Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

واعظ 4 - Muslim Sindhi Bible


ڏکن ڀري زندگي

1 تنهن کان پوءِ مون وري نظر ڪئي ۽ ڏٺم تہ دنيا ۾ هر هنڌ ماڻهن تي ظلم پئي ڪيو ويو. مون ڏٺو تہ مظلومن جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا ۽ انهن کي دلاسي ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هو. مٿن ظلم ڪرڻ وارا وڏي اختيار وارا هئا، پر مظلومن جو ڪوبہ مددگار ڪونہ هو.

2 سو مون پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ جيڪي اڃا جيئرا آهن، تن کان تہ اهي بهتر آهن جيڪي اڳي مري کپي ويا آهن.

3 بلڪ انهن ٻنهي کان بہ وڌيڪ بهتر اهي آهن جيڪي اڃا ڄاوا ئي ڪونہ آهن، جن اڃا اها بڇڙائي ڏٺي ئي ڪونهي جيڪا هن دنيا ۾ پيئي ٿئي.

4 تنهن کان پوءِ مون محنت ۽ هنرمنديءَ جي ڪم بابت غور ڪيو ۽ ڏٺم تہ اهو سڀ ڪجھہ انسان هڪٻئي سان مقابلي ڪرڻ جي لاءِ ٿا ڪن. پر انهيءَ مان اصل مقصد جو پتو نہ ٿو پوي. اهو ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.

5 اهي چون ٿا تہ ”اهو ماڻهو بي‌وقوف آهي، جيڪو پنهنجو کاڌو حاصل ڪرڻ لاءِ پورهيو نہ ٿو ڪري، ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجو پاڻ کي بک وگھي ماريو ڇڏي.“

6 شايد ائين هجي، پر هي بہ آهي تہ ”گھڻو حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي سڄو وقت هڄائڻ کان بهتر آهي تہ اوترو ئي کڻي حاصل ڪجي، جنهن سان سڪون ملي.“ گھڻو هڄڻ بہ ائين ئي آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.

7 پوءِ مون وري هن دنيا ۾ هڪ ٻي ڳالهہ ڏٺي جيڪا منهنجي نظر ۾ هڪ راز آهي.

8 مثال طور ڪنهن ماڻهوءَ کي نہ اولاد آهي ۽ نہ وري ڪو ڀاءُڀيڻ اٿس، بلڪل اڪيلو ئي آهي. تنهن هوندي بہ اهو هميشہ سخت پورهيو ڪندو ٿو رهي پر دولت مان ڍاپجي نہ ٿو. ڀلا اهو ڪنهن جي لاءِ هيتري ساري محنت ٿو ڪري ۽ پنهنجي جيءَ کي جنجال ۾ ٿو وجھي؟ اهڙي تڪليف واري زندگي گذارڻ بہ سمجھہ کان مٿاهين آهي.

9 اڪيلي رهڻ کان ٻہ هجڻ بهتر آهي، ڇاڪاڻ تہ انهن کي سندن گڏيل پورهئي جو چڱو فائدو ٿو ملي.

10 جيڪڏهن انهن مان ڪو هڪڙو ڪرندو، تہ ٻيو سنگتي انهيءَ کي سنڀالي وٺندو. پر افسوس آهي انهيءَ تي جيڪو اڪيلو آهي، ڇاڪاڻ تہ جڏهن اهو ڪرندو تہ کيس ڪوبہ اٿارڻ وارو ڪونہ هوندو.

11 وري جيڪڏهن ٻہ ڄڻا گڏ سمهن ٿا تہ هو گرم ٿا رهن. پر هڪڙو اڪيلو ماڻهو ڪيئن گرم رهي سگھندو؟

12 ڪنهن اڪيلي ماڻهوءَ تي تہ آسانيءَ سان غلبو حاصل ڪري سگھجي ٿو. مگر ٻہ ڄڻا تہ مقابلو ڪري سگھن ٿا، جيئن چوڻي آهي تہ ”ٽيڻو وٽيل ڌاڳو آسانيءَ سان ڪين ٿو ٽُٽي.“

13-14 اهو غريب ۽ ڏاهو نوجوان جيڪو قيد مان نڪري اچي بادشاهہ بڻيو هجي، توڙي جو اهو شاهي خاندان مان نہ هجي، تہ بہ اهو انهيءَ پوڙهي بي‌وقوف بادشاهہ کان وڌيڪ بهتر آهي، جيڪو ڪنهن جي صلاح ئي نہ ٿو وٺي.

15 تڏهن مون دنيا جي سڀني ماڻهن تي غور ڪيو ۽ اندازو لڳايم تہ ڪو نہ ڪو نوجوان هنن مان بہ بادشاهہ کان پوءِ سندس جاءِ‌نشين بڻبو.

16 پر جيڪي بي‌شمار ماڻهو هن کان اڳ ۾ گذري ويا، يا وري ايندڙ پيڙهيون جيڪي هن کان پوءِ رهنديون، تن سڀني جي نظر ۾ هن جو ڪو قدر ڪونہ هوندو. يقيناً اهو بہ سمجھہ کان مٿاهون آهي ۽ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan