Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

واعظ 10 - Muslim Sindhi Bible

1 جهڙيءَ طرح چند مئل مکيون عطر جي پوريءَ بوتل کي بدبودار ڪريو ڇڏين، تهڙيءَ طرح ٿورڙي ئي بي‌عقلي سڄي ڏاهپ ۽ عزت کي خاڪ ۾ ملايو ڇڏي.

2 ڏاهي ماڻهوءَ جي دل سچائيءَ ڏانهن مائل ٿي لڳي، جڏهن تہ بي‌عقل ماڻهوءَ جي دل براين ڏانهن ٿي لڳي.

3 بي‌عقل ماڻهن جي زندگي گذارڻ جي طريقن مان ئي سندن بي‌وقوفي ظاهر ٿئي ٿي. هائو، کين ڏسي آسانيءَ سان سمجھي سگھجي ٿو تہ اهي بي‌عقل آهن.

4 جيڪڏهن اوهان جو حڪمران ڪنهن ڳالهہ تان اوهان کان ناراض ٿئي، تہ اوهين جلديءَ ۾ ڪم ڪار ڇڏي هليا نہ وڃو، ڇاڪاڻ تہ بردبار نموني ڳالهائڻ سان وڏي ۾ وڏو ڏوهہ بہ معاف ٿي سگھي ٿو.

5 هن دنيا ۾ هڪڙي ٻي ناانصافي مون ڏٺي، ۽ اها اهڙي غلطي آهي جيڪا حڪمرانن کان ٿئي ٿي،

6 جو بي‌عقلن کي اعليٰ رتبو عطا ڪيو ٿو وڃي، جڏهن تہ وڏن وڏن اميرن کي خوار خراب ڪيو ٿو وڃي.

7 بلڪ مون اهو بہ ڏٺو آهي تہ غلام گھوڙن تي سوار آهن، جڏهن تہ سردار غلامن وانگر پيادل پيا هلن.

8 جيڪو کڏ کوٽي ٿو سو انهيءَ ۾ ڪري سگھي ٿو. جيڪو لوڙهي کي پَٽي ٿو تنهن کي نانگ ڏنگي سگھي ٿو.

9 جيڪو پٿرن کي ڍوئي ٿو، تنهن کي انهن مان ايذاءُ بہ رسي سگھي ٿو. جيڪو ڪاٺ کي وڍي ٿو، تنهن کي انهيءَ مان زخم بہ ٿي سگھي ٿو.

10 جيڪڏهن ڪهاڙو مڏو آهي، ۽ انهيءَ کي لائي تکو نہ ٿو ڪيو وڃي، تہ انهيءَ سان محنت وڌيڪ ڪرڻي پوي ٿي. پر جيڪڏهن ڪو ڏاهو ماڻهو آهي، تہ اهو ڄاڻي ٿو تہ کيس ڇا ڪرڻ گھرجي.

11 جيڪڏهن نانگ مدو مقرر ڪرڻ کان اڳ ۾ جوڳيءَ کي ڏنگي ٿو وجھي، تہ پوءِ انهيءَ جوڳيءَ کي مدو مقرر ڪرڻ مان ڪوبہ فائدو نہ پهچندو.

12 ڏاهو ماڻهو جيڪي ڳالهائي ٿو، تنهن سان هو عزت ٿو حاصل ڪري. پر بي‌عقل ماڻهو پنهنجي ڳالهائڻ سان پاڻ کي ئي نقصان ۾ وجھيو ڇڏي.

13 بي‌عقل ماڻهوءَ جو ڳالهائڻ شروع کان آخر تائين بي‌وقوفيءَ سان ڀريل آهي، ۽ آخرڪار انهيءَ بڪواس جي ڪري سندس چريائپ ظاهر ٿئي ٿي.

14 بي‌عقل ماڻهو آئيندي جي باري ۾ گھڻو ٿو ڳالهائي. پر ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ اڳتي هلي ڇا ٿيندو. هائو، ڪوبہ اهو نہ ٿو ٻڌائي سگھي تہ مستقبل ۾ ڇا ٿيندو.

15 بي‌عقل ماڻهو اجائي محنت ڪندي ڪندي ٿڪجي ٿا پون، ايتري تائين جو هو پنهنجي گھر جو رستو بہ ڀلجي ٿا وڃن.

16 اها قوم ڪيڏي نہ مصيبت ۾ آهي، جنهن جو حڪمران غلاميءَ مان بادشاهہ بڻيو هجي! ۽ جنهن جا اڳواڻ سڄو ڏينهن پيا کائيندا پيئندا وتن.

17 پر اها قوم وڏي خوشحال آهي، جنهن جو بادشاهہ خانداني ماڻهو آهي، ۽ جنهن جا اڳواڻ رڳو سگھہ حاصل ڪرڻ لاءِ مناسب وقت تي کائين پيئن ٿا، نڪي نشي ۾ مست ٿيڻ لاءِ.

18 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي گھر جي ڇت جي مرمت ڪرڻ ۾ سستي ڪري ٿو، تہ اها وهڻ لڳي ٿي، ۽ پوءِ نيٺ اها ڇت ڊهي پوي ٿي.

19 کائڻ جي دعوت ۾ ماڻهو کلن ۽ خوش ٿين ٿا، ۽ مئي ماڻهوءَ کي سرور بخشي ٿي، پر پئسن کان سواءِ ڪابہ شيءِ خريد ڪري نہ ٿي سگھجي.

20 اوهين بادشاهہ تي تنقيد ڪرڻ لاءِ پنهنجيءَ دل ۾ بہ خيال نہ آڻيو، نڪي ڪنهن امير جي ئي ملامت ڪريو. هائو، پنهنجي ڳجھيءَ جاءِ ۾ بہ ويهي ائين نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ ڀتين کي بہ ڪن ٿين ٿا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan