Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

اِفسين 3 - Muslim Sindhi Bible


پولس غير قومن لاءِ تبليغي خادم

1 انهيءَ سبب آءٌ پولس، جيڪو اوهان غير قومن جي خاطر ۽ عيسيٰ مسيح جي واسطي قيدي آهيان، اوهان لاءِ دعا ٿو گھران.

2 اوهان ٻڌو هوندو تہ خدا اوهان غير قوم وارن لاءِ پنهنجي فضل جو خاص ڪم منهنجي حوالي ڪيو آهي.

3 خدا پنهنجو هي راز مڪاشفي ذريعي مون تي ظاهر ڪيو، جنهن جو احوال مختصر طور اڳي ئي لکي چڪو آهيان.

4 اهو پڙهي اوهان کي معلوم ٿي ويندو تہ مسيح جو اهو راز آءٌ ڪيتري قدر سمجھان ٿو.

5 اڳين پيڙهين ۾ ماڻهن تي هي راز ظاهر نہ ٿيو هو، پر هاڻي خدا جي مخصوص ڪيل رسولن ۽ سندس ٻين پيغام ڏيندڙن تي پاڪ روح جي وسيلي ظاهر ڪيو ويو آهي.

6 اهو راز هي آهي تہ عيسيٰ مسيح ۾ غير قومن وارا بہ بني اسرائيل سان گڏ خوشخبريءَ جي وسيلي خدا جي ميراث ۾ شريڪ آهن، هڪ ئي بدن جا عضوا آهن ۽ خدا جي واعدي ۾ حصيدار آهن.

7 خدا جي فضل جي انهيءَ بخشش سان، جيڪا سندس قدرت جي اثر ڪري مون کي عطا ٿي هئي، آءٌ انهيءَ خوشخبريءَ جو خادم بڻايو ويس.

8 جيتوڻيڪ آءٌ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن منجھہ سڀني کان گھٽ آهيان، تنهن هوندي بہ خدا اهو فضل مون کي عطا ڪيو تہ آءٌ غير قومن کي مسيح جي بي‌انداز دولت جي خوشخبري ٻڌايان

9 ۽ سڀني ماڻهن تي اها ڳالهہ روشن ڪريان تہ جيڪو راز ازل کان سڀني شين جي خلقيندڙ خدا وٽ ڳجھو رکيل هو تنهن جو انتظام ڪهڙو آهي.

10 خدا چاهيو ٿي تہ هاڻي ڪليسيا جي وسيلي سندس طرح طرح جي حڪمت جي انهن حڪمرانن ۽ اختياريءَ وارن کي ڄاڻ پئجي وڃي، جيڪي آسماني جاين ۾ آهن.

11 اهو سڀ خدا شروع کان ئي پنهنجي ڪيل ارادي موجب اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي پورو ڪيو.

12 هاڻي مسيح تي ايمان رکڻ سان اسين مسيح ۾ شامل ٿيا آهيون، جنهن ڪري دليريءَ ۽ اعتماد سان خدا جي حضور ۾ حاضر ٿيون ٿا.

13 تنهنڪري آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جيڪي مصيبتون اوهان جي خاطر سهان ٿو تن جي ڪري بي‌همت نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ منهنجيون اهي مصيبتون اوهان لاءِ فخر جو سبب آهن.


اِفسين لاءِ پولس جي دعا

14-15 انهيءَ سبب آءٌ آسمان توڙي زمين تي هر هڪ خاندان کي سڃاڻپ بخشيندڙ آسماني پيءُ جي آڏو سجدو ڪندي

16 دعا ٿو گھران تہ هو پنهنجي عظمت واري دولت موجب اوهان کي پنهنجي پاڪ روح جي وسيلي طاقت عطا ڪري تہ اوهين پنهنجي اندر ۾ طاقتور ٿيو

17 ۽ ايمان رکڻ جي وسيلي مسيح اوهان جي دلين ۾ گھر ڪري. اها دعا آءٌ انهيءَ ڪري گھران ٿو تہ جيئن اوهين محبت ۾ پاڙ ڄمائي انهيءَ جي بنياد تي زندگي گذاريو.

18 هائو، منهنجي دعا آهي تہ مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن سان گڏ اوهين پوريءَ طرح سمجھي سگھو تہ مسيح جي محبت ايڏي تہ جھجھي آهي جو ان جي ويڪرائي، ڊگھائي، اوچائي ۽ اونهائي ماپي نہ ٿي سگھجي.

19 شل اوهين مسيح جي انهيءَ محبت کي ڄاڻي سگھو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، تہ جيئن اوهين خدا جي سڄي ڀرپوريءَ سان ڀرپور ٿي وڃو.

20 واکاڻ ٿي ڪجي انهيءَ قادر جي، جيڪو اسان ۾ اثر ڪندڙ پنهنجي طاقت موجب اسان جي دعا ۽ سوچ کان گھڻو وڌيڪ ڪم ڪري سگھي ٿو.

21 شل ڪليسيا ۽ عيسيٰ مسيح جي وسيلي پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ هميشہ تائين سندس عظمت جي واکاڻ ٿيندي رهي. آمين.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan