Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

آستر 1 - Muslim Sindhi Bible


راڻي وشتيءَ جي معزولي

1 هي واقعو فارس جي بادشاهہ اخسويرس جي دور جو آهي. هي اهو اخسويرس آهي جيڪو هندستان کان وٺي سوڊان تائين هڪ سؤ ستاويهہ صوبن جو شهنشاهہ هو.

2 تن ڏينهن ۾ هن جو شاهي تخت فارس ملڪ جي سوسن شهر جي شاهي قلعي ۾ هو.

3 پنهنجي شاهيءَ جي ٽئين سال، هن پنهنجي سڀني اميرن ۽ وزيرن جي دعوت ڪئي. ان دعوت ۾ فارس ۽ مادئي ملڪن جا فوجي سالار، صوبن جا گورنر ۽ امير امراءَ شريڪ ٿيا هئا.

4 پورا ڇهہ مهينا هن پنهنجي وسيع شهنشاهت جي دولت ۽ پنهنجي شان وَ شوڪت جو ڏيکاءُ پئي ڪيو.

5 جڏهن اهي ڏينهن پورا ٿيا تڏهن جيڪي بہ مرد، عام توڙي خاص، سوسن شهر جي شاهي قلعي ۾ موجود هئا، تن جي هن پنهنجي شاهي محل واري باغ جي ايوان ۾ ستن ڏينهن تائين دعوت ڪئي.

6 اتي اڇي ۽ نيري رنگ جا سوٽي پردا، واڱڻائيءَ رنگ جي سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڏورين سان چانديءَ جي انهن ڇلن ۾ ٻڌل هئا جيڪي سنگ مرمر جي ٿنڀن سان لٽڪيل هئا. ڳاڙهي، اڇي، پيلي ۽ ڪاري رنگ جي پٿرن جي فرش تي سون ۽ چانديءَ جا پلنگ رکيل هئا.

7 جن سونن پيالن ۾ مئي ورهائي پئي ويئي، سي هڪٻئي کان مختلف شڪلين جا هئا. شاهي مئي شهنشاهہ جي سخاوت جي ڪري بي‌انداز هئي

8 ۽ پيئڻ جي ڪابہ حد مقرر ڪانہ هئي. شهنشاهہ مئي پيئاريندڙ نوڪرن کي حڪم ڏيئي ڇڏيو هو تہ جيڪو بہ جيتري چاهي کيس اوتري ئي مئي ڏني وڃي.

9 جڏهن تہ راڻي وشتيءَ اخسويرس جي شاهي محل اندر عورتن جي دعوت ڪئي هئي.

10 ستين ڏينهن جڏهن شهنشاهہ مئي جي نشي ۾ مخمور هو، تڏهن هن پنهنجي ستن خواجہ‌سرا خدمتگارن مهومان، بزتا، خربوناہ، بِگتا، ابگتا، زتار ۽ ڪرڪس کي حڪم ڏنو تہ

11 ”راڻي وشتيءَ کي شاهي تاج پارائي مون آڏو وٺي اچو تہ جيئن عام ماڻهو ۽ امير وزير سندس حسن ڏسن.“ انهيءَ جو سبب هي هو جو هوءَ ڏاڍي خوبصورت هئي.

12 جڏهن انهن خدمتگارن راڻي وشتيءَ کي شهنشاهہ جو حڪم ٻڌايو تہ هن اچڻ کان انڪار ڪيو. تنهن تي شهنشاهہ ڏاڍو مڇرجي پيو ۽ ڪاوڙ ۾ تپي باهہ ٿي ويو.

13 شهنشاهہ جو اهو دستور هو تہ هو ملڪي معاملن تي پنهنجي درٻار ۾ حاضر رهندڙ ڏاهن ماڻهن کان ماهرانہ راءِ وٺندو هو، سو هن پنهنجي انهن صلاحڪارن آڏو اهو معاملو رکيو جيڪي گذريل وقتن جي قانونن ۽ فيصلن جي ڄاڻ رکن پيا.

14 جن ڏاهن ماڻهن کان هو اڪثر راءِ وٺندو هو ۽ جيڪي سندس درٻار ۾ حاضر رهندا هئا سي هي هئا: ڪارشينا، سِتار، ادماتا، ترسيس، مرس، مرسنا ۽ مموڪان. اهي ست ڄڻا فارس ۽ مادئي ملڪن جا عملدار هئا جن کي شهنشاهت ۾ اعليٰ مقام حاصل هو.

15 شهنشاهہ انهن کان پڇيو تہ ”قانون موجب راڻي وشتيءَ سان ڪهڙو سلوڪ ڪجي؟ ڇاڪاڻ تہ مون پنهنجي خدمتگارن وسيلي جيڪو پيغام ڏانهس موڪليو هو، سو هن نہ مڃيو آهي.“

16 تڏهن شهنشاهہ ۽ سندس اميرن جي آڏو مموڪان وراڻيو تہ ”راڻي وشتيءَ نہ رڳو اوهان جي حڪم جي نافرماني ڪئي آهي بلڪ انهن سڀني اميرن ۽ عام ماڻهن جو بہ قصور ڪيو اٿس، جيڪي توهان جي شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ رهن ٿا.

17 جيئن تہ راڻي وشتيءَ جي انهيءَ ڳالهہ جي سڀني عورتن کي خبر پئجي ويندي، سو اهي بہ پنهنجن مڙسن کي حقير ڄاڻينديون ۽ چونديون تہ ’شهنشاهہ اخسويرس بہ تہ پنهنجي راڻي وشتيءَ کي پاڻ وٽ اچڻ جو حڪم ڏنو هو، اُها بہ تہ وٽس ڪونہ آئي هئي.‘

18 سو اڄ فارس ۽ مادئي ملڪن جي جن اميرن جي زالن راڻيءَ جي اها ڳالهہ ٻڌي آهي، سي اوهان جي اميرن کي بہ ائين ئي چونديون. انهيءَ ڪري زالن ۾ گھڻي حقارت ۽ مڙسن ۾ ڪاوڙ شروع ٿي ويندي.

19 تنهنڪري، جيڪڏهن اوهان کي سٺو لڳي تہ هڪڙو شاهي فرمان جاري ڪندي فارسين ۽ مادئين جي قانون جي ڪتاب ۾ اهو لکيو وڃي تہ جيئن ان کي وري نہ بدلائي سگھجي تہ ’راڻي وشتي وري ڪڏهن بہ شهنشاهہ اخسويرس جي سامهون نہ ايندي.‘ اوهين انهيءَ جو راڻيءَ وارو درجو پڻ ڪنهن ٻيءَ زال کي ڏيو جيڪا کانئس بهتر هجي.

20 پوءِ جڏهن اوهان جي سڄي وسيع شهنشاهت ۾ انهيءَ فرمان جو اعلان ڪيو ويندو، تڏهن عام توڙي خاص سڀ عورتون پنهنجن مڙسن جي عزت ڪنديون رهنديون.“

21 اها ڳالهہ شهنشاهہ ۽ سندس اميرن کي پسند آئي. سو شهنشاهہ ائين ئي ڪيو جيئن مموڪان کيس تجويز ڏني هئي.

22 هن پنهنجي شهنشاهت جي سڀني صوبن ڏانهن هر قوم جي رسم‌الخط ۽ سندن ٻوليءَ ۾ خط لکيا تہ هر ڪو مرد پنهنجي پنهنجي گھر جو حاڪم آهي ۽ ان تي پنهنجو اختيار هلائي سگھي ٿو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan