شريعت جو دور 7 - Muslim Sindhi Bibleخداوند جي خاص قوم ( خروج 34:11-16 ) 1 موسيٰ چيو تہ ”جڏهن خداوند اوهان جو خدا اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تڏهن اتي جون ست قومون يعني حتي، جِرجاشي، اموري، ڪنعاني، فرزي، حِوي ۽ يبوسي، جيڪي اوهان کان وڏيون ۽ طاقت واريون آهن، تن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍندو. 2 پوءِ جڏهن خداوند اوهان جو خدا انهن کي اوهان جي حوالي ڪري ۽ اوهين انهن کي شڪست ڏيو، تڏهن کين بلڪل نابود ڪري ڇڏجو. ساڻن ڪو عهد نہ ڪجو، نڪي مٿن رحم ڪجو. 3 اوهين انهن مان شاديون نہ ڪجو، نہ پنهنجيون ڌيئر هنن جي پٽن کي ڏجو، نڪي هنن جون ڌيئر پنهنجن پٽن لاءِ وٺجو. 4 اهي اوهان جي اولاد کي خداوند کان ڦيرائي ڇڏيندا، انهيءَ لاءِ تہ هو غير معبودن جي پوڄا ڪن. تڏهن خداوند جو غضب اوهان تي اچي ڪڙڪندو ۽ هو هڪدم اوهان کي برباد ڪري ڇڏيندو. 5 اٽلندو اوهين هنن سان هيءَ هلت ڪجو جو سندن قربانگاهون ڊاهي ڇڏجو، هنن جا پوڄا وارا پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏجو. هنن جا يسيرہ ديويءَ نالي وارا ٿنڀي جيان کوڙيل بت ڪيرائي ڇڏجو ۽ سندن تراشيل مورتيون ساڙي ڇڏجو. 6 اوهين خداوند پنهنجي خدا جا چونڊيل آهيو. هائو، هن اوهان کي دنيا جي سڀني قومن مان پنهنجي خاص قوم ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي. 7 خداوند جو اوهان کي پسند ڪرڻ ۽ چونڊڻ جو اهو سبب نہ هو تہ ڪو اوهين تعداد ۾ ٻين کان گھڻا هئا، بلڪ اوهين تہ ٻين سڀني قومن کان تمام ٿورا هئا. 8 پر خداوند جيئن تہ اوهان سان پيار ٿي ڪيو ۽ جيڪو قسم هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان کنيو هو سو پورو ڪرڻ ٿي چاهيائين، تنهنڪري هن پنهنجي زورآور هٿ سان اُتان اوهان کي ٻاهر ڪڍي آندو، جتي اوهين غلام هئا. هن اوهان کي مصر جي بادشاهہ فرعون جي چنبي مان ڇڏايو. 9 تنهنڪري ياد رکو، تہ خداوند اوهان جو خدا اهو ئي خدا آهي. هو واعدو وفا ڪندڙ خدا آهي. سو جيڪي کيس پيار ٿا ڪن ۽ سندس حڪمن تي عمل ٿا ڪن، تن سان هزارين پيڙهين تائين پنهنجو عهد قائم رکندي ساڻن لافاني شفقت ٿو رکي. 10 جيڪي ساڻس دشمني ٿا رکن تن کي بدلي ۾ سندن ڏسندي ئي ڏسندي برباد ٿو ڪري. هو دير نہ ٿو ڪري، بلڪ انهن کان ئي بدلو ٿو وٺي. 11 تنهنڪري جيڪي حڪم ۽ قاعدا قانون آءٌ اڄ اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندا رهجو.“ فرمانبردارن لاءِ برڪتون ( شريعت جو دور 28:1-14 ) 12 ”تنهنڪري جيڪڏهن اوهين هي فيصلا ٻڌي، انهن کي مڃي مٿن عمل ڪندا، تہ خداوند اوهان جو خدا بہ پنهنجو عهد ۽ لافاني شفقت اوهان سان قائم رکندو، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو. 13 هو اوهان کي پيار ڪندو، برڪت ڏيندو ۽ اوهان کي وڌائيندو. جيڪو ملڪ اوهان کي ڏيڻ لاءِ هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن منجھہ اوهان جي اولاد ۾ ۽ زمين جي پيداوار يعني اناج ۾، مئي ۾، زيتون جي تيل ۾ ۽ ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي ڌڻن ۾ برڪت وجھندو. 14 اوهان کي ٻين سڀني قومن کان وڌيڪ برڪت عطا ٿيندي. اوهان ۾ توڙي اوهان جي چوپائي مال ۾ ڪوبہ نر يا ڪابہ مادي سنڍ نہ ٿيندي. 15 خداوند هر قسم جي بيماري اوهان کان دور ڪندو. مصر جا اُهي سڀ خوفناڪ مرض جن جي اوهان کي خبر آهي، تن مان ڪوبہ مرض هو اوهان تي ڪين موڪليندو، بلڪ انهن کي اوهان جي دشمنن تي موڪليندو. 16 اوهين انهن سڀني قومن کي جيڪي خداوند اوهان جو خدا اوهان جي حوالي ڪندو، نابود ڪري ڇڏجو. اوهين انهن تي ڪوبہ قياس نہ ڪجو، نڪي انهن جي معبودن جي پوڄا ڪجو. ائين نہ ٿئي جو اهي اوهان جي لاءِ ڦندو ثابت ٿين. 17 جيڪڏهن اوهان جي دل ۾ اهو خيال اچي تہ ’هي قومون اسان کان گھڻيون آهن، اسين هنن کي ڪيئن ڀڄائي ڪڍي سگھنداسين؟‘ 18 تڏهن بہ اوهين هنن کان نہ ڊڄجو، بلڪ اهو ياد ڪجو تہ خداوند اوهان جي خدا، فرعون ۽ سڀني مصرين سان ڇا ڇا ڪيو. 19 اهي وڏيون وڏيون آزمائشون اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺيون. خداوند اوهان جي خدا هيبتناڪ ڪمن ۽ معجزن جي وسيلي اوهان کي پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان ٻاهر ڪڍي آيو. خداوند اوهان جو خدا انهن سڀني قومن سان بہ ائين ئي ڪندو جن کان اوهين ڊڄو ٿا. 20 انهيءَ کان سواءِ خداوند اوهان جو خدا انهن ۾ ٽاڪوڙو وجھندو انهيءَ لاءِ تہ هنن مان جيڪي بچي اوهان کان لڪي پيا هوندا، تن کي بہ تباهہ ڪري ڇڏي. 21 سو اوهين انهن کان ڪوبہ خوف نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا جيڪو اوهان جي وچ ۾ آهي سو عظيم ۽ هيبتناڪ خدا آهي. 22 هو انهن قومن کي ٿورا ٿورا ڪري اوهان وٽان هٽائي ڇڏيندو. سو اوهين انهن کي هڪدم نابود ڪري نہ ٿا سگھو، ڇو تہ متان جھنگلي جانور گھڻا ٿي اوهان تي حملو ڪن. 23 تنهن هوندي بہ خداوند اوهان جو خدا انهن قومن کي اوهان جي حوالي ڪندو ۽ کين اهڙي تہ سخت گھمسان ۾ وجھندو جو اهي بلڪل نابود ٿي ويندا. 24 هو انهن جي بادشاهن کي اوهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندو. سو اوهين انهن جو نالو ڌرتيءَ تان مِٽائي ڇڏيندا. جيستائين اوهين انهن کي نابود نہ ڪندا تيستائين ڪوبہ ماڻهو اوهان جي اڳيان بيهي ڪين سگھندو. 25 اوهين انهن جي معبودن جي تراشيل مورتين کي ساڙي ڇڏجو. جيڪا چاندي يا سون انهن تي هجي تنهن جي اوهين لالچ نہ ڪجو، نڪي اهي پنهنجي لاءِ کڻجو، متان اوهين انهن ۾ ڦاسي پئو، ڇاڪاڻ تہ اها ڳالهہ خداوند اوهان جي خدا جي نظر ۾ ڪراهت جهڙي آهي. 26 اوهين بتن جي ڪابہ مڪروهہ شيءِ پنهنجي گھر ۾ نہ آڻجو، نہ تہ اوهين بہ انهن وانگر لعنتي ٿيندا. اوهين انهن کان سخت نفرت ڪجو ۽ انهن کي غلاظت ڪري ڄاڻجو، ڇاڪاڻ تہ اهي لعنتي آهن.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society