قلعي ۾ پڻ اهو فرمان جاري ڪيو ويو.

15 تڏهن مردڪئي نيري ۽ اڇي رنگ جي شاهي پوشاڪ ۾، هڪڙو سونو عمدو تاج پهري سنهي وٽيل سڻي جي واڱڻائيءَ رنگ واري هڪڙي جبي سان شهنشاهہ جي حضور مان اُٿي ٻاهر نڪري آيو. سوسن جي شهر ۾ خوشي ۽ جشن ملهايو ويو.

16 اهو وقت يهودين لاءِ خوشيءَ، سرهائيءَ، جشن ۽ بلند رتبي جو وقت هو.

17 هر ڪنهن شهر ۽ هر ڪنهن صوبي ۾ جتي جتي اهو شاهي فرمان پهتو، اتي اتي يهودين ۾ تمام گھڻي خوشي ۽ سرهائي ٿي. هنن دعوتون ڪندي خوشيون پئي ملهايون. ٻين قوميتن وارا ڪيترائي ماڻهو يهودي بڻيا، ڇاڪاڻ تہ يهودين جو خوف انهن تي ڇانئجي ويو هو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan