آستر 6 - Muslim Sindhi Bibleشهنشاهہ جو مردڪئيءَ کي مان ڏيڻ 1 انهيءَ رات شهنشاهہ کي ننڊ نہ آئي، سو هن حڪم ڏنو تہ سندس شهنشاهت جي تواريخ وارو ڪتاب وٽس آندو وڃي ۽ اهو ڪتاب آڻي سندس اڳيان پڙهيو ويو. 2 انهيءَ ۾ اهو لکيل مليو تہ شهنشاهہ جا ٻہ خواجہسرا محافظ بگتان ۽ ترش جيڪي شاهي آرامگاهہ تي پهرو ڏيندا هئا تن شهنشاهہ کي قتل ڪرڻ جي سازش تيار ڪئي هئي، پر مردڪئيءَ انهن جي سازش کي بينقاب ڪيو هو. 3 تڏهن شهنشاهہ خدمتگارن کان پڇيو تہ ”اهڙي ڪم جي عيوض مردڪئيءَ کي ڪيتري عزت ۽ ڪهڙو درجو ڏنو ويو آهي؟“ تنهن تي سندس خدمتگارن وراڻيو تہ ”کيس ڪجھہ بہ نہ ڏنو ويو آهي.“ 4 شهنشاهہ وري پڇيو تہ ”محل ۾ ڪو عملدار حاضر آهي؟“ انهيءَ ئي مهل هامان شهنشاهہ جي محل ۾ داخل ٿيو، تانتہ جيڪا ڦاهي مردڪئيءَ لاءِ ٺهرائي هئائين تنهن تي انهيءَ کي چاڙهڻ لاءِ شهنشاهہ سان ڳالهائي. 5 تڏهن شهنشاهہ کي سندس خدمتگارن وراڻيو تہ ”هامان محل ۾ حاضر آهي.“ تنهن تي شهنشاهہ حڪم ڏنو تہ ”هن کي مون وٽ وٺي اچو.“ 6 جڏهن هامان اندر آيو تڏهن شهنشاهہ کانئس پڇيو تہ ”جنهن ماڻهوءَ کي شهنشاهہ عزت ۽ مان ڏيڻ چاهي تنهن سان ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ تنهن تي هامان پنهنجيءَ دل ۾ سوچڻ لڳو تہ ”مون کان وڌيڪ ٻيو ڪير ٿي سگھي ٿو جنهن کي شهنشاهہ عزت ڏيڻ گھرندو هجي؟“ 7 سو هن شهنشاهہ کي ورندي ڏني تہ ”جنهن ماڻهوءَ کي شهنشاهہ عزت ڏيڻ گھري، 8 تنهن جي لاءِ شاهي پوشاڪ جيڪا شهنشاهہ پاڻ پائيندو آهي ۽ اُهو گھوڙو جنهن تي شهنشاهہ پاڻ سواري ڪندو آهي، سي آندا وڃن ۽ انهيءَ گھوڙي جي مٿي تي شاهي نشان رکيو وڃي. 9 اُها پوشاڪ ۽ اُهو گھوڙو شهنشاهہ جي اعليٰ مرتبي وارن اميرن مان هڪ جي حوالي ڪيو وڃي. پوءِ هو اها پوشاڪ انهيءَ ماڻهوءَ کي پهرائي جنهن کي شهنشاهہ عزت ڏيڻ ٿو گھري ۽ انهيءَ گھوڙي تي چاڙهي کيس سڄي شهر جي رستن تان گھمائي ۽ سندس اڳيان پڙهو ڏياري تہ ’جنهن ماڻهوءَ کي شهنشاهہ عزت ڏيڻ گھرندو آهي تنهن کي هيترو مان ملندو آهي.‘“ 10 تڏهن شهنشاهہ هامان کي حڪم ڏنو تہ ”دير نہ ڪر. جلدي وڃي اُها پوشاڪ ۽ اُهو گھوڙو ڪاهي اچ ۽ جيئن چيو اٿيئي تيئن ئي مردڪئي يهوديءَ لاءِ ڪر، جيڪو شاهي قلعي جي دروازي وٽ قائم ڪيل عدالت ۾ مقرر آهي. جيڪي تو چيو آهي تنهن مان ڪابہ ڳالهہ گھٽ نہ ڪجانءِ.“ 11 سو هامان اُها پوشاڪ کڻي آيو ۽ اُهو گھوڙو ڪاهي آيو. هن مردڪئيءَ کي اُها پوشاڪ پهرائي ۽ کيس گھوڙي تي ويهاري ان جي اڳيان هلندي کيس شهر جي رستن تان گھمايائين. هن سندس اڳيان هلندي هلندي پڙهو بہ پئي ڏياريو تہ ”جنهن ماڻهوءَ کي شهنشاهہ عزت ڏيڻ گھرندو آهي تنهن کي هيترو مان ملندو آهي.“ 12 بعد ۾ مردڪئي موٽي اچي شاهي قلعي جي دروازي وٽ ويٺو. پر هامان ڏک وچان پنهنجو منهن ڍڪي گھر هليو ويو. 13 هامان پنهنجي زال زرش ۽ پنهنجي سڀني دوستن کي اُهو سڀ ڪُجھہ ٻڌايو جيڪو ساڻس ٿي گذريو هو. تڏهن سندس صلاحڪارن ۽ سندس زال زرش کيس چيو تہ ”جيئن تہ مردڪئي، جنهن جي اڳيان تون پاڻ کي گھٽ سمجھڻ لڳو آهين، سو يهودي نسل جو آهي، سو تون هن سان مقابلو نہ ڪري سگھندين. تون يقيناً برباد ٿي ويندين.“ 14 انهن ساڻس اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ شهنشاهہ جا خواجہسرا خدمتگار وٽس آيا ۽ کيس چيائون تہ جلدي انهيءَ دعوت ۾ هلي جيڪا آستر تيار ڪئي هئي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society