شريعت جو دور 29 - Muslim Sindhi Bibleموآب جي ميدان ۾ خداوند جي عهد جي تجديد 1 هي اهي ڳالهيون آهن جيڪي خداوند موآب جي ميدان ۾ بني اسرائيل سان عهد ٻڌڻ لاءِ موسيٰ کي فرمايون. هي عهد انهيءَ عهد جو وڌيڪ حصو آهي، جيڪو هن سينا جبل وٽ بني اسرائيل سان ٻڌو هو. 2 موسيٰ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي گھرائي کين چيو تہ ”خداوند مصر جي ملڪ ۾ اوهان جي اکين اڳيان فرعون، سندس سڀني عملدارن ۽ سندس سڄي ملڪ سان جيڪي ڪجھہ ڪيو سو اوهان پاڻ ڏٺو. 3 اهي وڏيون آزمائشون، هيبتناڪ ڪم ۽ وڏا معجزا اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺا. 4 پر خداوند اوهان کي اڄوڪي ڏينهن تائين نہ اهڙي دل ڏني آهي جا سمجھي، نہ اهڙيون اکيون ڏنيون آهن جي ڏسن ۽ نہ اهڙا ڪن ڏنا آهن جي ٻڌن. 5 آءٌ چاليهہ سال بيابان ۾ اوهان جي اڳواڻي ڪندو رهيس، نہ اوهان جي بدن جا ڪپڙا پراڻا ٿيا، نڪي اوهان جي پيرن جون جتيون پراڻيون ٿيون. 6 جيتوڻيڪ اوهان وٽ کائڻ لاءِ نڪا ماني هئي، نڪي مئي يا ڪو ٻيو نشو پيئڻ لاءِ هو، تہ بہ خداوند اوهان جي هر ضرورت پوري ڪئي، تانتہ اوهين ڄاڻو تہ هو ئي خداوند اوهان جو خدا آهي. 7 پوءِ جڏهن اوهين هن جاءِ تي آيا، تڏهن حشبون جو بادشاهہ سيحون ۽ بسن جو بادشاهہ عوج اسان جي خلاف جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري آيا، پر اسان انهن کي شڪست ڏني. 8 اسان انهن جو ملڪ هٿ ڪري، اهو بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ورثي طور ڏنو. 9 تنهنڪري اوهين هن عهد جي ڳالهين کي مڃي، انهن تي عمل ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين جيڪي ڪريو تنهن ۾ ڪامياب ٿيو. 10-11 اڄوڪي ڏينهن اوهين، اوهان جا سردار، اوهان جا اڳواڻ، اوهان جا بزرگ، اوهان جا عملدار، اوهان جا ننڍڙا ٻار، اوهان جون زالون ۽ اوهان جي خيميگاهہ ۾ رهندڙ ڌاريا، مطلب تہ اوهان جي ڪاٺيرن ۽ پخالين تائين بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بيٺا آهيو. 12 اوهين هتي انهيءَ لاءِ بيٺا آهيو تہ جيئن خداوند اوهان جو خدا اڄوڪي ڏينهن اوهان سان جيڪو عهد ڪري ٿو ۽ قسم کڻي ٿو، تنهن ۾ اوهين شامل ٿيو 13 ۽ انهيءَ لاءِ بہ تہ هو اڄوڪي ڏينهن اوهان جو سندس قوم هئڻ جي تصديق ڪري ۽ اوهان جو خدا ٿئي، جيئن هن اوهان کي چيو هو ۽ جيئن اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هئائين. 14 خداوند رڳو اوهان سان ئي هي عهد نہ ٿو ٻڌي ۽ هي قسم نہ ٿو کڻي، جيڪي اڄ هتي سندس حضور ۾ بيٺا آهيو، 15 بلڪ هو ايندڙ نسل، جيڪو اڄ هتي اسان سان گڏ موجود ناهي، تنهن کي بہ هن عهد ۾ شامل ٿو ڪري. 16 اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ اسين مصر جي ملڪ ۾ ڪيئن ٿي رهياسين ۽ جن قومن جي وچ مان اسان کي لنگھڻو پيو تن مان ڪيئن نڪري آياسين. 17 اوهان انهن جون ڪراهت جهڙيون شيون يعني ڪاٺيءَ، پٿر، چانديءَ ۽ سون جا بت بہ ڏٺا. 18 سو ائين نہ ٿئي تہ اوهان ۾ ڪو اهڙو مرد، عورت، خاندان يا قبيلو هجي، جنهن جي دل اڄوڪي ڏينهن خداوند اسان جي خدا کان ڦري وڃي ۽ وڃي انهن قومن جي معبودن جي پوڄا ڪري. متان اوهان منجھہ ڪا اهڙي پاڙ هجي جيڪا ٽُوهہ ۽ گوماندر جهڙو ڪؤڙو ۽ زهريلو ڦل ڏئي. 19 شايد هتي ڪو اهڙو ماڻهو هجي جيڪو خداوند جي هن کنيل قسم جون ڳالهيون ٻڌي پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي مبارڪ سمجھي ۽ چوي تہ ’جيتوڻيڪ آءٌ هٺيلو هوندس تڏهن بہ سلامت رهندس.‘ تہ پوءِ اها ڳالهہ سُڪن سان گڏ آلن کي بہ برباد ڪندي، 20 ڇاڪاڻ تہ خداوند انهيءَ کي ڪڏهن بہ معاف ڪرڻ نہ چاهيندو. اٽلندو خداوند جو قهر ۽ سندس غيرت انهيءَ ماڻهوءَ تي اچي ڀڙڪندي، سڀ لعنتون جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن سي انهيءَ ماڻهوءَ تي اچي پونديون ۽ خداوند انهيءَ جو نالو ڌرتيءَ تان مِٽائي ڇڏيندو. 21 عهد جون سڀ لعنتون جيڪي شريعت جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، تن موجب سزا ڏيڻ لاءِ خداوند انهيءَ کي بني اسرائيل جي سڀني قبيلن مان ڪڍي ڌار ڪندو. 22 ايندڙ پيڙهين ۾ اوهان کان پوءِ جيڪو اوهان جو نسل پيدا ٿيندو ۽ اهي ڌاريا ماڻهو جيڪي ڏورانهن ملڪن کان ايندا، سي انهيءَ ملڪ جون آفتون ۽ خداوند جون انهيءَ ملڪ ۾ موڪليل بيماريون ڏسندا. 23 اهي هي بہ ڏسندا تہ سڄي زمين گندرف ۽ شورو لڳي پيئي آهي ۽ اهڙي تہ سڙي ويئي آهي جو منجھس نڪي ڪجھہ پوکجي ٿو، نڪي ان مان پيداوار ٿئي ٿي، نڪو وري منجھس ڪو گاهہ ٿو اڀري. هو ڏسندا تہ اهو ملڪ سدوم، عموراہ، ادمہ ۽ ضبوئيم وانگر ويران ٿي ويو آهي، جن کي خداوند پنهنجي قهر ۽ غضب سان نابود ڪري ڇڏيو هو. 24 تڏهن اهي سڀ قومون پڇنديون تہ ’خداوند هن ملڪ سان ائين ڇو ڪيو آهي؟ هيڏي وڏي غضب جو سبب ڪهڙو آهي؟‘ 25 تنهن تي ماڻهو وراڻيندا تہ ’انهيءَ جو سبب هي آهي تہ هنن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عهد کي ڇڏي ڏنو هو، جيڪو هن کين مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍڻ وقت ساڻن ٻڌو هو. 26 هنن وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪئي ۽ انهن کي سجدو ڪيائون، جن کي هو نہ ڄاڻيندا هئا، نڪي وري خداوند کين اهي ڏنا هئا. 27 تنهنڪري خداوند هن ملڪ تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ جيڪي لعنتون هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، سي سڀ انهن تي موڪليائين. 28 خداوند سخت غصي ۽ قهر ۾ ڀرجي سندن ئي ملڪ مان هنن جي پاڙ پٽي ڪڍي ۽ کين ڌارئي ملڪ ۾ اڇلايائين، جيئن اڄوڪي ڏينهن اوهين ڏسو ٿا.‘“ 29 موسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”غيب جو مالڪ تہ خداوند اسان جو خدا ئي آهي، پر جيڪي ڳالهيون ظاهر ڪيون ويون آهن، سي هميشہ لاءِ اسان ۽ اسان جي اولاد جي لاءِ آهن، انهيءَ لاءِ تہ اسين هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪريون.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society