واعظ 11 - Muslim Sindhi Bibleانسان جي ڄاڻ محدود آهي 1 ڀلي تہ اوهين پنهنجي دولت پاڻيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو، تہ بہ ڪنهن نہ ڪنهن ڏينهن اها اوهان کي واپس ملي سگھي ٿي. 2 پر جيڪڏهن اوهين پنهنجي دولت جي حفاظت لاءِ ان کي ڪيترن ئي هنڌن تي لڪائي ڇڏيو، تہ بہ اوهين نٿا ڄاڻو تہ ملڪ تي ڪهڙي وقت اچي ڪا آفت ڪڙڪندي ۽ سڀ ڪجھہ برباد ڪري ڇڏيندي. 3 جڏهن قدرتي طور ڪڪر پاڻيءَ سان ڀرجي ويندا آهن تہ اچي ڌرتيءَ تي مينهن وسائيندا آهن. وڻ توڙي جو قدرتي طور ڪهڙي بہ طرف ڪري، تہ بہ اهو پنهنجي ڪرڻ واريءَ جاءِ تي ئي پيو ٿو رهي. 4 جيڪو ماڻهو هوا ۽ موسم جي صحيح وقت جو انتظار ڪندو رهي ٿو، سو بہ ڪڏهن ڪڏهن نڪي ڪجھہ پوکي سگھي ٿو، ۽ نہ وري ڪجھہ لڻي سگھي ٿو. 5 جڏهن تہ ڪو ماڻهو اهو نہ ٿو ٻڌائي سگھي تہ ڄمڻ کان اڳ ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ ڪيئن ٿو ساهہ کڻي، تڏهن هر شيءِ جي خلقيندڙ خدا جي ڪمن کي ڪو ڪيئن ٿو سمجھي سگھي! 6 صبح توڙي شام پنهنجي ٻنيءَ ۾ ٻج پوکيندا رهو، ڇاڪاڻ تہ ڪنهن کي ڪهڙي خبر تہ انهن مان ڪهڙو داڻو ڦٽي نڪرندو، ڪجھہ داڻا يا سمورو ٻج ڦٽي نڪرندو. جوانيءَ جي ڏينهن ۾ خالق کي نہ وساريو 7 بيشڪ هن دنيا ۾ زندگي گذارڻ ڪيڏي نہ چڱي ڳالهہ آهي. هائو، سج جي روشنيءَ ۾ رهڻ ڪيڏو نہ وڻندڙ آهي. 8 سو جيترن سالن تائين اوهين جيئرا رهو تہ خوشيون ملهائيندا رهو. پر ياد ڪجو تہ ڪڏهن نہ ڪڏهن موت جي اونداهي بہ اچڻي آهي جيڪا هن دنيا ۾ رهڻ جي مقابلي ۾ ڊگھي عرصي تائين هلندي. اهو سڀ ڪجھہ جيڪو مستقبل ۾ آهي سو بہ هڪ راز آهي. 9 اي نوجوانؤ! جيستائين اوهين جوان آهيو، تيستائين جائز خوشيون ملهايو ۽ زندگيءَ جا مزا ماڻيو. اوهان جي دل جيڪي چاهي سو ڪريو. ڀلي تہ اوهين زندگيءَ جو جائز لطف حاصل ڪريو. پر اهو ڄاڻي ڇڏيو تہ اوهان جي سڀني خيالن ۽ ڪمن جو حساب ڪتاب ڪرڻ لاءِ خدا اوهان کي پنهنجي عدالت ۾ ضرور سڏائيندو. 10 نوجوانيءَ توڙي ڦوهہ جوانيءَ ۾ ڏک ۽ پريشانيون اچي سگھن ٿيون. تن جي ڪري اوهين منجھي نہ پئو، ڇاڪاڻ تہ زندگيءَ جو راز سمجھہ کان مٿاهون آهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society