Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

اِفسين 5 - Muslim Sindhi Bible

1 مطلب تہ اوهين خدا جا پيارا ٻار هئڻ جي حيثيت سان سندس پيروي ڪريو.

2 اوهين پيار ڀري زندگي گذاريو، جيئن مسيح اسان سان پيار ڪندي اسان جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي خدا جي آڏو خوشبودار نذراني طور قربان ڪري ڇڏيو.


روشنيءَ ۾ زندگي گذارڻ

3 جيئن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ مناسب آهي، تيئن اوهان ۾ زناڪاري، ڪنهن بہ قسم جي حرامڪاري يا لالچ جو نالو بہ نہ هئڻ کپي.

4 انهيءَ سان گڏ نالائقيءَ واريون هي ڳالهيون بہ نہ ڪرڻ کپن، جهڙوڪ: بي‌شرميءَ وارو ڳالهائڻ، اجائي بڪ بڪ ڪرڻ ۽ گندي چرچي بازي. اٽلندو شڪرگذاري ڪرڻ کپي.

5 ياد رکو تہ ڪوبہ زناڪار يا ڪوبہ حرامڪار يا ڪوبہ لالچي ماڻهو جيڪو بت‌پرست جي برابر آهي، تنهن جو مسيح ۽ خدا جي بادشاهيءَ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونهي.

6 خبردار، متان اهڙن ماڻهن جي اجاين ڳالهين سان اوهين ٺڳجي وڃو، ڇاڪاڻ تہ اهڙين ڳالهين جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.

7 تنهنڪري اوهين انهن سان شريڪ نہ ٿيو.

8 ياد رکو تہ اڳي اوهين اوندهہ مثل هئا، پر هاڻي خداوند عيسيٰ جا هئڻ ڪري روشنيءَ مثل آهيو. سو اوهين روشنيءَ وارن جي راهہ تي هلو،

9 ڇاڪاڻ تہ روشنيءَ جو ڦل هر طرح جي چڱائي، سچائي ۽ حق سچ آهي.

10 اهڙي زندگي گذاريندي اوهين پرکيندا رهو تہ خداوند عيسيٰ کي ڪهڙي ڳالهہ پسند آهي.

11 اونداهيءَ جي اجاين ڪمن سان ڪو واسطو نہ رکو، پر اٽلندو انهن جي ملامت ڪريو،

12 ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪم نافرمان ڳُجھہ‌ڳوهہ ۾ ڪن ٿا، تن جو ذڪر ڪرڻ بہ شرم جهڙي ڳالهہ آهي.

13 پر سڀڪا شيءِ جيڪا ملامت هيٺ اچي ٿي سا انهيءَ روشنيءَ جي ڪري پڌري ٿي پوي ٿي،

14 ڇاڪاڻ تہ اها روشني هر شيءِ کي روشن ڪري ٿي. انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو تہ ”اي ستل! جاڳي پئُہ، مئلن منجھان جي اُٿ، تہ مسيح جي روشني تو تي چمڪندي.“

15 تنهنڪري تمام خبرداريءَ سان ڏسو تہ ڪيئن ٿا زندگي گذاريو. نادانن وانگر نہ گذاريو، پر دانائن وانگر

16 نيڪي ڪرڻ جو ڪوبہ موقعو هٿان نہ وڃايو، ڇاڪاڻ تہ زمانو خراب آهي.

17 انهيءَ ڪري نادان نہ ٿيو، پر سمجھو تہ خداوند عيسيٰ جي مرضي ڪهڙي آهي.

18-19 مئي پي الوٽ نہ ٿيو، ڇوجو انهيءَ سان بي‌احتياطي پيدا ٿئي ٿي. پر اٽلندو پاڻ ۾ زبور، گيت ۽ روحاني راڳ دل سان خداوند جي واکاڻ ۾ ڳائيندي وڄائيندي پاڪ روح سان ڀرپور ٿيندا وڃو.

20 هميشہ سڀني ڳالهين لاءِ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي ۾ خدا پيءُ جا شڪرانا بجا آڻيندا رهو.


پاڪ روح سان ڀرپور ڪليسيا وارن جو هڪٻئي سان رويو ( 5‏:21‏–6‏:9 )

21 مسيح جي ادب جي ڪري اوهين هڪٻئي جي تابع رهو.


(زال ۽ مڙس)

22 تنهنڪري اي زالون! اوهين پنهنجن مڙسن جون اهڙيءَ طرح تابعدار رهو جهڙيءَ طرح خداوند عيسيٰ جون،

23 ڇاڪاڻ تہ مڙس زال جو مٿو آهي، جيئن مسيح پنهنجي بدن يعني ڪليسيا جو مٿو ۽ ان جو بچائيندڙ آهي.

24 سو جيئن ڪليسيا مسيح جي تابع آهي، تيئن زالن کي بہ هر ڳالهہ ۾ پنهنجن مڙسن جي تابع رهڻ گھرجي.

25 ساڳيءَ طرح اي مڙ‌سؤ! اوهين پنهنجين زالن سان پيار ڪريو، جهڙيءَ طرح مسيح ڪليسيا سان پيار ڪيو ۽ ان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏيائين.

26 هن انهيءَ ڪري ائين ڪيو تہ جيئن ڪليسيا کي خوشخبريءَ جي وسيلي پاڻيءَ سان غسل ڪرائي صاف ڪري مخصوص ۽ پاڪ بڻائي.

27 هن جو مقصد هو تہ هڪڙي اهڙي شاندار ڪليسيا پنهنجي اڳيان پيش ڪري، جنهن تي ڪوبہ داغ يا گھنج يا اهڙي ڪا ٻي شيءِ نہ هجي، بلڪ اها پاڪ ۽ بي‌عيب هجي.

28 سو مڙسن کي بہ پنهنجين زالن سان اهڙيءَ طرح پيار ڪرڻ کپي، جهڙيءَ طرح هو پنهنجن جسمن سان ڪن ٿا. جيڪو پنهنجيءَ زال سان پيار ڪري ٿو سو پنهنجو پاڻ سان پيار ڪري ٿو.

29 ڏسو، ڪوبہ ماڻهو پنهنجي جسم کان ڪڏهن بہ نفرت نہ ٿو ڪري، اٽلندو انهيءَ کي اهڙي نموني کارائي پيئاري ٿو ۽ انهيءَ جي پالنا ڪري ٿو، جهڙي نموني مسيح ڪليسيا کي سنڀالي ٿو،

30 ڇاڪاڻ تہ اها سندس بدن آهي ۽ اسين انهيءَ بدن جا عضوا آهيون.

31 زال مڙس بابت پاڪ ڪلام ۾ انهيءَ ڪري ئي لکيو ويو آهي تہ ”مرد پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڇڏي پنهنجي زال سان گڏجي رهندو ۽ ٻئي هڪ جسم ٿي ويندا.“

32 اهو هڪڙو وڏو راز آهي. پر هتي آءٌ چوان ٿو تہ انهيءَ راز جو تعلق مسيح ۽ ڪليسيا سان آهي.

33 اهو اوهان سان بہ واسطو رکي ٿو تہ اوهان مان هر هڪ مڙس کي پنهنجيءَ زال سان اهڙو پيار ڪرڻ گھرجي جهڙو پيار هو پاڻ سان ٿو ڪري ۽ زال کي بہ پنهنجي مڙس جو ادب ڪرڻ گھرجي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan