شريعت جو دور 3 - Muslim Sindhi Bibleعوج تي فتح ( ڳاڻاٽو 21:31-35 ) 1 ”تنهن کان پوءِ اسين ڦري بسن وارو رستو ڏيئي اڳتي وڌياسين. بسن جو بادشاهہ عوج پنهنجي سڀني ماڻهن سميت اسان سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري ادرعي شهر جي ويجھو آيو. 2 تڏهن خداوند مون کي چيو تہ ’هن کان نہ ڊڄو. مون هن کي، سندس سڀني ماڻهن کي ۽ سندس سڄي ملڪ کي توهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. توهين هن سان بہ ائين ئي ڪجو جيئن توهان امورين جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو هو، جيڪو حشبون تي راڄ ڪندو هو.‘ 3 اهڙيءَ طرح خداوند اسان جي خدا، بسن جي بادشاهہ عوج کي بہ سندس سڀني ماڻهن سميت اسان جي هٿ ۾ ڏنو. اسان انهن جا ايترا ماڻهو ماريا جو سندن هڪڙو ماڻهو بہ ڪونہ بچيو. 4 انهيءَ وقت ئي اسان هن جا سڀ شهر هٿ ڪيا، ڪوبہ اهڙو شهر باقي نہ بچيو جيڪو اسان هٿ نہ ڪيو. اهڙيءَ طرح ارجُوب جو سڄو علائقو، جيڪو بسن ۾ عوج جي بادشاهت ۾ شامل هو ۽ جنهن ۾ سٺ شهر هئا سو اسان جي قبضي ۾ آيو. 5 اهي سڀ شهر ڪوٽ وارا هئا. انهن کي اوچيون ڀتيون ۽ دروازا هئا، جيڪي گزن سان مضبوط ٿيل هئا. انهن کان سواءِ اسان ڪيترائي اهڙا ڳوٺ بہ هٿ ڪيا جن کي ڪوٽ ڏنل نہ هئا. 6 جيئن اسان حشبون جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو هو، تيئن ئي اسان هنن سڀني آباد شهرن کي مردن، عورتن ۽ ٻارن سميت بلڪل برباد ڪري ڇڏيو. 7 پر سڀ چوپايو مال ۽ شهرن مان لٽيل مال اسان غنيمت ڄاڻي پاڻ وٽ رکيو. 8 انهيءَ وقت ئي اسان امورين جي ٻنهي بادشاهن کان اهو سڄو ملڪ کسي ورتو، جيڪو اردن درياءَ جي اوڀر طرف برساتي نهر ارنون کان وٺي حرمون جبل تائين آهي. 9-10 انهيءَ کان سواءِ مٿاهين ميدان جا سڀ شهر، سڄو جِلعاد ۽ سڄو بسن ملڪ، سلڪاہ ۽ ادرعي شهر تائين، جيڪي بسن ۾ عوج جي بادشاهت جا شهر هئا سي اسان هٿ ڪيا.“ صيداني ماڻهو حرمون جبل کي سريون ۽ اموري ماڻهو ان کي سنير ڪري سڏيندا آهن. 11 رفائين جي نسل منجھان رڳو بسن جو بادشاهہ عوج وڃي رهيو هو. هن جو پلنگ لوهہ جو ٺهيل هو، جنهن جي ڊيگھہ چار ميٽر ۽ ويڪر پوڻا ٻہ ميٽر هئي. اهو بني عمون جي شهر ربہ ۾ اڃا بہ موجود آهي. اردن جي اوڀر واري علائقي جي ورهاست ( ڳاڻاٽو 32:1-42 ) 12 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”سو انهيءَ وقت ئي اسان اهو ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو. پوءِ عروعير، جيڪو برساتي نهر ارنون جي ڪناري تي آهي، جابلو علائقي جِلعاد جو ڏاکڻو اڌ حصو ۽ انهيءَ جا شهر، مون بني روبن ۽ بني جد کي ڏنا. 13 جِلعاد جو باقي حصو ۽ سڄو بسن، جيڪو عوج جي بادشاهت ۾ هو، سو مون منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ڏنو.“ بسن ۾ ارجُوب جي سڄي علائقي کي رفائين جو ملڪ بہ سڏيندا هئا. 14 منسيءَ جو اولاد يائير، جسُورين ۽ معڪاتين جي سرحد تائين ارجُوب جو سڄو علائقو ورتو. هن بسن جي ڪجھہ ڳوٺن کي پنهنجي نالي سان ”يائير جا ڳوٺ“ ڪري سڏيو، جيڪو نالو اڄ تائين هليو اچي. 15 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”مون جِلعاد جو علائقو منسيءَ جي گھراڻي مڪير کي ڏنو. 16 بني روبن ۽ بني جد جي قبيلن کي مون جِلعاد کان وٺي برساتي نهر ارنون تائين علائقو ڏنو. برساتي نهر ارنون جي وچ واري حصي کي سندن ڏاکڻي حد مقرر ڪري، برساتي نهر يبوق تائين سڄو علائقو کين ڏنم، جيڪا نهر اتر طرف عمونين جي سرحد آهي. 17 انهن ٻنهي علائقن جي اولهہ طرف سرحد اردن درياءُ آهي، يعني گليل ڍنڍ کان وٺي کاري سمنڊ تائين، جتي سمنڊ جي اوڀر ۾ پسگاہ جبل جون لاهيون پکڙيل آهن، سو سڀ پڻ مون انهن کي ڏنو. 18 انهيءَ وقت ئي مون اوهان کي حڪم ڏيئي چيو هو تہ ’خداوند اوهان جي خدا هيءُ ملڪ اوهان کي ميراث ڪري ڏنو آهي. سو اوهين سڀ جنگي مرد هٿيار ٻڌي پنهنجي بني اسرائيل جي ڀائرن جي اڳيان درياءَ پار هلو. 19 پر اوهان جون عورتون، ٻار ۽ چوپايو مال، جيڪو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهان وٽ گھڻو ئي آهي، اهي سڀ اوهان جي انهن شهرن ۾ ئي رهن جيڪي مون اوهان کي ڏنا آهن. 20 جڏهن خداوند اوهان جي قوم وارن کي بہ اهڙو ئي آرام ڏئي، جهڙو اوهان کي ڏنو اٿس ۽ هو بہ انهيءَ ملڪ کي هٿ ڪن، جيڪو خداوند اوهان جو خدا هنن کي اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر ڏيڻ وارو آهي، تڏهن اوهين سڀ موٽي پنهنجي هن ملڪيت تي اچجو، جيڪا مون اوهان کي ڏني آهي.‘ 21 انهيءَ وقت مون يشوع کي حڪم ڏيئي چيو تہ ’اوهان پنهنجين اکين سان اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو جيڪو خداوند اوهان جي خدا هنن ٻن بادشاهن سان ڪيو. ساڳيءَ طرح خداوند پرينءَ ڀر بہ سڀني بادشاهتن سان ائين ئي ڪندو، جتي اوهين وڃو ٿا. 22 سو اوهين انهن کان نہ ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان جي طرفان جنگ ڪندو.‘“ موسيٰ جي ڪنعان وڃڻ تي پابندي 23 ”مون انهيءَ وقت خداوند کي عاجزي ڪندي چيو تہ 24 ’اي خداوند خدا! تو پنهنجي ٻانهي کي پنهنجي عظمت ۽ قدرت ڏيکارڻ جي تہ رڳو شروعات ڪئي آهي. سو آسمان يا زمين تي ڪوبہ اهڙو معبود ڪونهي جيڪو تو جهڙا ڪم ڪري ۽ قدرتون ڏيکاري سگھي. 25 آءٌ تو کي عرض ٿو ڪريان تہ مون کي پار وڃڻ ڏي تہ آءٌ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر وارو چڱو ملڪ، سهڻو جابلو علائقو ۽ لبنان وڃي ڏسان.‘ 26 پر اوهان جي ڪري خداوند مون تي بہ ڪاوڙيل هو، تنهنڪري منهنجي نہ ٻڌائين. اٽلندو مون کي چيائين تہ ’تنهنجي لاءِ ايترو ڪافي آهي، سو انهيءَ ڳالهہ بابت مون کي وڌيڪ نہ چئُہ. 27 تون پسگاہ جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃ ۽ چئني طرفن ڏانهن نهاري پنهنجين اکين سان ڏس، ڇاڪاڻ تہ تون انهيءَ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر نہ ويندين. 28 پر يشوع کي حڪم ڏي، کيس مضبوط ۽ همت وارو ڪر، ڇاڪاڻ تہ هو هن قوم کي پار وٺي ويندو ۽ هو ئي انهيءَ ملڪ جو کين وارث بڻائيندو جيڪو تون ڏسندين.‘ 29 تنهنڪري اسين بيتفعور نالي جاءِ جي سامهون ماٿريءَ ۾ ئي رهي پياسين.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society