Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

شريعت جو دور 4 - Muslim Sindhi Bible


فرمانبرداريءَ لاءِ نصيحت

1 پوءِ موسيٰ بني اسرائيل جي ماڻهن کي چيو تہ ”اي بني اسرائيل! جيڪي قاعدا قانون آءٌ اوهان کي سيکاريان ٿو سي چڱيءَ طرح ٻڌي انهن تي عمل ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين جيئرا رهو ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، تنهن ۾ داخل ٿي مٿس قبضو ڪريو.

2 جنهن بہ ڳالهہ جو آءٌ اوهان کي حڪم ڏيان ٿو، تنهن ۾ نہ تہ ڪجھہ وڌائجو، نڪي انهيءَ مان ڪجھہ گھٽائجو. اوهين خداوند پنهنجي خدا جي انهن حڪمن تي عمل ڪندا رهجو جيڪي آءٌ اوهان کي ڏيان ٿو.

3 پعور واري بعل معبود جي واقعي ۾ جيڪي خداوند ڪيو، سو اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺو. جيڪي ماڻهو انهيءَ معبود جي پٺيان لڳا، تن سڀني کي خداوند اوهان جي خدا اوهان جي وچ مان برباد ڪري ڇڏيو.

4 پر اوهين جيڪي خداوند پنهنجي خدا سان چُهٽيل رهيا، تن مان هر ڪو اڄ ڏينهن تائين جيئرو آهي.

5 ڏسو، مون اُهي قاعدا قانون جن جو خداوند منهنجي خدا مون کي حڪم ڏنو آهي، سي اوهان کي سيکاري ڇڏيا آهن، انهيءَ لاءِ تہ اوهين جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ وڃو تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو.

6 سو اوهين انهن کي مڃيندا ۽ انهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندا رهجو، ڇاڪاڻ تہ ٻين قومن جي نظر ۾ اها اوهان جي دانائي ۽ سياڻپ ليکبي. اُهي قومون هنن سڀني قانونن کي ٻڌي چونديون تہ ’بيشڪ هن وڏيءَ قوم جا ماڻهو داناءَ ۽ سياڻا آهن.‘

7 هن ڪري جو اهڙي وڏي قوم ڪا ٻي بہ آهي ڇا، جنهن جو معبود انهيءَ کي اهڙو ويجھو هجي جهڙو خداوند اسان جو خدا، هر انهيءَ وقت اسان کي ويجھو آهي، جڏهن اسين کيس پڪاريون ٿا؟

8 اهڙي وڏي قوم ڪا ٻي بہ آهي ڇا، جنهن جا قاعدا قانون اهڙا سچا هجن جهڙي هيءَ سڄي شريعت آهي، جيڪا اڄ آءٌ اوهان جي آڏو رکان ٿو؟

9 سو اوهين خبردار رهجو ۽ پاڻ تي وڏي نظر رکجو. متان اهي ڳالهيون جيڪي اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏيو. متان اهي سڄيءَ عمر ۾ اوهان جي دل تان لهي وڃن، بلڪ اوهين اهي پنهنجن ٻارن ۽ ٻارن جي ٻارن کي بہ سيکاري ڇڏجو.

10 خاص ڪري انهيءَ ڏينهن واريون ڳالهيون کين سيکارجو، جنهن ڏينهن اوهين سينا جبل وٽ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بيٺا هئا. ان وقت خداوند مون کي فرمايو هو تہ ’بني اسرائيل قوم کي منهنجي اڳيان آڻي گڏ ڪر، تہ آءٌ انهن کي پنهنجو فرمان ٻڌايان، انهيءَ لاءِ تہ هو پنهنجي سڄي حياتي جيستائين هو زمين تي جيئرا رهن تيستائين مون کان ڊڄڻ سکن ۽ پنهنجن ٻارن کي بہ اهو سيکارين.‘

11 سو اوهين ويجھا اچي انهيءَ جبل جي هيٺان بيٺا. اهو جبل اونداهي دونهين جي گھاٽن بادلن سان ڍڪيل هو ۽ انهيءَ جي مٿان آسمان جي اندر تائين باهہ پئي ٻري.

12 تڏهن خداوند باهہ جي وچ مان اوهان سان ڳالهايو. اوهان ڳالهائڻ جو آواز تہ ٻڌو پر شڪل ڪانہ ڏٺي، رڳو آواز ئي ٻڌو.

13 هن پنهنجو عهد، جيڪو سندس ڏهن حڪمن جي پوري ڪرڻ تي ٻڌل هو، سو اوهان کي ظاهر ڪري ٻڌايو ۽ انهن حڪمن تي عمل ڪرڻ جو تاڪيد پڻ ڪيو. هن اهي حڪم پٿر جي ٻن تختين تي بہ لکيا.

14 انهيءَ وقت خداوند مون کي حڪم ڏنو تہ آءٌ اوهان کي قاعدا قانون سيکاريان، انهيءَ لاءِ تہ جنهن ملڪ تي اوهين قبضو ڪرڻ وڃو ٿا تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو.“


بت‌پرستيءَ خلاف چتاءُ

15 ”جنهن ڏينهن خداوند سينا جبل تي باهہ جي وچ مان اوهان سان ڳالهايو هو، تنهن ڏينهن اوهان ڪنهن بہ قسم جي شڪل ڪانہ ڏٺي هئي. تنهنڪري اوهين چڱيءَ طرح خبردار ٿجو،

16 متان اوهين پاڻ کي خراب ڪريو، جو پنهنجي لاءِ ڪنهن مرد يا عورت جي صورت جهڙو ڪو تراشيل بت ٺاهيو،

17 يا زمين جي ڪنهن جانور يا وري آسمان ۾ اڏامندڙ ڪنهن پکيءَ جي صورت ٺاهيو،

18 يا زمين تي سرندڙ ڪنهن جيت يا پاڻيءَ ۾ رهندڙ ڪنهن مڇيءَ جي صورت ٺاهيو.

19 ساڳيءَ طرح متان جڏهن اوهين آسمان ڏانهن نهاريو ۽ سج، چنڊ ۽ تارا يعني آسمان واريون سڀيئي شيون ڏسي گمراهہ ٿيندي انهن کي سجدو ڪريو ۽ انهن جي پوڄا ڪريو، جن کي خداوند اوهان جي خدا، دنيا جي سڀني قومن جي خدمت لاءِ بڻايو آهي.

20 پر خداوند اوهان کي چونڊي ڪڍيو ۽ لوهہ جي کُوري يعني مصر مان ڪڍي اوهان کي ٻاهر آندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين سندس ميراث واري قوم هجو، جيئن اڄ آهيو.

21 اوهان جي ڪري خداوند مون سان بہ ڪاوڙيو ۽ قسم کڻي چيائين تہ ’تون اردن درياءَ جي اولهہ طرف نہ ويندين ۽ نہ وري انهيءَ چڱي ملڪ ۾ داخل ٿيندين، جيڪو آءٌ خداوند سندن خدا کين ورثي طور ڏيندس.‘

22 سو آءٌ هن ئي ملڪ ۾ مري ويندس ۽ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر نہ ويندس. مگر اوهين پرينءَ ڀر ويندا ۽ انهيءَ چڱي ملڪ جا وارث ٿيندا.

23 تنهنڪري اوهين خبردار ٿجو، متان اهو عهد جيڪو خداوند اوهان جي خدا اوهان سان ٻڌو آهي، سو وساري ڇڏيو ۽ پنهنجي لاءِ ڪنهن اهڙيءَ شيءِ جي نموني واري شڪل ٺاهيو، جنهن جي خداوند اوهان جي خدا اوهان کي منع ڪئي آهي.

24 خداوند اوهان جو خدا، ساڙي رک ڪري ڇڏڻ واري باهہ آهي. هو غيرت وارو خدا آهي.

25 مثال طور جڏهن اوهان منجھان ٻار ۽ ٻارن جا ٻار پيدا ٿيندا ۽ اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ رهندي گھڻو عرصو ٿي ويندو، پوءِ جيڪڏهن اوهين پاڻ کي خراب ڪري ڪنهن شيءِ جي شڪل بڻائيندا ۽ خداوند پنهنجي خدا جي نظر ۾ اهڙو خراب ڪم ڪري کيس ڪاوڙائيندا،

26 تہ آءٌ اڄوڪي ڏينهن زمين ۽ آسمان کي اوهان تي شاهد ڪري چوان ٿو تہ جنهن ملڪ کي هٿ ڪرڻ لاءِ اوهين اردن درياءَ جي پار ٿا وڃو تنهن ۾ اوهين جلد ئي تباهہ ڪيا ويندا. اوهين اتي گھڻا ڏينهن رهي ڪين سگھندا، بلڪ پوريءَ طرح برباد ٿي ويندا.

27 خداوند اوهان کي قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندو ۽ جن قومن ۾ هو اوهان کي وٺي ويندو، تن ۾ اوهان جو باقي بچيل تعداد گھٽ ٿي ويندو.

28 اُتي اوهين ماڻهن جي هٿرادو ٺهيل ڪاٺ ۽ پٿر جي معبودن جي پوڄا ڪندا، جيڪي نہ ڏسندا، نہ ٻڌندا، نڪي کائيندا ۽ نہ وري سنگھندا هوندا.

29 پر اتي جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا طالبو ٿيندا تہ هو اوهان سان پرچي پوندو، پر شرط هي آهي تہ اوهين پوريءَ دل وَ جان سان سندس طالبو ٿيو.

30 جڏهن اوهين مصيبت ۾ گرفتار ٿيندا ۽ پوين ڏينهن ۾ جڏهن هي سڀ حادثا اوهان تي اچي پوندا، تڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا ۽ سندس فرمانبرداري ڪندا.

31 جيئن تہ خداوند اوهان جو خدا، رحيم خدا آهي، سو هو اوهان کي نہ تہ ڇڏي ڏيندو، نڪي برباد ڪندو ۽ نہ ئي وري انهيءَ عهد کي وساريندو جيڪو هن قسم کڻي اوهان جي ابن ڏاڏن سان ٻڌو آهي.“


خداوند ئي خدا آهي

32 ”جڏهن کان خدا ڌرتيءَ تي انسان کي پيدا ڪيو تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪو زمانو اوهان کان اڳي گذريو آهي، تنهن بابت اوهين پڇا ڪريو. ڪائنات جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين معلوم ڪريو تہ هن عظيم ڪم جهڙو ڪو ٻيو ڪڏهن ٿيو، يا ٻڌڻ ۾ آيو آهي؟

33 ڇا ڪڏهن ڪنهن قوم اوهان وانگر باهہ جي وچ مان معبود جي ڳالهائڻ جو آواز ٻڌو آهي ۽ جيئري رهي آهي؟

34 ڇا ڪڏهن ڪو معبود ڪنهن قوم کي پنهنجو بڻائڻ واسطي هڪڙي ٻيءَ قوم جي وچ مان ڪڍي آيو آهي، جهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي خدا اوهان جي اکين اڳيان پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان مصر ۾ اوهان کي پنهنجو بڻائڻ واسطي ائين ڪري ڏيکاريو آهي؟ هن آزمائشن، عجيب ڪمن ۽ معجزن جي وسيلي جنگين ۽ وڏن هيبتناڪ ڪمن سان اهڙي قدرت ڏيکاري آهي.

35 اهو سڀ ڪجھہ خدا اوهان کي انهيءَ لاءِ ڏيکاريو تہ جيئن اوهان کي خبر پوي تہ خداوند ئي خدا آهي، انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي.

36 هن اوهان کي آسمان مان پنهنجو آواز ٻڌايو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان کي تربيت ڏئي. هن اوهان کي زمين تي وڏي باهہ ڏيکاري ۽ اوهان باهہ جي وچ مان سندس فرمان ٻڌو.

37 جيئن تہ هن کي اوهان جي ابن ڏاڏن سان محبت هئي، تنهنڪري انهن کان پوءِ هن انهن جي اولاد کي چونڊيو. هو پنهنجي وڏيءَ قدرت سان اوهان کي مصر مان پاڻ ئي ڪڍي آيو،

38 انهيءَ لاءِ تہ اوهان کان وڏين ۽ طاقتور قومن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍي ۽ اوهان کي انهن جي ملڪ ۾ پهچائي ۽ اهو ملڪ اوهان کي ورثي ۾ ڏئي، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.

39 تنهنڪري اڄوڪي ڏينهن اوهين ڄاڻي وٺو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ ڄمائي ڇڏيو تہ مٿي آسمان ۾ توڙي هيٺ زمين تي خداوند ئي خدا آهي، انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.

40 سو اوهين هن جي قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪريو، جيڪي اڄ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو ۽ اوهان کان پوءِ اوهان جي اولاد جو ڀلو ٿئي ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي هميشہ لاءِ ڏئي ٿو، تنهن ۾ اوهين وڏي عرصي تائين رهو.“


پناهہ وارا شهر

41 پوءِ موسيٰ اردن درياءَ جي اوڀر پاسي ٽي شهر ڌار ڪيا،

42 انهيءَ لاءِ تہ جنهن خونيءَ پنهنجي پاڙيسريءَ کي غير ارادي طور ماري وڌو هجي ۽ اڳي انهيءَ سان ڪابہ دشمني نہ هجيس، سو اتي پناهہ وٺي ۽ انهن شهرن مان هڪڙي ۾ وڃي جيئرو رهي.

43 اهي شهر هي هئا: بني روبن جي لاءِ بصر شهر جيڪو بيابان جي وچ ۾ اوچي ميدان ۾ آهي، بني جد جي لاءِ رامات شهر جيڪو جِلعاد ۾ آهي ۽ بني منسيءَ جي لاءِ جولان شهر جيڪو بسن ۾ آهي.


شريعت بابت تعارف

44 هيءَ اها شريعت آهي جيڪا موسيٰ بني اسرائيل جي اڳيان پيش ڪئي.

45 هي ئي اهي حڪم ۽ قاعدا قانون آهن، جيڪي موسيٰ بني اسرائيل جي مصر مان نڪرڻ کان پوءِ کين ٻڌايا.

46 هن اهي کين اردن درياءَ جي اوڀر پاسي ماٿريءَ ۾ بيت‌فعور شهر جي سامهون ٻڌايا، يعني امورين جي بادشاهہ سيحون جي ملڪ ۾، جيڪو حشبون ۾ رهندو هو ۽ جنهن کي موسيٰ ۽ بني اسرائيل مصر مان نڪرڻ کان پوءِ شڪست ڏني.

47 ان وقت هنن سندس ملڪ کي ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي ملڪ کي پنهنجي قبضي ۾ آندو. اهي ٻئي امورين جا بادشاهہ هئا جيڪي اردن درياءَ جي اوڀر پاسي رهندا هئا.

48 سندن ملڪ ڏکڻ ۾ برساتي نهر ارنون جي ڪناري واري شهر عيروعير کان وٺي، اتر طرف سريون جبل تائين پکڙيل هو، جنهن کي حرمون بہ ٿا سڏين.

49 انهيءَ ۾ اردن درياءَ جي اوڀر پاسي وارو سڄو ميدان ويندي کاري سمنڊ جي پسگاہ جبل وارين لاهين جي هيٺ تائين شامل آهي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan