اِفسين 2 - Muslim Sindhi Bibleعيسيٰ مسيح ۾ نئين زندگي 1 گذريل وقت ۾ اوهين پنهنجين نافرمانين ۽ گناهن جي ڪري مئل هئا. 2 انهيءَ وقت اوهين دنيا جي دستور موجب هلندا هئا ۽ نظر نہ ايندڙ مخلوقن تي اختياري هلائيندڙ حڪمران جا پوئلڳ هئا يعني شيطان جا. هي اهو ئي روح آهي، جيڪو هاڻي تائين انهن ماڻهن تي اثر ڪري ٿو جيڪي خدا جا نافرمان آهن. 3 اڳ اسين سڀيئي بہ انهن سان گڏ پنهنجي انساني فطرت جي جسماني خواهشن موجب زندگي گذاريندا هئاسين ۽ پنهنجي جسم ۽ نفس جون خواهشون پوريون ڪندا هئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين ماڻهن وانگر خدا جي ناراضپي جا حقدار هئاسين. 4 پر خدا، جيڪو رحم سان ڀرپور آهي تنهن پنهنجي گھڻي پيار جي سبب جيڪو هن اسان سان ڪيو، 5 اسان کي مسيح سان گڏ جيئرو ڪيو، جڏهن تہ اسين اڃا گناهن جي ڪري مئل هئاسين. هائو، اوهين بہ خدا جي فضل جي ڪري ئي بچي ويا آهيو. 6 عيسيٰ مسيح ۾ هئڻ ڪري خدا اسان کي ساڻس گڏ اٿاريو ۽ عرش عظيم تي ساڻس گڏ ويهاريائين. 7 اهو انهيءَ لاءِ ڪيائين تہ هو پنهنجي انهيءَ مهربانيءَ جي وسيلي جيڪا عيسيٰ مسيح ۾ اسان تي آهي، پنهنجي فضل جي بيانداز دولت کي ايندڙ زمانن ۾ ظاهر ڪري. 8 مطلب تہ خدا جي فضل جي ڪري ئي اوهين ايمان آڻڻ جي وسيلي بچي ويا آهيو. اهو اوهان جي ڪوشش جي ڪري نہ، پر خدا جي بخشش جي ڪري ٿيو آهي. 9 هائو، اهو اوهان جي عملن جي ڪري نہ آهي جو متان ڪو پاڻ تي فخر ڪري. 10 اسين تہ خدا جي ڪاريگري آهيون ۽ هن اسان کي عيسيٰ مسيح ۾ نئين سر پيدا ڪيو آهي، تہ جيئن اسين چڱا ڪم ڪندا رهون جيڪي هن اڳي ئي اسان جي ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا آهن. عيسيٰ مسيح ۾ ميل ميلاپ 11 تنهنڪري اوهين جيڪي پيدائشي طور غير قوم آهيو، جنهن سبب جسماني طور هٿ سان ڪرايل طهر وارا فخر وچان پاڻ کي طهريل سڏائيندي اوهان کي اڻطهريل سڏيندا آهن، سي ياد رکو تہ 12 اڳي اوهين مسيح کان ڌار، بني اسرائيل جي جماعت کان ٻاهر ۽ خدا جي ٻڌل عهدن کان اڻڄاڻ هئا. اوهين هن دنيا ۾ خدا کان جدا ۽ نااميديءَ واري زندگي گذاريندا هئا. 13 پر هاڻي عيسيٰ مسيح ۾ شامل ٿيڻ ڪري اوهين جيڪي پهريائين گھڻو پري هئا، سي سندس رت جي وسيلي خدا جي ويجھو ٿي پيا آهيو. 14 سو مسيح ئي اسان جي صلح جو وسيلو آهي، جنهن پنهنجي جسم جي قربانيءَ وسيلي يهودين ۽ غير يهودين ٻنهي کي ملائي هڪ ڪري ڇڏيو. هن اها ڀت ڊاهي ڇڏي، جنهن ٻنهي کي هڪٻئي کان جدا ڪري دشمن بڻائي رکيو هو. 15 اها ڀت شريعت پنهنجي قاعدن قانونن سان کڙي ڪئي هئي. مسيح انهيءَ شريعت کي هٽائي يهودين ۽ غير يهودين ٻنهي کي پاڻ ۾ شامل ڪري هڪڙو نئون انسان پيدا ڪري صلح ڪرائي ڇڏيو. 16 مسيح انهن جو خدا سان ميل ميلاپ ڪرائي ٻنهي کي هڪڙو بدن بڻائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح پنهنجي صليبي موت وسيلي انهن جي دشمني ختم ڪرائي ڇڏيائين. 17 سو اوهين جيڪي ٻڌل عهدن کان پري هئا ۽ اهي جيڪي ويجھا هئا، تن ٻنهي کي مسيح اچي ميل ميلاپ جي خوشخبري ٻڌائي. 18 ائين مسيح جي ئي وسيلي اسان ٻنهي يعني يهودين ۽ غير يهودين کي ساڳي ئي پاڪ روح ملڻ سان پيءُ تائين پهچ حاصل ٿي آهي. 19 تنهنڪري اوهين غير قوم وارا هاڻي ڌاريا ۽ پرديسي نہ رهيا آهيو، بلڪ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن منجھہ شامل ٿي اوهين خدا جي گھر جا ڀاتي ٿي ويا آهيو. 20 اوهين ڄڻ تہ هڪ عمارت آهيو جيڪا رسولن ۽ خدا جي ٻين پيغام ڏيندڙن جي انهيءَ بنياد تي اڏيل آهي، جنهن جي پيڙهہ جو پٿر خود عيسيٰ مسيح آهي. 21 هن ۾ ئي سموري اڏاوت ڳنڍجي وڌندي ٿي وڃي ۽ اهڙيءَ طرح خداوند لاءِ هڪ مخصوص ۽ پاڪ گھر ٺهندو وڃي ٿو. 22 مسيح ۾ شامل هئڻ ڪري اوهين غير قوم وارا بہ ساڻن گڏ ساڳئي گھر ۾ اڏبا ٿا وڃو، جنهن ۾ خدا پنهنجي پاڪ روح جي ذريعي رهي سگھي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society