Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

شريعت جو دور 32 - Muslim Sindhi Bible

1 ”اي زمين ۽ آسمانؤ! ڪن ڏيو جو آءٌ ڳالهايان ٿو، اوهين ڌيان سان منهنجي ڳالهہ ٻڌو.

2 جهڙيءَ طرح ڪچن ٻوٽن تي وسڪارو ٿيندو آهي، تهڙيءَ طرح منهنجي تعليم برسات وانگر پيئي وسندي. هائو، جهڙيءَ طرح سنهي گاهہ تي ڦُڙڦُڙ پوندي آهي، تهڙيءَ طرح منهنجي تقرير ماڪ جيان پيئي پوندي.

3 آءٌ خداوند جي نالي جي تعريف پيو ڪندس، اوهين بہ اي بني اسرائيل! اسان جي عظيم خدا جي تعظيم ڪريو.

4 اهو ئي اسان جو محافظ آهي، سندس هر ڪم بلڪل ڪامل آهي، هن جون سموريون راهون انصاف تي اڏيل آهن، هو ئي سچو خدا آهي ۽ هر برائيءَ کان بلڪل پاڪ آهي، اهو ئي عادل آهي ۽ اهو ئي سچار آهي.

5 پر اوهان سدائين ساڻس بڇڙي هلت ڪئي آهي، سو انهيءَ بي‌وفائيءَ جي ڪري اوهين سندس قوم هئڻ لائق ناهيو، هائو، اوهين پورو نسل گمراهہ ۽ ڏنگا آهيو.

6 اي بي‌عقل نادانؤ! پنهنجي ڌڻيءَ کي اهو ئي عيوض ڏيندءُ ڇا؟ ڇا هو اوهان جو ابو ۽ خالق نہ آهي، جنهن اوهان کي هڪ قوم بڻائي قائم ڪيو آهي؟

7 اوهين ماضيءَ کي ياد ڪريو ۽ اڳين پيڙهين تي غور ڪريو، پوءِ پنهنجي والدين کان پڇو تہ هو اوهان کي سمجھائين، هائو، پنهنجي بزرگن کان پڇو، جيڪي اوهان کي ماضيءَ جو احوال ڏين.

8 جڏهن خدا تعاليٰ بني آدم کي جدا جدا قومن ۾ ٿي ورهايو، تڏهن انهن کي الڳ الڳ ملڪ ورثو ڪري ٿي ڏنائين. هائو، هر معبود جي قوم کي پنهنجو پنهنجو حصو مقرر ٿي مليو.

9 جڏهن تہ خداوند جو حصو سندس قوم ئي آهي، هائو، بني يعقوب ئي سندس ورثي جو ڀاڱو آهي.

10 خداوند هنن کي اهڙي رڻ‌پٽ ۾ لڌو هو، جيڪو سڃو سکڻو ۽ خوفائتو هو. تڏهن هن هر طرح سان سندن سار سنڀار لڌي، ۽ اک جي ماڻڪيءَ جيان سندن حفاظت ڪيائين.

11 جيئن ڪو عقاب پنهنجي آکيري کي چوري ٿو، ۽ پوءِ ٻچن جي مٿان لامارا ڏئي ٿو، بلڪ پنهنجا پر پکيڙي انهن تي کڻي کين بچائي ٿو،

12 تيئن خداوند ئي هو جنهن پنهنجي قوم جي رهبري ڪئي، ساڻس ٻيئي ڪنهن بہ ڌارئي معبود جي مدد شامل نہ هئي.

13 ملڪ جا مٿاهان علائقا بہ هن سندن قبضي ۾ ڏنا، ۽ زرخيز ٻنين جو ڦل کارايائين. هن ٽڪر منجھان ماکي ڪڍي کين چوسائي، ۽ چقمقي جبل منجھان زيتون جو تيل مهيا ڪري ڏنائين.

14 هن کين ڳئن جو مکڻ توڙي رڍن ٻڪرين جو جھجھو کير پيئاريو، ۽ ٿلها متارا ڍور ڍڳا توڙي ٻڪر گھٽا پڻ کارايائين. هن ڪڻڪ جي عمدي ميدي ۽ خالص مئي سان کين ڍءُ ڪرايو.

15 پر خدا جا اهي پيارا جڏهن کائي پئي ٿلها متارا ٿيا، تڏهن سندن پيٽ ڀرجي ويو ۽ اهي لتون هڻڻ لڳا. پوءِ جنهن خدا کين جوڙيو هو تنهن کي ڇڏي ڏنائون، ۽ پنهنجي انهيءَ طاقتور ڇڏائيندڙ کي حقير ڄاتائون.

16 هنن غير معبودن جي پوڄا ڪري خداوند کي غيرت ڏياري، هائو، ڪراهت وارين شين سان هنن کيس بيحد غصو ڏياريو.

17 هنن ڀوتن لاءِ قربانيون ڪيون جيڪي حقيقي معبود ڪين هئا، هائو، اهڙن ديوتائن لاءِ جن کان هو واقف ئي نہ هئا. اهي اهڙا نوان نوان ديوتا هئا جيڪي هاڻ اچي ظاهر ٿيا هئا، جن جي سندن ابن ڏاڏن بہ ڪڏهن تعظيم نہ ڪئي هئي.

18 هو انهيءَ محافظ کان غافل ٿي ويا جنهن کين پيدا ڪيو هو، هائو، هنن خدا کي وساري ڇڏيو جنهن کين خلقيو هو.

19 اهو ڏسندي خداوند کين رد ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي سندس پٽ ۽ ڌيئر ليکيا ٿي ويا، تن ئي کيس ڏاڍو ڪاوڙايو هو.

20 سو خداوند چيو تہ ’جيئن تہ هي ماڻهو ضدي ۽ بي‌وفا آهن، تنهنڪري آءٌ انهن کان پنهنجو منهن موڙي ڇڏيندس، ۽ ڏسندس تہ سندن ڪهڙو انجام ٿو ٿئي.

21 ڪوڙن معبودن آڏو جھڪي هنن مون کي غيرت ڏياري آهي. هائو، باطل بتن ڏانهن ڦري هنن مون کي غصو ڏياريو آهي. سو آءٌ بہ نالائق قوم تي هٿ رکي انهن کي غيرت ڏياريندس، هائو، آءٌ نادان قوم جي پٺڀرائي ڪري کين غصو ڏياريندس.

22 منهنجي غصي جي باهہ اهڙي ڀڙڪي اُٿي آهي، جو اوڙاهہ جي تري تائين اها ٻرندي ويندي. اها ڌرتيءَ کي سندس پيداوار سوڌو ڀسم ڪري ڇڏيندي، ۽ جبلن کي بنيادن سوڌو ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.

23 آءٌ انهن تي هر طرح جي آفتن جا انبار لڳائي ڇڏيندس، هائو، آءٌ پنهنجو هر هڪ تير انهن تي کپائي ڇڏيندس.

24 اهي بکن کان ڳرندا ويندا ۽ تپ ۽ وبا سان ڀسم ٿيندا. آءٌ انهن تي جھنگلي جانورن جا ڏند بڇي ڇڏيندس، ۽ ڌرتيءَ تي سرندڙ جيتن جو زهر ڏانهن موڪلي ڏيندس.

25 ٻاهر هو جنگين ۾ ماريا ويندا، ۽ چوديواريءَ اندر دهشت وچان مرندا، ڇا جوان ڇا ڪنواريون، ڇا کير پياڪ ڇا پوڙها. اهڙيءَ طرح آءٌ سڀني کي برباد ڪري ڇڏيندس.

26 مون سوچيو هو تہ آءٌ کين اهڙو تہ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيان، جو بني بشر مان سندن نالو نشان ئي مٽجي وڃي.

27 پر پوءِ مون کي اهو انديشو ٿيو تہ متان سندن دشمن فخر ڪري انهيءَ کي ابتو سمجھن، جو ائين چوندا وتن تہ ”اسان انهن کي برباد ڪيو آهي، هي سڀ خداوند نہ بلڪ اسان ئي ڪيو آهي.“‘

28 اي بني اسرائيل قوم! تون تہ مت کان بلڪل خالي آهين، تو ۾ تہ ڪا سمجھہ ئي ڪانهي.

29 ڪاش! تون داناءِ هجين ها تہ اهو سمجھي وڃين ها، ۽ پوءِ پنهنجي انجام تي ڪو غور ڪرين ها.

30 خداوند، تنهنجو محافظ جيڪڏهن تو کي ڇڏي نہ ڏي ها، هائو، جيڪڏهن هو تو کي ٻين جي حوالي نہ ڪري ها، تہ پوءِ ڪيئن تنهنجي هڪ هزار جي پٺيان هڪڙو ڄڻو پوي ها، ۽ ڪيئن تنهنجي ڏهن هزارن کي ٻہ ڄڻا ڀڄائي ڪڍن ها؟

31 اها ڳالهہ خود اسان جا دشمن بہ ڄاڻين ٿا تہ سندن محافظ اسان جي طاقتور محافظ جهڙا ناهن.

32 اسان جا دشمن سدوم ۽ عموراہ جي رهاڪن جهڙا بڇڙا آهن، هائو، اهي انگورن جي اهڙيءَ ول جيان آهن، جنهن مان ڪؤڙا ۽ زهريلا انگور پيدا ٿيندا هجن.

33 هائو، اهي اهڙيءَ مئي جيان آهن، جهڙو نانگن، بلڪ ڪاريهر نانگ جو قاتل زهر هجي.

34 ڇا دشمنن جو اهو انجام خدا وٽ محفوظ ناهي؟ هائو، اهو مُهر سان بند خدا وٽ ذخيرو ٿيل آهي.

35 هاڻ سندن مصيبت جو اهو ڏينهن ويجھو آهي، جڏهن خدا بدلو وٺي کين سزا ڏيندو. هائو، اهو ڏينهن اچي پهتو آهي جڏهن سندن پير تِرڪي پوندا، ۽ اهي هڪدم تباهہ وَ برباد ڪيا ويندا.

36 بيشڪ جڏهن خداوند ڏسندو تہ سندس قوم ۾ ڪا طاقت نہ رهي آهي، ايتري قدر جو ڄڻ تہ قيدين توڙي آزادن مان ڪوبہ جيئرو ناهي رهيو، تڏهن هو پنهنجي قوم تي قياس ڪري سندن حق ۾ فيصلو ڏيندو.

37 پوءِ خداوند چوندو تہ ’اي منهنجي قوم! ڪٿي آهن اهي معبود، جن کي اوهان پنهنجا محافظ سمجھي مٿن ڀروسو ٿي ڪيو؟

38 هائو، اهي جن سدائين اوهان جي قربانين جو سڻڀو مال پئي کاڌو ۽ اوتڻ وارين قربانين جي مئي ٿي پيتائون. هاڻ ڀل تہ اهي اُٿي اچن ۽ اوهان جي مدد اچي ڪن، ڀل اُهي اچي اوهان جو بچاءُ بڻجن.

39 هاڻي ڏسو! آءٌ، رڳو آءٌ ئي خدا آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪو معبود ڪونهي، آءٌ ماريان ۽ آءٌ ئي جياريان ٿو، آءٌ ڦٽيان ۽ آءٌ ئي ڇٽايان ٿو، اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو منهنجي هٿان ڇڏائي سگھي.

40 آءٌ پنهنجي عرش تي ويٺي اهو عهد ٿو ڪريان، هائو، آءٌ پنهنجي حياتِ‌ابديءَ جو قسم کڻي چوان ٿو تہ

41 جڏهن آءٌ پنهنجي چمڪندڙ تلوار تکي ڪندس، ۽ جڏهن پنهنجي هٿ ۾ عدالت جو ڪم کڻندس، تڏهن جيڪي منهنجا مخالف آهن تن کان آءٌ بدلو وٺندس، ۽ جيڪي مون سان ڪينو رکن ٿا تن کي آءٌ سزا ڏيندس.

42 آءٌ پنهنجي تيرن کي رت پيئاري مست ڪندس، پوءِ اهو رت جنگ ۾ قتل ٿيلن جو هجي توڙي قيد ٿيلن جو. آءٌ پنهنجي تلوار کي ماس کارائيندس، اهو ماس جيڪو دشمنن جي سردارن جي سر جو هوندو.‘

43 سو اي غير قومون! اوهين خدا جي قوم کي ساراهيو، ڇوجو هو پنهنجي انهن ٻانهن جي خون جو بدلو وٺندو. هائو، جيڪي سندس مخالف آهن تن کي هو سزا ڏيندو، ۽ پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو ڪفارو ڏيندو.“

44 اهڙيءَ طرح موسيٰ نون جي پٽ يشوع سان گڏجي اچي هي گيت منڍ کان پڇاڙيءَ تائين ماڻهن کي بيان ڪري ٻڌايو.

45 جڏهن موسيٰ اهي ڳالهيون بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي ٻڌائي چڪو،

46 تڏهن کين چيائين تہ ”جن ڳالهين بابت مون اڄوڪي ڏينهن اوهان جي اڳيان شاهدي ڏني آهي، تن سڀني کي اوهين پنهنجيءَ دل سان لائجو. انهن بابت پنهنجن ٻارن کي حڪم ڏجو تہ اهي هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪن.

47 اهي ڳالهيون اوهان جي لاءِ ڪا اجائي شيءِ نہ آهن، بلڪ اهي اوهان جي زندگي آهن. مٿن عمل ڪرڻ جي ڪري اوهين انهيءَ ملڪ ۾ وڏي عرصي تائين رهندا، جنهن تي اوهين قبضو ڪرڻ لاءِ اردن درياءَ جي پار وڃي رهيا آهيو.“


موسيٰ جي وفات جي جاءِ

48 انهيءَ ساڳئي ڏينهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ

49 ”تون هن عباريم جابلو علائقي تي چڙهي نبو جبل تي وڃ، جيڪو موآب جي ميدان ۾ يريحو شهر جي سامهون آهي. اتان تون ڪنعان جو ملڪ ڏس، جيڪو آءٌ بني اسرائيل کي ورثي طور ڏيڻ وارو آهيان.

50 جنهن جبل تي تون چڙهڻ وارو آهين تنهن تي تون وفات ڪندين ۽ پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبين، جهڙيءَ طرح تنهنجو ڀاءُ هارون هور جبل تي مري ويو ۽ پنهنجن وڏن سان وڃي گڏيو.

51 انهيءَ جو سبب هي آهي جو اوهان ٻنهي بني اسرائيل جي موجودگيءَ ۾، صين جي بيابان ۾ ۽ قادش جي مريباہ واري چشمي وٽ منهنجي خيانت ڪئي هئي. اوهان بني اسرائيل جي وچ ۾ منهنجي پاڪيزگي قائم نہ رکي.

52 تنهنڪري جيڪو ملڪ آءٌ بني اسرائيل کي عطا ڪرڻ وارو آهيان سو تون پري کان پنهنجي سامهون ڏسندين، پر انهيءَ ۾ داخل ڪين ٿيندين.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan