شريعت جو دور 24 - Muslim Sindhi Bibleطلاق ۽ وري شاديءَ بابت قانون 1 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن ڪو مرد ڪنهن عورت سان شادي ڪري، تہ ٿي سگھي ٿو تہ اڳتي هلي منجھس ڪا اڻوڻندڙ ڳالهہ ڏسي کيس پسند نہ ڪري ۽ طلاق نامو لکي پنهنجي گھر مان ڪڍي ڇڏيس. 2 پوءِ جيڪڏهن هوءَ سندس گھر مان نڪرڻ بعد وڃي ڪو ٻيو مڙس ٿي ڪري 3 ۽ اهو ٻيو مڙس بہ انهيءَ کان بيزار ٿي پوي ۽ اهو بہ کيس طلاق نامو لکي پنهنجي گھر مان ڪڍي ڇڏيس، يا جيڪڏهن سندس اهو ٻيو مڙس مري وڃي، 4 تہ پوءِ سندس پهريون مڙس جنهن ڪڍي ڇڏيو هئس، سو هن جي بيآبرو ٿيڻ کان پوءِ وري کيس پنهنجي زال نہ بڻائي، ڇو تہ اهو ڪم خداوند جي نظر ۾ نفرت جهڙو آهي. سو اوهين انهيءَ ملڪ ۾، جيڪو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي اهڙو گناهہ ٿيڻ نہ ڏجو.“ مختلف قانون 5 ”جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ نئين شادي ڪئي هجي، تہ هو جنگ تي نہ وڃي، نڪي کيس ڪا ٻي ذميواري سونپي وڃي. هو هڪڙي سال تائين ڀلي گھر ۾ رهي پنهنجيءَ زال کي خوش رکي. 6 ڪوبہ ماڻهو سڄو جنڊ يا ان جو رڳو مٿيون پُڙ گروي نہ رکي، ڇو تہ ائين ڪرڻ سان هو ڄڻ تہ ماڻهوءَ جي حياتي گروي ٿو رکي. 7 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي همقوم بني اسرائيل مان ڪنهن کي اغوا ڪري پاڻ وٽ غلام بڻائي يا وڪڻي ڇڏيس ۽ پڪڙجي پوي، تہ انهيءَ اغوا ڪندڙ کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. اهڙيءَ طرح اوهين اها بڇڙائي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو. 8 اوهين ڪوڙهہ جهڙي مرض يا چمڙيءَ جي ٻين بيمارين کان خبردار رهجو. لاوي ڪاهن جيڪي اوهان کي سيکارين، انهن سڀني ڳالهين تي ضرور عمل ڪجو. جيئن مون انهن کي حڪم ڏنو آهي، تيئن اوهين ڌيان ڏيئي ڪندا رهجو. 9 ياد ڪريو، تہ جڏهن اوهين مصر مان نڪري آيا ٿي، تڏهن رستي ۾ خداوند اوهان جي خدا مريم سان ڇا ڪيو. 10 جڏهن اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪجھہ قرض ڏيو، تڏهن جا شيءِ هو گروي رکي ٿو سا وٺڻ لاءِ اوهين سندس گھر ۾ نہ گھڙجو. 11 بلڪ اوهين ٻاهر بيهي رهجو ۽ هو پاڻ اها شيءِ آڻي گرويءَ طور اوهان کي ڏئي. 12 جيڪڏهن اهو ماڻهو غريب هجي تہ سندس گروي رکيل اوڇڻ رات جي وقت پاڻ وٽ نہ رکجو، 13 بلڪ سج لهڻ مهل اوهين اهو کيس موٽائي ڏجو، تہ جيئن هو پنهنجو اوڇڻ ڍڪي سمهي ۽ اوهان کي دعا ڪري. اها ڳالهہ خداوند اوهان جي خدا جي آڏو اوهان جي سچائي ليکي ويندي. 14 اوهين ڪنهن غريب ۽ محتاج مزدور کان ناجائز فائدو نہ وٺجو، پوءِ اهو اوهان جي بني اسرائيل قوم وارن منجھان هجي يا انهن ڌارين مان جيڪي اوهان جي ملڪ جي ڪنهن شهر ۾ رهندا هجن. 15 اوهين انهيءَ جي مزدوري ساڳئي ئي ڏينهن تي سج لهڻ کان اڳ ۾ کيس ڏئي ڇڏجو، ڇو تہ هو غريب ماڻهو آهي ۽ سندس دل انهيءَ مزدوريءَ ۾ لڳل رهي ٿي. ائين نہ ٿئي جو هو اوهان جي خلاف خداوند جي حضور ۾ پڪاري ۽ اهو اوهان جي لاءِ گناهہ ٿي پوي. 16 اولاد جي بدلي والدين کي موت جي سزا نہ ڏني وڃي، نڪي والدين جي بدلي اولاد کي. هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ئي گناهہ لاءِ موت جي سزا ڏني وڃي. 17 اوهين ڪنهن يتيم يا پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن ڌارئي سان ناحق نہ ڪجو، نڪي ڪنهن رنزال جا ڪپڙا گروي رکجو. 18 ياد ڪريو، تہ اوهين پاڻ مصر ۾ غلام هئا ۽ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي اتان ڇڏايو. تنهنڪري آءٌ اوهان کي ائين ڪرڻ لاءِ حڪم ٿو ڏيان. 19 جڏهن فصل لڻڻ وقت اوهان کان پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪا سٿري رهجي ويئي هجي، تڏهن اها کڻڻ لاءِ موٽي نہ وڃجو، اها يتيمن، رننزالن ۽ اوهان وٽ رهندڙ ڌارين لاءِ پيئي رهي. ائين ڪرڻ سان خداوند اوهان جو خدا اوهان کي انهن سڀني ڪمن ۾ برڪت عطا ڪندو، جن ۾ اوهين هٿ وجھندا. 20 جڏهن اوهين پنهنجي زيتونن جي وڻن کي ڇاڻيو، تڏهن جيڪو ميوو ٽارين ۾ رهجي وڃي انهيءَ کي ٻيهر نہ ڇاڻجو، بلڪ اهو يتيمن، رننزالن ۽ اوهان وٽ رهندڙ ڌارين لاءِ پيو رهي. 21 جڏهن اوهين پنهنجي انگورن جي باغ مان انگور گڏ ڪريو، تڏهن جيڪي رهجي وڃن سي ٻيهر نہ چونڊجو. اهي يتيمن، رننزالن ۽ اوهان وٽ رهندڙ ڌارين لاءِ پيا رهن. 22 ياد ڪريو، تہ اوهين مصر جي ملڪ ۾ غلام هئا، تنهنڪري آءٌ اوهان کي ائين ڪرڻ لاءِ حڪم ٿو ڏيان. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society