واعظ 6 - Muslim Sindhi Bibleهن زندگيءَ ۾ اطمينان ناهي 1 مون هن دنيا ۾ هڪڙي ٻي خرابي ڏٺي آهي، جيڪا اڪثر انسانن لاءِ هڪڙو ٻوجھہ آهي. 2 اها هيءَ آهي تہ ڪن ماڻهن کي خدا مال، دولت ۽ عزت عطا ڪئي آهي، ايتري قدر جو وٽن اهڙي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانهي جيڪا سندن دل گھري. انهيءَ هوندي بہ خدا کين اها توفيق نہ ٿو ڏئي تہ هو انهيءَ مان مزو ماڻين، بلڪ ڪي ٻيا ماڻهو انهيءَ مان کائي پئي عيش ٿا ڪن. اها بہ هڪ ڏکوئيندڙ ڳالهہ آهي جيڪا سمجھہ کان مٿاهين آهي. 3 مثال طور ڪو ماڻهو وڏيءَ ڄمار تائين جيئرو رهي ۽ کيس سؤ ٻار کڻي ڄمن. پر جيڪڏهن هو پنهنجي انهيءَ ڊگھي حياتيءَ ۾ بہ خوشين کان محروم رهي ۽ مرڻ بعد کيس اها عزت نہ ملي جو دفن ڪيو وڃي، تڏهن آءٌ چوان ٿو تہ انهيءَ ماڻهوءَ کان تہ مئل ڄاول ٻار وڌيڪ بهتر آهي. 4 انهيءَ ٻار جو ڄمڻ ۽ موت بہ هڪ ڳجھارت آهي جيڪا سمجھہ ۾ نہ ٿي اچي. کيس ڪو نالو ئي نہ ڏنو ويو ۽ اهو هڪ اونداهيءَ مان نڪري ٻي اونداهيءَ ۾ ويو. 5 بيشڪ هو زندگيءَ جي تجربن مان نہ ٿو گذري، نڪي هو زندگيءَ بابت ڪجھہ ڄاڻي ٿو، تنهن هوندي بہ هن جي حالت ڪنهن دولتمند جي زندگيءَ کان وڌيڪ آرام واري آهي. 6 دولتمند ماڻهو ڀلي تہ ٻن هزار سالن تائين جيئرو رهي تنهن هوندي بہ زندگيءَ جا مزا نہ ماڻي، تہ پوءِ اهڙي ڊگھي حياتيءَ مان ڪهڙو فائدو؟ آخرڪار سڀيئي تہ وڃي قبر ۾ ٿا پون. 7 جيتوڻيڪ انسان سڄي محنت پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ ٿو ڪري، تنهن هوندي بہ انهيءَ جو پيٽ نہ ٿو ڀرجي. 8 اهڙيءَ حالت ۾ عقلمند ماڻهو بيوقوف کان ڪهڙي ڳالهہ ۾ وڌيڪ آهي؟ يا اهو غريب ماڻهو جيڪو زندگي گذارڻ ڄاڻي ٿو تنهن کي ڪهڙو فائدو حاصل ٿئي ٿو؟ 9 هڪ چوڻي آهي تہ ”جيڪو هٿ ۾ موجود آهي، سو ڪنهن وڌيڪ شيءِ جي تمنا ڪرڻ کان بهتر آهي.“ پيٽ کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان اطمينان نہ ٿو ملي. اهو ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ. انسان لاءِ ڇا بهتر آهي؟ 10 دنيا جو ڪاروهنوار گھڻو اڳ ئي مقرر ٿيل آهي. انسان ۾ اهڙي طاقت نہ آهي جو هو ان ۾ ڪابہ ردوبدل ڪري سگھي، ڇاڪاڻ تہ ڪوبہ ماڻهو انهيءَ سان مقابلو ڪري نہ ٿو سگھي جيڪو کانئس وڌيڪ زورآور آهي. 11 جيترو انسان گھڻو ڳالهائيندو اوترو وڌيڪ منجھي پوندو ۽ انهيءَ مان کيس ڪوبہ فائدو ڪونہ ملندو. 12 بيشڪ زندگيءَ جي معنيٰ سمجھہ کان مٿاهين آهي، اها پاڇي وانگر جلدي وهامي وڃي ٿي. ڪير ٿو ڄاڻي تہ سندس لاءِ ڪهڙي ڳالهہ چڱي آهي يا ڪهڙي خراب؟ ڪنهن کي خبر آهي تہ مستقبل ۾ ڇا ٿيندو؟ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society