واعظ 2 - Muslim Sindhi Bibleخوشحاليءَ، محنت ۽ ڏاهپ حاصل ڪرڻ مان زندگيءَ جو مقصد جاچڻ 1 پوءِ مون پنهنجيءَ دل ۾ فيصلو ڪيو تہ ”ڇو نہ آءٌ هن زندگيءَ جو مزو ماڻيان ۽ خوشيون ملهايان. پوءِ ڏسان تہ انهيءَ مان ڇا ٿو حاصل ٿئي!“ پر مون ڏٺو تہ ائين ڪرڻ سان زندگيءَ جي راز کي سمجھي نہ ٿو سگھجي. 2-3 مون پنهنجيءَ دل ۾ ويچار ڪيو تہ آءٌ پنهنجي جسم کي مئي پيئڻ وسيلي خوش رکان. مون ايتري مئي پيتي جو بيهوش ٿي ويس. مون اهو انهيءَ ڪري ڪيو، تہ جيئن ڏاهپ جي وسيلي آءٌ جاچ ڪري ڏسان تہ هن ڌرتيءَ تي بني آدم جي ٿورڙي حياتيءَ دوران اهو ڪم ڪرڻ فائدي وارو آهي يا نہ. پر مون سهي ڪري ورتو تہ کلڻ ۽ خوشي ملهائڻ وسيلي زندگيءَ جي راز کي سمجھڻ چريائپ آهي. 4 تڏهن مون ڪجھہ وڏا وڏا ڪم ڪيا. مون پنهنجي لاءِ گھر جوڙايا ۽ انگورن جا باغ لڳرايا. 5 مون پنهنجي لاءِ باغ ۽ باغيچا تيار ڪرايا، جن ۾ هر قسم جي ميون جا وڻ لڳرايا. 6 مون تلاءَ جوڙايا، انهيءَ لاءِ تہ انهن وڻن کي پاڻي ڏجي. 7 مون ڪيترائي غلام ۽ ٻانهيون پڻ خريد ڪيون، جن جا پٽ ۽ ڌيئرون، جيڪي پيدا ٿيا سي بہ منهنجا نوڪر چاڪر بڻيا. مون وٽ ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جا گھڻا ئي ڌڻ هئا. هائو، منهنجي ملڪيت انهن سڀني کان وڌيڪ هئي جيڪي مون کان اڳ يروشلم ۾ رهندا هئا. 8 مون گھڻو ئي سون ۽ چاندي گڏ ڪيو ۽ ڌارين بادشاهتن تي قبضو ڪري انهن ملڪن مان قيمتي خزانا هٿ ڪيا. مون پنهنجي لاءِ عورتون ۽ مرد ڳائڻا مقرر ڪيا ۽ پنهنجي عيش عشرت لاءِ گھڻيون ئي سريتون رکيم. 9-10 جيڪي ماڻهو انهيءَ وقت يا انهيءَ کان اڳ يروشلم ۾ رهندا هئا، تن سڀني کان آءٌ عظمت ۽ دولت ۾ وڌي ويس. مون جيڪي چاهيو سو حاصل ڪيو ۽ اهو ئي ڪجھہ پئي ڪيم جنهن سان منهنجي دل کي خوشي حاصل پئي ٿي. منهنجي دل منهنجي انهيءَ سڄي محنت جي ڪري بيحد خوش هئي ۽ اها خوشي منهنجو انعام هو. تنهن هوندي بہ انهيءَ وقت دوران مون ڏاهپ واري جاچ کي ڇڏي ڪونہ ڏنو. 11 پوءِ پنهنجي هٿن جي پورهئي سميت مون پنهنجي ڪيل سڀني ڪمن تي غور ويچار ڪيو. تڏهن ڇا ڏٺم تہ ائين ڪرڻ سان بہ زندگيءَ جي راز کي نہ ٿو سمجھي سگھجي. اهو ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ. هائو، هن دنيا ۾ ڪنهن بہ ڪم يا تجربي ڪرڻ سان زندگيءَ جو اصل مقصد حاصل ٿي نہ ٿو سگھي. 12 ڪوبہ بادشاهہ رڳو اهڙو ڪجھہ ڪري سگھي ٿو، جيڪو هن کان اڳ ۾ ٻيا بادشاهہ ڪري چڪا آهن. سو مون جاچيو تہ متان ڏاهپ ۽ بيعقليءَ جي ڀيٽ ڪرڻ ۾ ڪو فائدو هجي. 13 مون ڏٺو تہ ڏاهپ بيعقليءَ کان ايترو تہ بهتر آهي، جيترو روشني اونداهيءَ کان. 14 ڏاها ماڻهو چڱيءَ طرح ڏسي ٿا سگھن تہ هو ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن. مگر بيعقل ماڻهو انهن شخصن وانگر آهن جيڪي اونداهيءَ ۾ هلندي ٿاٻڙجي ٿا پون. تنهن هوندي بہ مون ڄاتو تہ ڏاهو هجي توڙي بيعقل، پڄاڻي ٻنهي جي هڪڙي ئي ٿئي ٿي. 15 تڏهن مون پنهنجيءَ دل ۾ سوچيو تہ جيڪڏهن بيعقلن وانگر مون کي بہ موت ملندو تہ پوءِ ڏاهپ ڇو حاصل ڪريان؟ زندگيءَ جي ڳجھارت ڀڃڻ لاءِ اهڙي ڪوشش فضول آهي. 16 پر افسوس! ڏاهو هجي توڙي بيعقل سڀ مري ٿا وڃن ۽ جلد ئي ماڻهن جي دلين مان وسريو ٿا وڃن. ائين نہ ٿو ٿئي جو ڏاهي کي بيعقل کان وڌيڪ ياد ڪيو وڃي. 17 هن دنيا ۾ جيڪو بہ ڪم ڪيو ٿو وڃي سو منهنجي نظر ۾ ڏک رسائيندڙ آهي. انهيءَ ڪري مون کي زندگيءَ کان نفرت ٿي ويئي آهي. انهيءَ سبب جو زندگيءَ جي راز کي سمجھڻ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ. 18 تڏهن مون سمجھي ورتو تہ هن دنيا ۾ سخت محنت ڪري مون جيڪي مال ملڪيت گڏ ڪيو آهي، سو سڀ مون کي پنهنجي وارثن لاءِ ڇڏي وڃڻو پوندو. تڏهن آءٌ انهن سڀني ڳالهين کان نفرت ڪرڻ لڳس، 19 ڇاڪاڻ تہ ڪنهن کي خبر تہ اهي منهنجا وارث ڏاها هوندا يا بيعقل؟ انهيءَ هوندي بہ جيڪي مون هن دنيا ۾ سخت محنت ۽ ڏاهپ سان حاصل ڪيو آهي تنهن جا اهي مالڪ بڻجي ويندا. تہ پوءِ اهو زندگيءَ جو راز سمجھہ کان مٿاهون آهي. 20 هائو، تڏهن آءٌ سوچ ويچار ڪري پنهنجي انهيءَ ڪيل سموري محنت کان نااميد ٿي ويس. 21 جڏهن اسين محنت ڪندي پنهنجي ڏاهپ، علم ۽ هنر سان پنهنجي لاءِ ڪجھہ گڏ ڪريون ٿا، تڏهن اهو سڀ اسين ڇو ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڇڏي وڃون، جنهن انهيءَ لاءِ ڪابہ محنت نہ ڪئي هجي؟ اها بہ هڪڙي مصيبت آهي جيڪا سمجھہ کان مٿاهين آهي. 22 انهيءَ مان ظاهر آهي تہ انسان پنهنجي سوچ ويچار سان ڪيل محنت ۽ مشقت مان ڪوبہ فائدو حاصل نہ ٿو ڪري. 23 انسان جي پوري حياتي ڏکن سان ڀريل آهي ۽ سندس محنت هڪ عذاب آهي. ايتري قدر جو رات جو بہ سندس خيال کيس آرام ڪرڻ نہ ٿا ڏين. اهو بہ سمجھہ کان مٿاهون آهي. 24 پوءِ ڇا اسان انسانن لاءِ اهو بهتر ناهي جو اسين کائون، پيئون ۽ پنهنجي محنت جي ڦل مان پاڻ مزا ماڻيون؟ منهنجو ايمان آهي تہ اهي شيون اسان لاءِ خدا جون نعمتون آهن. 25 انهيءَ سبب جو خدا جي مرضيءَ کان سواءِ ڪوبہ ماڻهو کائي، پئي ۽ مزا ماڻي نہ ٿو سگھي. 26 هائو، خدا جنهن ماڻهوءَ مان راضي ٿو رهي، تنهن کي ئي هو ڏاهپ، علم ۽ خوشي عطا ڪري ٿو. پر جيڪو ماڻهو گنهگار آهي، تنهن کان هو سخت محنت ۽ مشقت ٿو ڪرائي. پوءِ اهو ماڻهو جيڪي بہ ميڙي گڏ ڪري ٿو سو سڀ خدا انهيءَ جي حوالي ڪري ٿو جنهن تي هو راضي ٿئي ٿو. بس، انهيءَ ۾ بہ زندگيءَ جو راز آهي ۽ انهيءَ کي سمجھڻ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society