واعظ 12 - Muslim Sindhi Bible1 انهيءَ کان اڳ جو اوهان تي ڏکيو وقت اچي پوي ۽ موت جا ڏينهن ويجھا اچي وڃن، اوهين جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ئي پنهنجي خالق کي ياد ڪندا رهو. پوءِ اوهين ائين نہ چوندا تہ ”هاڻي اسان لاءِ ڪابہ خوشي نہ رهي آهي.“ 2 انهن ڏينهن ۾ اوهان لاءِ سج جي روشني ويندي رهندي ۽ چنڊ تارا اونداها ٿي ويندا ۽ اونداها ڪڪر اوهان مٿان بار بار لنگھندا. 3 انهن ڏينهن ۾ اوهان جا محافظ بازو ڏڪڻ لڳندا ۽ اوهان جون ٽنگون جيڪي هينئر مضبوط آهن، سي ٿڙڪڻ لڳنديون. اوهان جا ڏند ٿورا وڃي بچندا ۽ کاڌو چٻاڙي نہ سگھندا. اوهان جي اکين جي نظر ويندي رهندي. 4 اوهان جو آواز بلڪل جھيڻو ٿي ويندو ۽ اوهان جا ڪن اهڙا ٻوڙا ٿي پوندا جو اوهين گيت بہ ٻڌي ڪين سگھندا، جڏهن تہ پکين جو هلڪو آواز بہ اوهان جي ننڊ ڦٽائي وجھندو. 5 اوهين مٿاهين تي چڙهڻ کان ڊڄندا ۽ عام رستن تي هلڻ کان بہ خوف کائيندا. اوهان جا وار ڦري اڇا ٿي پوندا، جيئن بادامين جو ٻور هوندو آهي. اوهين پوڙهيءَ تڏ وانگر پاڻ کي گهليندا وتندا ۽ اوهان کي ڪابہ خواهش نہ رهندي. بيشڪ اسان مان هر ڪو پنهنجي ابدي گھر ڏانهن هليو ويندو ۽ پوءِ اوهان تي روئڻ پٽڻ وارا گھٽين ۾ پيا ايندا ويندا. 6 هائو، چانديءَ جي ڏور ٽٽي پوندي تہ سون جو ڏيئو ڪري ڀڄي پوندو. کوهہ جي چرخي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪرندي تہ پاڻي ڪڍڻ وارو ڏول ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پوندو. 7 اهڙيءَ طرح انسان جو خاڪي بدن موٽي وڃي خاڪ سان ملندو ۽ حياتي ڏيندڙ ساهہ خدا موٽائي وٺندو. 8 سو آءٌ دانائيءَ واري ڳالهہ ڪندي چوان ٿو تہ راز آهي، راز آهي، زندگي هڪ راز آهي، ۽ اها انساني سمجھہ کان مٿاهين آهي. حاصل مطلب 9 جيئن تہ اهي دانائيءَ واريون ڳالهيون چوندڙ هڪ وڏو ڏاهو ماڻهو هو، تنهنڪري هن پنهنجي قوم کي وڏي ڄاڻ ڏني. هائو، هن پوريءَ طرح گھڻين ئي ڳالهين تي غور ويچار ڪيو ۽ سڄي حقيقت معلوم ڪري گھڻيون ئي نصيحتون ترتيب وار بيان ڪيون. 10 انهيءَ ڏاهي انهن ڳالهين کي سٺي انداز ۽ بلڪل درست نموني ۾ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. 11 ڏاهپ جون ڳالهيون ريڍار جي انهيءَ لٺ مثل آهن، جنهن سان هو رڍن کي هڪلي ٿو. هائو، اهي گڏ ڪيل نصيحتون سُوئي وانگر چڀندڙ آهن. اهي سڀ نصيحتون انهيءَ جي طرفان عطا ڪيل آهن، جيڪو اسان سڀني جو ڌنار آهي. 12 اي منهنجا ٻارؤ! هڪ ٻي بہ ڳالهہ آهي جنهن بابت آءٌ اوهان کي خبردار ٿو ڪريان. اها هيءَ آهي تہ نصيحتن کي ترتيب ڏيڻ جو ڪم بيانتها آهي. سو جيڪڏهن ڏاهپ حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا تہ اوهين پڙهندي پڙهندي ٿڪجي پوندا. 13 جيڪي نصيحتون ٻڌايون ويون آهن تن جو حاصل مطلب هي آهي تہ خدا کان ڊڄو ۽ سندس حڪمن تي عمل ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هر انسان جو اهو ئي فرض آهي. 14 بيشڪ خدا اسان جو هر ڪيل ڪم پنهنجيءَ عدالت ۾ آڻيندو ۽ انهيءَ موجب اسان کي بدلو ڏيندو، پوءِ اهو چڱو ڪم هجي يا برو، توڙي جو اهو ڳجھيءَ طرح ڪيو ويو هجي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society