Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

اِفسين 1 - Muslim Sindhi Bible

1 هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو خدا جي مرضيءَ سان مسيح يعني عيسيٰ جو رسول آهيان. هي خط اِفسس شهر ۾ رهندڙ اوهان مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي عيسيٰ مسيح جا وفادار پوئلڳ آهيو.

2 شل اوهان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ۽ سلامتي هجي.


عيسيٰ مسيح ۾ برڪتون

3 شل خدا جي واکاڻ هجي جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو پيءُ آهي، جنهن اسان کي مسيح ۾ آسمان جي هر هڪ روحاني برڪت سان مالا مال ڪيو آهي.

4 هن ئي اسان کي دنيا بڻائڻ کان اڳ مسيح ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چونڊي ڇڏيو، تہ جيئن اسين سندس آڏو محبت ۾ پاڪ ۽ بي‌عيب هجون.

5 هن پنهنجي خوشيءَ ۽ مرضيءَ سان اڳي ئي فيصلو ڪيو تہ اسين عيسيٰ مسيح جي وسيلي سندس ٻار مقرر ڪيا وڃون،

6 انهيءَ لاءِ تہ سندس جلوي سان ڀريل انهيءَ فضل جي واکاڻ ٿئي، جيڪو هن پنهنجي پياري فرزند ۾ اسان کي مفت عطا ڪيو.

7 انهيءَ فرزند ۾ ئي سندس رت جي وسيلي اسين ڇڏايا وڃون ٿا، يعني اسان جا گناهہ معاف ڪيا وڃن ٿا. اهو خدا جي انهيءَ فضل جي دولت موجب آهي،

8 جيڪو هن تمام گھڻي انداز ۾ اسان تي نازل ڪيو آهي. خدا پوريءَ حڪمت ۽ دانائيءَ سان

9 پنهنجي مرضيءَ جو لڪل ارادو اسان تي ظاهر ڪيو، جيڪو هن مسيح جي وسيلي پوري ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي پنهنجي خوشيءَ سان طئي ڪري ڇڏيو هو.

10 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن زمانن جي پوري ٿيڻ جو اهڙو بندوبست ٿئي جو آسمان توڙي زمين تي جيڪي ڪجھہ بہ آهي، سو سڀ مسيح جي سنڀال هيٺ اچي وڃي.

11 خدا اسان کي بہ اڳي ئي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪري مسيح ۾ شامل ڪيو. اهو خدا جي ارادي موجب ٿيو جيڪو انهن سڀني ڳالهين ۾ پنهنجي مرضي پوري ڪري ٿو.

12 خدا چاهيو ٿي تہ اسين يهودي، جن اوهان کان اڳي مسيح ۾ اميد رکي هئي، سي سندس عظمت جي واکاڻ جو سبب ٿيون.

13 اوهين غير يهودي بہ مسيح جا ٿيا جڏهن اوهان سچائيءَ جو پيغام يعني خوشخبري ٻڌي مسيح تي ايمان آندو ۽ اها خوشخبري اوهان لاءِ ڇوٽڪاري جو سبب بڻي. اهڙيءَ طرح خدا پنهنجو واعدو پورو ڪندي اوهان کي بہ پاڪ روح عطا ڪيو، جيڪو سندس مالڪيءَ جي مُهر آهي.

14 پاڪ روح اسان يهودين توڙي غير يهودين کي ملڻ واري ميراث جو بيانو آهي، جيڪو ايستائين ضمانت آهي جيستائين اسين سڀ جيڪي خدا جي ملڪيت آهيون، تن کي پوريءَ طرح ڇڏايو وڃي، تہ جيئن خدا جي عظمت جي واکاڻ ٿئي.


شڪرگذاري ۽ دعا

15 اهو ئي سبب آهي جو خداوند عيسيٰ تي اوهان سڀني جي مضبوط ايمان ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ اوهان جي پيار بابت ٻڌي

16 آءٌ پنهنجي دعائن ۾ اوهان کي ياد ڪندي اوهان لاءِ خدا جو شڪر ڪرڻ نہ ٿو ڇڏيان.

17 منهنجي دعا آهي تہ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو خدا، جيڪو وڏي عظمت وارو پيءُ آهي، سو ڏاهپ عطا ڪرڻ ۽ سچ ظاهر ڪرڻ واري پاڪ روح کي اوهان ۾ ڀرپوري بخشي، تہ جيئن اوهين کيس پوريءَ طرح ڄاڻو.

18 آءٌ هيءَ بہ دعا گھرندو آهيان تہ اوهان جون دليون روشن ٿين، تہ جيئن اوهين سمجھي وٺو تہ خدا جنهن اميد لاءِ اوهان کي سڏيو آهي سا ڪيڏي نہ وڏي آهي، مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ سندس ميراث ڪيڏي نہ عظيم آهي

19 ۽ اسان ايمان وارن لاءِ هن جي قدرت ڪيڏي نہ بي‌انداز آهي. اها قدرت خدا جي ساڳي عظيم قدرت آهي

20 جيڪا هن مسيح ۾ ظاهر ڪئي، جڏهن کيس مئلن مان جيئرو ڪري اٿاريائين ۽ آسمان تي پنهنجي ساڄي پاسي ويهاريائين.

21 هائو، هن مسيح کي هر طرح جي حڪومت، اختياريءَ، طاقت ۽ بادشاهيءَ کان گھڻو مٿاهون ڪيو آهي. اهڙو رتبو نہ هن آخري زماني ۾ ۽ نہ وري ايندڙ نئين زماني ۾ ڪنهن کي حاصل ٿيندو.

22 اهڙيءَ طرح خدا سڀ ڪجھہ مسيح جي پيرن هيٺ ڪري کيس سڀني جو مٿو بڻايو. اهو خدا ڪليسيا جي لاءِ ڪيو،

23 جيڪا مسيح جو بدن آهي. مسيح سان ئي ڪليسيا جي ڀرپوري ٿئي ٿي ۽ هو ئي هر شيءِ کي هر طرح سان ڀرپور ڪري ٿو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan