واعظ 7 - Muslim Sindhi Bible1 جيئن نيڪ نامي قيمتي عطر کان وڌيڪ بهتر آهي، تيئن مرڻ جو ڏينهن ڄمڻ جي ڏينهن کان وڌيڪ بهتر آهي. 2 هائو، روئڻ پٽڻ واري گھر ۾ وڃڻ، شاديءَ جي دعوت واري گھر ۾ وڃڻ کان وڌيڪ بهتر آهي، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن کي آخرڪار مرڻو آهي. تنهنڪري جيڪي جيئرا آهن، تن کي انهيءَ باري ۾ سنجيدگيءَ سان سوچڻ گھرجي. 3 غمگين رهڻ، کلندو رهڻ کان بهتر آهي، ڇاڪاڻ تہ غمگيني انسان کي وڌيڪ سنجيدہ ۽ پختو ٿي بڻائي. 4 جيڪو ماڻهو هميشہ خوشين بابت ٿو سوچي، سو بيوقوف آهي. جڏهن تہ عقلمند ماڻهو اهو آهي جيڪو موت بابت ٿو سوچي. 5 انسان لاءِ عقلمند جي ڇينڀ ٻڌڻ بيعقلن جي خوشامند واري راڳ ٻڌڻ کان وڌيڪ بهتر آهي. 6 بيعقل ماڻهوءَ جو کلڻ ائين آهي، جيئن ديڳڙي جي هيٺان ڪنڊن جي سڙڻ جو ٽڙڪو هوندو آهي، جنهن مان ڪجھہ حاصل نہ ٿو ٿئي. 7 ظلم وَ ستم جي وقت ماڻهو عقلمندن کي بيعقل سمجھن ٿا، ۽ رشوت سمجھہ کي ناس ڪريو ڇڏي. 8 بردبار ماڻهو ٻٽاڪ هڻندڙ کان بهتر آهي، جيئن ڪنهن ڪم کي شروع ڪرڻ کان پورو ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي. 9 پنهنجيءَ ڪاوڙ تي ضابطو رکو، ڇاڪاڻ تہ ڪاوڙ رڳو بيعقلن جي دلين ۾ رهي ٿي. 10 اوهين ائين نہ چئو تہ ”هاڻي وارن ڏينهن کان اڳيان ڏينهن بهتر هئا،“ ڇاڪاڻ تہ اوهان جي اها سوچ عقلمنديءَ واري ناهي. 11 ڏاهپ ايڏي تہ چڱي آهي، جيڏو اهو قيمتي خزانو، جيڪو ابا ڏاڏا ورثي ۾ ڇڏي ويا هجن. اها هن ڌرتيءَ جي سڀني ماڻهن کي هميشہ لاءِ فائدو رسائي ٿي. 12 جيتوڻيڪ ڏاهپ دولت وانگر انسان جي حفاظت بہ ڪري ٿي، تہ بہ ڏاهپ جي ڄاڻ رکڻ مان هميشہ وارو فائدو اهو آهي جو اها ڏاهن کي زندگي بخشي ٿي. 13 خدا جي ڪمن تي غور ويچار ڪريو. جنهن شيءِ کي هن ڏنگو بڻايو آهي، تنهن کي ڪير سڌو ڪري ٿو سگھي؟ 14 سک جي ڏينهن ۾ خوشيون ملهايو ۽ ڏک جي ڏينهن ۾ غور ڪري نصيحت حاصل ڪريو. خدا دنيا ۾ ڏک ۽ سک ٻئي مقرر ڪري ڇڏيا آهن، تنهنڪري ماڻهو معلوم ڪري نہ ٿا سگھن تہ مستقبل ۾ ڇا ٿيندو. زندگيءَ کي ڏاهپ سان پرکڻ 15 اهو سڀ ڪجھہ مون پنهنجي هن منجھائيندڙ زندگيءَ دوران ڏٺو آهي. مون اهو بہ ڏٺو آهي تہ ڪيترائي نيڪ ماڻهو نيڪيءَ جا ڪم ڪن ٿا، پر پوءِ بہ مري چٽ ٿي ٿا وڃن. جڏهن تہ بڇڙا ماڻهو بڇڙائيءَ وارا ڪم ڪندي وڏي عمر تائين جيئرا ٿا رهن. 16 سو اوهين حد کان وڌيڪ نيڪ ۽ ڏاها بڻجڻ جي ڪوشش نہ ڪريو. ائين ڪرڻ سان اوهين زندگيءَ مان مايوس ٿي ويندا. 17 ساڳيءَ طرح اوهين حد کان وڌيڪ بدڪار ۽ بيعقل بڻجڻ جي ڪوشش نہ ڪريو. ائين ڪرڻ سان اوهين وقت کان اڳي مري ويندا. 18 چڱي ڳالهہ هيءَ آهي جو اوهين ٻنهي جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ کان بچي وڃو. خدا کان ڊڄندا رهو. بس، اهو ئي اوهان جو فرض آهي. 19 ڏاهي ماڻهوءَ لاءِ سندس ڏاهپ هڪڙي اهڙي طاقت آهي جيڪا کيس شهر جي ڏهن طاقتور ماڻهن کان بہ وڌيڪ زورآور ٿي بڻائي. 20 تنهن هوندي بہ ڌرتيءَ تي اهڙو ڪوبہ سچار ماڻهو ڪونهي جيڪو رڳو نيڪي ئي نيڪي ڪندو رهي ۽ ڪا خطا نہ ٿي هجيس. 21 ماڻهو جيڪي ڳالهيون ڪندا پيا وتن، تن سڀني ڏانهن بہ اوهين ڌيان نہ ڏيو. ائين نہ ٿئي جو اوهان کي پنهنجي نوڪر واتان اوهان جي باري ۾ بيعزتيءَ وارا لفظ ٻڌڻ ۾ اچن. 22 جڏهن تہ اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ اوهان پاڻ بہ ڪيترائي دفعا ٻين جي بيعزتي ڪري چڪا آهيو. 23 انهن سڀني ڳالهين کي مون ڏاهپ سان پرکيو. منهنجو ارادو هو تہ آءٌ هنن ڳالهين بابت وڌيڪ ڄاڻ رکان، پر انهن کي پرکڻ منهنجي وس کان مٿاهون هو. 24 زندگيءَ جي حقيقت کي سمجھڻ تمام مشڪل، بلڪ ناممڪن آهي. ڪير آهي جيڪو انهيءَ حقيقت کي سمجھي سگھي؟ 25 تنهن هوندي بہ مون ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ حقيقت جي ڳولا لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو. مون پڪو ارادو ڪيو تہ آءٌ ڏاهپ ۽ زندگيءَ جي اصل مقصد جي ڳولا ڪندس ۽ بيعقلن جي چريائپ ۽ بڇڙائيءَ کي سمجھندس. 26 تڏهن مون معلوم ڪيو تہ موت کان بہ وڌيڪ هڪڙي ڪؤڙي شيءِ آهي، يعني اها عورت جنهن جو پيار ڦندي ۽ ڄار مثل آهي ۽ جنهن جي هٿن ۾ هٿڪڙيون آهن. جنهن ماڻهوءَ سان خدا راضي هوندو سو انهيءَ کان بچي نڪرندو، جڏهن تہ گنهگار انهيءَ جو شڪار ٿي ويندو. 27 ڏسو، مون پنهنجي پوري ڏاهپ سان زندگيءَ جون ڪيتريون ئي ڳالهيون جاچي ڏٺيون تہ آخرڪار زندگيءَ جو اصل مقصد ڇا آهي. 28 آءٌ دل وَ جان سان ڳولا ڪندو رهيس، پر ڪجھہ بہ حاصل ڪري نہ سگھيس. تنهن هوندي بہ جيئن چوڻي آهي تہ ”هزار ماڻهن ۾ رڳو هڪڙو نيڪ ماڻهو ملي ٿو، پر انهن ۾ عورت هڪڙي بہ ڪانہ آهي،“ 29 تيئن ڏسو، مون رڳو اهو ئي معلوم ڪري ورتو آهي تہ خدا انسان کي معصوم ۽ ايماندار ڪري پيدا ڪيو، پر انسانن پنهنجي لاءِ تمام گھڻا مونجھارا پيدا ڪري ڇڏيا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society