واعظ 3 - Muslim Sindhi Bibleهر شيءِ جو وقت مقرر آهي 1 هر شيءِ ۽ هر ڪم جيڪو هن دنيا ۾ ٿئي ٿو، سو مقرر وقت تي ٿيندو رهي ٿو: 2 ڄمڻ جو وقت هجي توڙي مرڻ جو، پوکڻ جو وقت هجي توڙي ڀيل ڪرڻ جو، 3 مارڻ جو وقت هجي توڙي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ جو، ڊاهڻ جو وقت هجي توڙي اَڏائڻ جو، 4 روئڻ جو وقت هجي توڙي کِلڻ جو، روڄ راڙي جو وقت هجي توڙي خوشيءَ مان نچڻ ٽپڻ جو، 5 پٿر گڏ ڪرڻ جو وقت هجي توڙي کنڊيرڻ جو، ڀاڪر پائڻ جو وقت هجي توڙي ڌار رهڻ جو، 6 ڳولي لهڻ جو وقت هجي توڙي وڃائڻ جو، سانڍي رکڻ جو وقت هجي توڙي اڇلائي ڇڏڻ جو، 7 ڦاڙڻ جو وقت هجي توڙي سبڻ جو، ماٺ ڪرڻ جو وقت هجي توڙي ڳالهائڻ جو، 8 محبت ڪرڻ جو وقت هجي توڙي نفرت ڪرڻ جو، جنگ ڪرڻ جو وقت هجي توڙي صلح ڪرڻ جو. 9 پوءِ انهيءَ حالت ۾ سخت پورهئي ڪرڻ مان اسان کي ڇا ٿو حاصل ٿئي؟ 10 آءٌ انهيءَ بار کي ڄاڻان ٿو، جيڪو خدا بني آدم جي مٿان رکيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي پنهنجي ڪم ڪار ۾ رُڌل رهن. 11 خدا دنيا کي ائين پيدا ڪيو آهي جو هر شيءِ پنهنجي مناسب وقت تي پوري ٿئي ٿي. انهيءَ سان گڏوگڏ هن اسان انسانن جي دلين ۾ اصل مقصد جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي خواهش پڻ پيدا ڪئي آهي. پر ان جي باوجود اسين سندس ڪمن جي جاچ شروع کان آخر تائين ڪري نہ ٿا سگھون. 12 تنهنڪري مون ڄاڻي ورتو آهي تہ انهيءَ کان وڌيڪ بهتر ڳالهہ انسان جي وس ۾ ناهي جو هو پنهنجي پوري حياتي رڳو خوش رهي ۽ زندگيءَ جا مزا ماڻيندو رهي. 13 اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ هر ڪو ماڻهو کائي پيئي ۽ پنهنجي محنت جو ڦل پاڻ حاصل ڪري. اها ئي خدا جي طرفان اسان لاءِ نعمت آهي. 14 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ خدا جيڪي بہ ڪري ٿو، سو هميشہ ٿيندو رهندو. انهيءَ ۾ ڪابہ گھٽ وڌائي ٿي نہ ٿي سگھي. خدا هي سڀ ڪجھہ انهيءَ لاءِ ڪيو آهي تہ اسين انسان سندس تعظيم ڪندا رهون. 15 هر ڳالهہ جيڪا هاڻي ٿي رهي آهي، سا اڳ ۾ بہ ٿي چڪي آهي ۽ جيڪي ڪجھہ ايندڙ وقت ۾ ٿيڻو آهي سو هاڻي بہ ٿي رهيو آهي. مطلب تہ خدا ساڳئي ڪم کي وري وري ڪندو رهي ٿو. انسان ۽ حيوان جي ڀيٽ 16 مون اهو بہ جاچي ڏٺو تہ دنيا ۾ هر هنڌ چڱائيءَ بدران بڇڙائي ۽ انصاف بدران ناانصافي پيئي ٿئي. 17 پر مون پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ خدا نيڪن توڙي بدڪارن ٻنهي جو انصاف ڪندو، ڇاڪاڻ تہ مون ڏٺو آهي تہ مناسب وقت تي هر شيءِ ۽ هر ڪم ٿيندو رهي ٿو. 18 مون هي بہ سوچيو تہ هن انصاف ۽ بڇڙائيءَ واري ڳالهہ بابت خدا انسانن کي آزمائي ٿو جڏهن تہ اسان انسانن ۽ جانورن ۾ ڪو فرق نظر نہ ٿو اچي. 19 اهو ئي سبب آهي جو جيڪي ڪجھہ انسان سان ٿي گذري ٿو سو ئي جانورن سان بہ ٿئي ٿو. ٻنهي سان هڪڙي ئي قسم جون ڳالهيون پيش اچن ٿيون. انسان بہ جانورن وانگر ساهہ کڻن ٿا ۽ مري ٿا وڃن. سو انسان حيوان کان وڌيڪ ناهي. بيشڪ اهو راز سمجھڻ ممڪن ناهي. 20 هر جاندار مخلوق هڪڙي ئي هنڌ وڃي ٿي، سڀيئي مٽيءَ مان بڻايا ويا آهن ۽ سڀني کي وري مٽيءَ سان ئي وڃي ملڻو آهي. 21 پوءِ ڪنهن ڏٺو آهي تہ انسان جو روح مٿي چڙهي ٿو وڃي ۽ جانورن جو روح هيٺ ڌرتيءَ ۾ لهي ٿو وڃي؟ 22 تنهنڪري مون تہ اهو ئي ڄاتو آهي تہ انهيءَ کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي تہ ماڻهو پنهنجي ڪمن ۾ خوش رهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي هن لاءِ مقرر ٿيل آهي. انسان کي اهو موقعو ئي نہ ٿو ملي جنهن مان هو ڄاڻي سگھي تہ سندس موت کان پوءِ ڇا ٿيندو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society