Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

شريعت جو دور 33 - Muslim Sindhi Bible


موسيٰ جي دعا

1 خدا جي ٻانهي موسيٰ پنهنجي مرڻ کان اڳ ۾ بني اسرائيل کي برڪت لاءِ جيڪا دعا ڪئي سا هيءَ آهي.

2 هن چيو تہ ”خداوند سينا جبل کان پنهنجي قوم سان اچي گڏيو، هائو، هو ادوم جي علائقي مان انهن تي سج جيان اڀريو، ۽ فاران جبل مان اچي اتي چمڪيو. ساڻس گڏ هزارين ملائڪ هئا، سندس ساڄي هٿ کان باهہ جي شعلي جيان وڄ ٿي نڪتي.

3 خداوند کي پنهنجي قوم سان محبت آهي، ۽ اهي چونڊيل ماڻهو سندس حفاظت منجھہ آهن. اهي سڀيئي هن جي تابعداري ڪندي سندس هدايتن تي هلن ٿا.

4 خداوند جيڪا شريعت سينا جبل تي منهنجي معرفت کين ڏني، سا اسان بني يعقوب جي لاءِ هڪڙي ميراث آهي.

5 جڏهن بني اسرائيل جا سڀ اڳواڻ ۽ هر قبيلو اتي گڏ ٿيو، تڏهن خداوند اچي پنهنجي پيارن جو بادشاهہ بڻيو.“

6 موسيٰ روبن قبيلي لاءِ دعا گھرندي چيو تہ ”شال روبن قبيلو قائم رهي ۽ برباد نہ ٿئي، توڙي جو هن جا پنهنجا ماڻهو ٿورا هجن.“

7 يهوداہ قبيلي لاءِ دعا گھرندي هن چيو تہ ”اي خداوند! تون بني يهوداہ جو فرياد ٻڌ، هنن کي آڻي پنهنجي قوم جي ٻين قبيلن سان متحد ڪر. تون ئي کين توفيق بخش ۽ دشمنن خلاف سندن مددگار ٿيءُ.“

8 لاوي قبيلي لاءِ دعا گھرندي هن چيو تہ ”اي خدا! انهن ٻانهن وٽ تنهنجو اُوريم ۽ ٿُميم آهي، مساہ واري ٽڪريءَ تي تنهنجي آزمائڻ سان اهي سچا نڪتا هئا، هائو، جڏهن مريباہ چشمي وٽ تو انهن سان جھڳڙو ڪيو هو.

9 هنن رڳو تنهنجي ئي ڳالهين تي عمل ڪيو، ۽ تنهنجي عهد کي قائم رکيائون. ايتري قدر جو پنهنجي ماءُ پيءُ بابت چيائون تہ ’اسين هنن جو سانگو نہ ٿا ڪريون،‘ هنن پنهنجي ٻارن کي بہ نہ سڃاتو، نڪي پنهنجي ڀائرن ڀينرن کي ئي پنهنجو ڪيائون.

10 هو بني اسرائيل کي تنهنجي شريعت جا حڪم سيکارين ٿا. هو تنهنجي حضور ۾ لوبان ساڙين ٿا، ۽ ساڙڻ واريون قربانيون تنهنجي قربان‌گاهہ تي پيش ڪندا رهن ٿا.

11 اي خداوند! تون هنن جي سگھہ ۽ قوت ۾ برڪت وجھہ، ۽ هنن جي هٿن جي پورهئي کي تون قبول فرماءِ. جيڪي هنن جي خلاف کڙا ٿين تن جي تون چيلهہ ڀڃي ڇڏ، تان‌تہ ساڻن دشمني رکندڙ وري اُٿي نہ سگھن.“

12 بنيامين قبيلي بابت هن چيو تہ ”بني بنيامين خداوند جا پيارا آهن، جيڪي وٽس سلامتيءَ سان رهن ٿا. جيئن تہ خداوند انهن منجھہ رهي ٿو، سو هو ڏينهن رات سندن حفاظت ڪندو رهي ٿو.“

13 يوسف جي ٻنهي قبيلن لاءِ دعا گھرندي هن چيو تہ ”شال هنن جي ديس تي خداوند جي برڪت هجي، هائو، خدا مٿان آسمان مان جھجھي برسات، ۽ هيٺان زمين مان کين چشمن جو پاڻي عطا ڪري.

14 شال خداوند جي برڪت سان سندن ديس هر موسم جي عمدن ميون سان آسودو هجي.

15 شال انهن جا قديم جبل ۽ سدا قائم رهندڙ ٽڪر، جھجھن فصلن سان ڍڪيل رهن.

16 شال سندن ديس عمدين عمدين شين سان ڀرپور هجي، هائو، تنهن جي ئي برڪت سان جنهن ٻرندڙ ٻوڙي مان ٿي ڳالهايو. شال خداوند جي خيرخواهيءَ جي برڪت بني يوسف تي نازل ٿئي، هائو، اهو ئي يوسف جيڪو پنهنجي ڀائرن جو سردار هو.

17 جيئن جوان ڍڳو يا جھنگلي سانَهہ تمام طاقتور ٿين ٿا، تيئن بني يوسف جي طاقت ئي سندن شان آهي. جهڙيءَ طرح جھنگلي سانُهہ پنهنجي سڱن سان حملو ڪري ٿو، تهڙيءَ ئي طرح افرائيم ۽ منسي قبيلي وارن جا لکين ماڻهو سڀني قومن کي ڌِڪي ڌرتيءَ جي ڇيڙي تائين پهچائيندا.“

18 زبولون ۽ اِسڪار قبيلن لاءِ دعا گھرندي هن چيو تہ ”شال بني زبولون پنهنجي ٻيڙين ۾ واپار ڪندي خوش رهن، جڏهن تہ بني اِسڪار پنهنجي خيمن ۾ گذاريندي خوش رهن.

19 اُهي سمنڊ منجھان دولت حاصل ڪندا، هائو، سمنڊ جي ڪناري تان هو اهو مال ميڙي گڏ ڪندا. سو هو ٻين قبيلن کي پاڻ سان گڏجي خوشيون ملهائڻ لاءِ دعوت ڏيندا ۽ اچي خدا آڏو قربانيون پيش ڪندا.“

20 جد قبيلي بابت هن چيو تہ ”شال خدا سڳورو هجي، جيڪو بني جد جو علائقو وڌائي ٿو، جتي هو اهڙي شينهن جيان گھات ۾ ويٺا آهن، جيڪو پنهنجي شڪار جي ٻانهن بلڪ مٿو بہ ڦاڙيو ٿو ڇڏي.

21 هنن پنهنجي لاءِ خاص علائقو چونڊي کنيو آهي، ڇاڪاڻ تہ اڳواڻي ڪندڙن لاءِ اهو مقرر ڪيل هو. هو قوم جي اڳواڻن سان گڏجي آيا، ۽ خداوند جي شريعت تي ۽ بني اسرائيل لاءِ سندس فيصلن تي عمل ڪيائون.“

22 دان قبيلي بابت هن چيو تہ ”بني دان جيڪي بسن علائقي جا رهاڪو آهن، سي اتان نڪري دشمنن تي جوان شينهن جيان حملو ڪن ٿا.“

23 نفتالي قبيلي لاءِ دعا گھرندي هن چيو تہ ”بني نفتالي تنهنجي مهربانيءَ سان ڍاول آهن، هائو، اهي تو خداوند جي برڪت سان ڀريل آهن. شال سندن ميراث وارو علائقو وڌي گليل ڍنڍ جي ڏاکڻي ڇيڙي تائين پهچي.“

24 آشر قبيلي لاءِ دعا گھرندي هن چيو تہ ”شال بني آشر سڀني قبيلن کان وڌيڪ سڀاڳا ٿين، شال اهي پنهنجي هم‌قوم ڀائرن وٽ گھڻو مقبول ٿين، شال وٽن ايترو تہ زيتون جو تيل هجي، جو هو رستي سان هلندي پنهنجا پير ان ۾ ٻوڙي هلن.

25 شال سندن شهرن جي درن ۾ لوهہ ۽ پتل جا گز لڳل هجن، تان‌تہ اهي هميشہ هميشہ تائين محفوظ رهن.“

26 پوءِ موسيٰ سڄي بني اسرائيل کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي خدا جا پيارؤ! اسان جي خدا جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي، جيڪو عرش کان ڪڪرن تي حشمت سان سوار ٿي اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ اچي ٿو.

27 اُهو ازلي خدا ئي اسان جي جاءِ‌پناهہ آهي، سندس ٻانهون اسان جي لاءِ دائمي سهارو آهن. خدا اوهان کي فرمايو آهي تہ ’دشمنن کي برباد ڪري ڇڏيو.‘ سو هو اوهان جي دشمنن کي اوهان جي اڳيان لوڌي ڪڍندو،

28 سو اي يعقوب جو اولاد! اوهين انهيءَ ملڪ ۾ سلامتيءَ سان رهندا، جيڪو جھجھي اناج ۽ مئي سان ڀريل آهي، ۽ جنهن تي آسمان مان ماڪ وسندي پيئي رهي.

29 اي بني اسرائيل! اوهين ڪيڏا نہ سڀاڳا آهيو! اوهان جهڙي ٻي ڪابہ قوم ناهي، جنهن کي خداوند پاڻ بچايو هجي. اهو ئي ڍال جيان اوهان جي حفاظت ٿو ڪري، ۽ اهو ئي اوهان جي حشمت واري تلوار آهي. سو اوهان جا دشمن اوهان وٽ اچي پيش پوندا، ۽ اوهين ٽڪرن تي ٺهيل سندن پوڄا گھرن کي لتاڙي ناس ڪندا.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan