Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

شريعت جو دور 34 - Muslim Sindhi Bible


موسيٰ جي وفات

1 پوءِ موسيٰ موآب جي ميدان مان نبو جبل جي پسگاہ نالي چوٽيءَ تي چڙهي ويو، جيڪا يريحو شهر جي سامهون آهي. خداوند هن کي جِلعاد جو سڄو علائقو اتر طرف دان شهر تائين ڏيکاريو.

2 ان کان سواءِ نفتاليءَ جو سڄو علائقو، افرائيم ۽ منسيءَ جو سڄو علائقو ۽ يهوداہ جو سڄو علائقو اولهہ طرف ڀونوچ سمنڊ تائين ڏيکاريائينس.

3 هن کيس ڏکڻ وارو علائقو ۽ اردن ماٿري، يعني کجين جي وڻن واري شهر يريحو جي ماٿريءَ وارو ميدان ڏاکڻي شهر صوعر تائين ڏيکاريو.

4 پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”هي اهو ئي ملڪ آهي جنهن بابت مون ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کڻي چيو هو تہ اهو سندن اولاد کي ڏيندس. اهو مون تو کي تنهنجين اکين سان ڏيکاريو آهي، پر تون پار ٽپي اوڏانهن ڪين ويندين.“

5 سو خداوند جي ٻانهي موسيٰ، خداوند جي چوڻ موجب اتي موآب جي ميدان ۾ ئي وفات ڪئي.

6 کيس موآب جي ميدان جي انهيءَ ماٿريءَ ۾ جيڪا بيت‌فعور شهر جي سامهون آهي دفن ڪيو ويو. پر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي انهيءَ جي قبر جي خبر ڪانهي.

7 جڏهن موسيٰ وفات ڪئي تڏهن سندس عمر هڪ سؤ ويهہ سال هئي. هن جي اکين ۾ اڃا ڌنڌ بہ ڪونہ ٿيو هو، نڪا سندس بدن جي طاقت ئي گھٽي هئي.

8 بني اسرائيل جي ماڻهن موسيٰ جي لاءِ موآب جي ميدان ۾ ٽيهہ ڏينهن سوڳ ملهايو. هو تيستائين موسيٰ جي لاءِ روئندا ۽ سوڳ ڪندا رهيا، جيستائين اهي ڏينهن پورا ٿيا.

9 نون جو پٽ يشوع دانائيءَ جي روح سان ڀرپور هو، ڇاڪاڻ تہ موسيٰ پنهنجا هٿ مٿس رکيا هئا. سو بني اسرائيل جا ماڻهو هن جي فرمانبرداري ڪرڻ لڳا ۽ خداوند جيڪو حڪم موسيٰ کي ڏنو هو، تنهن موجب هنن عمل ڪيو.

10 انهيءَ وقت کان وٺي بني اسرائيل ۾ موسيٰ جهڙو نبي پيدا ڪونہ ٿيو، جنهن سان خداوند روبرو ملاقات ڪئي.

11 ٻئي ڪنهن بہ نبيءَ اهڙا عجيب ڪم ۽ معجزا ڪين ڏيکاريا، جيڪي مصر جي ملڪ ۾ فرعون، سندس عملدارن ۽ سڄي ملڪ کي ڏيکارڻ لاءِ موسيٰ کي خداوند مصر جي ملڪ ۾ موڪليو.

12 ٻيو ڪوبہ نبي ڪڏهن ائين ڪري نہ سگھيو جيئن موسيٰ سڄي بني اسرائيل جي اڳيان زورآور هٿ سان وڏا هيبتناڪ ڪم ڪري ڏيکاريا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan