شريعت جو دور 28 - Muslim Sindhi Bibleفرمانبرداريءَ لاءِ برڪت ( لاوي سرشتو 26:3-13 ، شريعت جو دور 7:12-24 ) 1 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين پوريءَ طرح خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪندا ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندا، تہ خداوند اوهان کي دنيا جي ٻين سڀني قومن کان وڌيڪ سربلند ڪندو. 2 جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪندا تہ هي سڀ برڪتون اوهان تي نازل ٿينديون ۽ اوهان کي ملنديون رهنديون. 3 اوهين شهر ۾ بہ برڪت وارا ٿيندا ۽ ٻهراڙيءَ ۾ بہ. 4 اوهان جي اولاد ۾، ٻنيءَ جي پيداوار ۾ ۽ چوپائي مال ۾ برڪت پوندي. 5 اوهان جي گڏ ڪيل اناج ۽ انهيءَ مان اوهان جي تيار ڪيل کاڌي ۾ برڪت پوندي. 6 اوهين پنهنجي هر ڪم ۾ برڪت وارا ٿيندا. 7 اوهان جا دشمن جيڪي اوهان تي اچي حملو ڪندا، تن کي خداوند اوهان جي اڳيان شڪست ڏيندو. اهي هڪڙي رستي کان اوهان تي حملو ڪندا ۽ ستن رستن کان اوهان جي اڳيان وٺي ڀڄندا. 8 خداوند جي حڪم سان اوهان جي گودامن ۾ ۽ جن بہ ڪمن ۾ اوهين هٿ وجھندا، تن سڀني ۾ برڪت پوندي. جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ هو اوهان کي برڪت عطا ڪندو. 9 جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ سندس واٽ تي هلندا تہ خداوند اوهان کي پنهنجي ئي قوم طور قائم رکندو، جيئن هن اوهان سان قسم کڻي واعدو ڪيو آهي. 10 پوءِ دنيا جون سڀيئي قومون اهو ڏسي اوهان کان ڊڄي وينديون تہ اوهين خداوند جي نالي ٿا سڏجو. 11 جيڪو ملڪ اوهان کي ڏيڻ لاءِ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو، تنهن ۾ هو اوهان جي اولاد، چوپائي مال ۽ ٻنيءَ جي پيداوار کي گھڻو وڌائي اوهان کي سکي ڪندو. 12 خداوند اوهان جي لاءِ پنهنجين چڱين شين جي خزاني يعني آسمان کي کولي اوهان جي ملڪ ۾ مندائتو مينهن وسائيندو ۽ جن بہ ڪمن ۾ اوهين هٿ وجھندا، تن سڀني ۾ اوهان کي برڪت ڏيندو. اوهين گھڻين ئي قومن کي قرض ڏيندا پر پاڻ ڪنهن کان بہ قرض نہ کڻندا. 13 خداوند اوهان کي قومن جو اڳواڻ بڻائيندو، پوئلڳ نہ. اوهين هميشہ مٿاهان رهندا، هيٺاهان نہ، بشرطيڪ اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم، جيڪي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، سي مڃيندا ۽ خبرداريءَ سان انهن تي عمل ڪندا. 14 ان کان سواءِ جن ڳالهين جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي حڪم ڏيان ٿو، تن مان ڪنهن کان بہ ساڄي يا کاٻي طرف ڦري اوهين غير معبودن جي پٺيان لڳي سندن پوڄا نہ ڪندا.“ نافرمانيءَ لاءِ لعنت ( لاوي سرشتو 26:14-46 ) 15 ”پر جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري نہ ڪندا ۽ سندس جيڪي قانون ۽ حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل نہ ڪندا تہ هي سڀ لعنتون اوهان تي نازل ٿينديون ۽ اوهان کي لڳل رهنديون. 16 اوهين شهر ۾ بہ لعنتي ٿيندا ۽ ٻهراڙيءَ ۾ بہ. 17 اوهان جي گڏ ڪيل اناج ۽ انهيءَ مان اوهان جي تيار ڪيل کاڌي تي لعنت پوندي. 18 اوهان جي اولاد تي، ٻنيءَ جي پيداوار تي ۽ ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي ڌڻن تي لعنت پوندي. 19 اوهين پنهنجي هر ڪم ۾ لعنتي ٿيندا. 20 جن جن ڪمن ۾ اوهين هٿ وجھندا، تن سڀني ۾ خداوند اوهان تي لعنت، گھمسان ۽ ملامت موڪليندو، ايستائين جو اوهين جلدي بلڪل تباهہ ۽ برباد نہ ٿي وڃو. اهو سڀ اوهان جي خراب ڪمن جي ڪري ٿيندو، جڏهن اوهين خداوند کي ڇڏي ڏيندا. 21 خداوند تيستائين اوهان تي وبا موڪليندو رهندو، جيستائين اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ فنا نہ ڪري ڇڏيندو، جنهن تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا. 22 خداوند اوهان کي سلهہ، بخار ۽ سوزش سان، اوهان جي زمين کي ساڙيندڙ جھولي ۽ خشڪساليءَ سان ۽ اوهان جي گھرن کي رتيءَ ۽ سينور جي مرض سان سٽي وجھندو. جيستائين اوهين تباهہ نہ ٿي ويندا، تيستائين اهي مرض اوهان جي پٺيان هوندا. 23 اوهان جي مٿان جيڪو آسمان آهي سو پتل جهڙو ٿي ويندو ۽ اوهان جي هيٺان جيڪا زمين آهي سا لوهہ جهڙي ٿي ويندي. 24 خداوند اوهان جي زمين تي تيستائين مينهن جي بدران ڌوڙ ۽ مٽي وسائيندو رهندو، جيستائين اوهين برباد ٿي نہ وڃو. 25 خداوند اوهان جي دشمنن کي اوهان مٿان فتح ڏيندو. اوهين هڪڙي رستي کان هنن تي حملو ڪندا ۽ ستن رستن کان انهن جي اڳيان وٺي ڀڄندا. دنيا جي سڀني قومن کي اهو ڏسي هيبت وٺي ويندي تہ اوهان سان ڇا ٿو ٿئي. 26 اوهان جا لاش پکين ۽ جھنگ جي جانورن جو کاڄ ٿيندا ۽ ڪوبہ انهن کي هڪلڻ وارو ڪونہ هوندو. 27 خداوند اوهان کي مصرين جيان ڦرڙين سان ۽ بواسير، ڏڍ ۽ خارش سان سٽي وجھندو. اوهين انهن مان ڪڏهن بہ ڇٽي ڪين سگھندا. 28 خداوند اوهان کي چريائيءَ، انڌاپي ۽ دماغي پريشانيءَ سان سٽي وجھندو. 29 اوهين ڏينهن جو منجھند جي وقت ائين هٿوراڙيون هڻندا، جيئن انڌو هٿوراڙيون هڻندو آهي. اوهين پنهنجن ڪمن ۾ ڪامياب نہ ٿيندا. اوهان تي سدائين ظلم ۽ ڦُرمار پيئي ٿيندي ۽ ڪوبہ اوهان کي بچائڻ وارو ڪونہ هوندو. 30 اوهين جنهن ڇوڪريءَ سان مڱڻو ڪندا، تنهن سان ٻيو ماڻهو سمهندو. اوهين گھر جوڙيندا پر انهيءَ ۾ رهندا ڪين. اوهين انگورن جو باغ لڳائيندا پر انهيءَ جي ميوي جو مزو نہ چکندا. 31 اوهان جو ڏاند اوهان جي اکين اڳيان ڪٺو ويندو، پر اوهين انهيءَ مان ڪجھہ بہ نہ کائيندا. اوهان جو گڏهہ اوهان کان زوريءَ کسيو ويندو ۽ اوهان کي موٽي نہ ملندو. اوهان جون رڍون اوهان جي دشمنن کي ڏنيون وينديون ۽ ڪوبہ اوهان جي مدد ڪرڻ وارو ڪونہ هوندو. 32 اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئر ٻيءَ قوم جي حوالي ڪيون وينديون. اوهانجيون اکيون سڄو ڏينهن انهن جي واٽ نهاريندي ٿڪجي پونديون ۽ اوهان جو ڪوبہ وس ڪونہ پڄندو. 33 اوهان جي زمين جي پيداوار ۽ اوهان جي محنت جي سموري ڪمائي، هڪڙي اهڙي قوم کائي ويندي، جنهن کي اوهين سڃاڻيندا بہ ڪونہ هوندا. اوهين سدائين مظلوم ۽ دٻايل رهندا، 34 ايتري قدر جو اوهين پنهنجين اکين سان اهي ڳالهيون ڏسي چريا ٿي پوندا. 35 خداوند اوهان جي گوڏن ۽ ٽنگن ۾ بيحد خوفناڪ ڦرڙيون ڪڍندو، بلڪ اوهين پير جي تريءَ کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين انهن مان ڇٽي ڪين سگھندا. 36 خداوند اوهان کي ۽ جيڪو بادشاهہ اوهين پنهنجي مٿان مقرر ڪندا، تنهن کي هڪڙي اهڙيءَ قوم ۾ وڃي پهچائيندو، جنهن کي اوهين يا اوهان جي ابن ڏاڏن بہ ڪين ٿي ڄاتو. اتي اوهين ڪاٺيءَ ۽ پٿر جي ڌارين معبودن جي پوڄا ڪندا. 37 جن جن قومن ۾ خداوند اوهان کي وٺي ويندو، تن سڀني ۾ اوهين عبرت، پهاڪي ۽ چوڻيءَ جو سبب بڻبا. 38 اوهين ٻنيءَ ۾ گھڻو ٻج وجھندا پر فصل ٿورو ميڙيندا، ڇاڪاڻ تہ ماڪڙ اهو کائي چٽ ڪري ڇڏيندي. 39 اوهين انگورن جا باغ لڳائيندا، پر نڪي انگور گڏ ڪندا ۽ نہ وري انهن جو رس پيئندا، ڇاڪاڻ تہ انهن کي ڪينئان کائي ويندا. 40 اوهان جي سڄي ملڪ ۾ زيتونن جا وڻ هوندا، پر اوهين انهن جو تيل ڪين مکيندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي انهن زيتونن جو ڦر ڇڻي پوندو. 41 اوهين پٽ ۽ ڌيئر ڄڻيندا، پر اهي اوهان جا ڪين ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ اهي باندي ٿي ويندا. 42 اوهان جا سڀ وڻ ۽ اوهان جي زمين جي سموري پيداوار ماڪڙ جو لشڪر کائي ويندو. 43 جيڪو ڌاريو ماڻهو اوهان جي وچ ۾ هوندو سو اوهان کان وڌندو ويندو ۽ اوهين گھٽبا ويندا. 44 هو اوهان کي قرض ڏيندو، پر اوهين هن کي قرض ڪين ڏيندا. هو اوهان جو اڳواڻ ٿيندو ۽ اوهين هن جا پوئلڳ. 45 اهي سڀ لعنتون اوهان تي اينديون ۽ اوهان جي پٺيان پئي تيستائين اوهان سان چُهٽيل رهنديون، جيستائين اوهين برباد نہ ٿي وڃو. ان جو سبب اهو آهي جو اوهان خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري نہ ڪئي ۽ جيڪي قانون ۽ حڪم هن اوهان کي ڏنا تن تي اوهان عمل نہ ڪيو. 46 اهي اوهان ۾ ۽ اوهان جي پيڙهيءَ ۾ هميشہ هڪ نشان ۽ عبرت ثابت ٿينديون. 47 جيئن تہ هر شيءِ جي گھڻائيءَ هوندي بہ اوهان خوشيءَ ۽ خوشدليءَ سان خداوند پنهنجي خدا جي تابعداري نہ ڪئي، 48 تڏهن هاڻي بک، اُڃ، اوگھڙ ۽ هر شيءِ جي محتاجيءَ ۾ اوهان انهن دشمنن جي تابعداري ڪندا، جيڪي خداوند اوهان تي موڪليندو. خداوند اوهان جي ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وجھي ڇڏيندو، جيستائين اوهان کي برباد نہ ڪري ڇڏي. 49 خداوند پري کان يعني ڌرتيءَ جي ڇيڙي کان هڪڙيءَ قوم کي، عقاب وانگر اوهان مٿان چاڙهي آڻيندو، جنهن جي اوهين ٻولي بہ ڪين سمجھندا. 50 اها اهڙي تہ خوفناڪ چهري واري قوم هوندي، جيڪا نہ پوڙهي جو لحاظ ڪندي ۽ نہ جوان سان مروت. 51 اها اوهان جو چوپايو مال ۽ زمين جي پيدائش ڳڙڪائيندي ويندي. هائو، اها اناج، تازي مئي، زيتون جي تيل يا ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي ڦرن مان هڪڙو بہ اوهان جي لاءِ ڪين ڇڏيندي، ايتري قدر جو اوهين تباهہ وَ برباد ٿي ويندا. 52 جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن منجھہ ئي اوهان جي سڀني شهرن ۾ اها قوم اوهان جو گھيرو ڪندي، جيستائين اوهانجيون اوچيون ۽ مضبوط ڀتيون جن تي اوهان جو ڀروسو آهي، سي ڀڄي ڪري پون. 53 انهيءَ گھيري ۾ اوهان جا دشمن اوهان کي اهڙو تہ ڦاسائيندا، جو اوهين تنگ اچي پاڻ پنهنجي اولاد يعني پٽ ۽ ڌيئر جيڪي خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏنيون آهن، تن جو ماس کائيندا. 54 جيڪو ماڻهو اوهان ۾ نرم دل ۽ نازڪ طبع هوندو، تنهن جي بہ پنهنجي ڀاءُ، پنهنجي پياري زال ۽ پنهنجي باقي بچيل ٻارن ڏانهن نيت خراب هوندي، 55 جو جڏهن هو پنهنجي ڪنهن ٻار جو ماس کائيندو هوندو، تڏهن ان منجھان ذرو بہ انهن کي ڪين ڏيندو، ڇو تہ وٽس ٻيو ڪجھہ باقي بچندو ئي ڪونہ. اهو انهيءَ ڪري ٿيندو جو اوهان جا دشمن اوهان جي سڀني شهرن ۾ اوهان کي گھيرو ڪري ڦاسائيندا ۽ اوهين ايترو تنگ اچي ويندا. 56 جيڪا عورت اوهان ۾ نرم دل ۽ نازڪ طبع هوندي، جا نرميءَ ۽ نزاڪت جي ڪري پنهنجي پير جي تري بہ پٽ تي رکڻ جي همت نہ ڪندي هوندي، تنهن جي بہ پنهنجي پياري مڙس، پٽ ۽ ڌيءَ ڏانهن نيت خراب ٿيندي، 57 جو ڪابہ شيءِ نہ هئڻ ڪري هوءَ پنهنجي ئي تازي ڄڻيل ٻار ۽ سندس اَورَ کي انهن کان لڪائي کائي ويندي. اهو انهيءَ ڪري ٿيندو جو اوهان جا دشمن اوهان جي سڀني شهرن ۾ اوهان کي گھيرو ڪري ڦاسائيندا ۽ اوهين ايترو تنگ اچي ويندا. 58 جيڪڏهن اوهان هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي، جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، خبرداريءَ سان عمل نہ ڪندا ۽ انهيءَ جلالي ۽ هيبتناڪ نالي يعني خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندا نہ رهندا، 59 تہ پوءِ خداوند اوهان تي عجيب آفتون نازل ڪندو ۽ اوهان جي اولاد جي آفتن کي وڌائي وڏيون ۽ گھڻن ڏينهن تائين رهندڙ آفتون ۽ گنديون ۽ ڊگھيون بيماريون ڪري ڇڏيندو. 60 هو اوهان تي مصر واريون سموريون وبائون موڪليندو جن کان اوهين ڊڄندا هئا. اهي اوهان کي چهٽي پونديون. 61 ان کان سواءِ اهي سڀ بيماريون ۽ آفتون، جيڪي هن شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن، سي بہ خداوند اوهان تي موڪليندو، جيستائين اوهين برباد نہ ٿي وڃو. 62 جيتوڻيڪ اوهين آسمان جي تارن جيترا آهيو، تڏهن بہ اوهين گھڻو گھٽجي ويندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري نہ ڪئي هوندي. 63 جهڙيءَ طرح خداوند اوهان سان ڀلائي ڪرڻ ۽ اوهان کي وڌائڻ ۾ خوش ٿيندو هو، تهڙيءَ طرح هو اوهان کي فنا ۽ برباد ڪرڻ ۾ بہ خوش ٿيندو. پوءِ اوهين انهيءَ ملڪ مان ڪڍيا ويندا، جنهن تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا. 64 خداوند اوهان کي ڌرتيءَ جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين سڀني قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندو. اُتي اوهين انهن ڪاٺيءَ ۽ پٿر جي ڌارين معبودن جي پوڄا ڪندا، جن کي اوهان يا اوهان جي ابن ڏاڏن بہ ڪين ٿي ڄاتو. 65 انهن قومن منجھہ اوهان کي سک نصيب نہ ٿيندو، نڪي اوهان جي پيرن جي ترين کي آرام ملندو، بلڪ خداوند اوهان کي اُتي ڳڻتي، نااميدي ۽ جان جو جھورو ڏيئي ڇڏيندو. 66 اوهان جي زندگي هميشہ خطري ۾ هوندي، رات ڏينهن اوهين ڊپ ۾ گذاريندا ۽ اوهان کي پنهنجي حياتيءَ جي پڪ ڪانہ هوندي. 67 اوهين پنهنجين اکين سان اهي ڳالهيون ڏسي، پنهنجيءَ دل ۾ اهڙو تہ ڊڄي ويندا، جو صبح جو چوندا تہ ’خدا ڪري شل سانجھي ٿئي‘ ۽ سانجھيءَ جو چوندا تہ ’خدا ڪري شل صبح ٿئي.‘ 68 خداوند اوهان کي ٻيڙين ۾ چاڙهي انهيءَ رستي کان مصر ۾ موٽائي آڻيندو، جنهن رستي بابت مون اوهان کي چيو هو تہ اهو وري نہ ڏسجو. اُتي اوهين پنهنجن دشمنن وٽ پاڻ کي غلام ۽ ٻانهيون ڪري وڪڻندا، پر ڪوبہ اوهان کي خريد نہ ڪندو.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society