Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

شريعت جو دور 23 - Muslim Sindhi Bible


بني اسرائيل قوم ۾ حق حقوق رکندڙ فرد هجڻ جا شرط

1 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جنهن ماڻهوءَ جا مرداڻا خاص عضوا چٿيل يا وڍيل هجن، سو خداوند جي قوم ۾ حق حقوق رکندڙ فرد ٿي نہ ٿو سگھي.

2 ڪوبہ غير شرعي طور ڄاول خداوند جي قوم ۾ حق حقوق رکندڙ فرد ٿي نہ ٿو سگھي، بلڪ ڏهين پيڙهيءَ تائين بہ سندس نسل مان ڪو اهڙو فرد ٿي نہ ٿو سگھي.

3 اوهان وٽ رهندڙ امونين يا موآبين مان سندن ڏهين پيڙهيءَ تائين بہ ڪو خداوند جي قوم ۾ حق حقوق رکندڙ فرد ٿي نہ ٿو سگھي.

4 انهيءَ سبب جو جڏهن اوهين مصر مان نڪري آيا ٿي، تڏهن رستي ۾ اهي ماني ۽ پاڻي کڻي اوهان سان ملڻ لاءِ ڪين آيا، بلڪ اٽلندو هو بعور جي پٽ بلعام کي ارام جي ندين واري علائقي جي شهر فتور مان پئسا ڏيئي وٺي آيا، تہ جيئن اهو اوهان تي لعنت وجھي.

5 پر خداوند اوهان جي خدا بلعام جي نہ ٻڌي، بلڪ اوهان جي لاءِ لعنت کي ڦيرائي برڪت ڪيائين، ڇوجو خداوند اوهان جي خدا کي اوهان سان محبت هئي.

6 اوهين هميشہ هميشہ لاءِ ڪڏهن بہ انهن جي سلامتي يا خيريت نہ چاهجو.

7 پر اوهين پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن ادوميءَ کان نفرت نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اهو اوهان جو عزيز آهي. اوهين پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن مصريءَ کان بہ نفرت نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين سندس ملڪ ۾ ڌاريا ٿي رهيا هئا.

8 انهن جي ٽين پيڙهيءَ ۾ جيڪي ٻار پيدا ٿين، سي خداوند جي قوم ۾ حق حقوق رکندڙ فرد ٿي سگھن ٿا.“


جنگ وقت خيمي‌گاهہ کي پاڪ رکڻ

9 ”جڏهن اوهين پنهنجن دشمنن سان وڙهڻ لاءِ خيما کوڙي رهيا پيا هجو، تڏهن پاڻ کي هر ڪنهن پليتيءَ کان بچائجو.

10 جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو اهڙو ماڻهو هجي، جو رات جو خواب جي سببان ناپاڪ ٿي پيو هجي، تہ اهو خيمي‌گاهہ کان ٻاهر نڪري وڃي ۽ خيمي‌گاهہ ۾ نہ اچي.

11 پر جڏهن سانجھي ٿئي تہ هو وهنجي ۽ سج لهڻ کان پوءِ ڀلي خيمي‌گاهہ جي اندر اچي.

12 اوهين پاخاني ڪرڻ لاءِ خيمي‌گاهہ کان ٻاهر هڪڙي جاءِ مقرر ڪري ڇڏجو.

13 اوهين پاڻ سان پنهنجي هٿيارن ۾ هڪڙو رنبو بہ رکجو، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن اوهين ٻاهر پاخاني ڪرڻ لاءِ وڃو، تڏهن انهيءَ سان زمين کي کوٽيو ۽ اٿڻ وقت گند کي ڍڪي ڇڏيو.

14 جيئن تہ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي بچائڻ ۽ اوهان جي دشمنن کي اوهان جي هٿ ۾ ڏيڻ لاءِ اوهان جي خيمي‌گاهہ ۾ پيو گھمي ٿو، تنهنڪري اوهين پنهنجي خيمي‌گاهہ کي پاڪ رکجو، متان هو اوهان ۾ گندگي ڏسي اوهان کان منهن ڦيرائي هليو وڃي.“


مختلف قانون

15 ”جيڪڏهن ڪو غلام پنهنجي مالڪ وٽان ڀڄي اوهان وٽ اچي پناهہ وٺي تہ انهيءَ کي سندس مالڪ جي حوالي نہ ڪجو،

16 بلڪ هو ڀلي اوهان وٽ، اوهان جي وچ ۾، اوهان جي شهرن مان ڪنهن ۾ بہ، جتي وڻيس اتي رهي. اوهين انهيءَ تي ظلم نہ ڪجو.

17 بني اسرائيل جي ڌيئرن يا پٽن مان ڪوبہ ڪنهن مذهبي رسم ادا ڪندي ڪسبياڻيءَ يا لونڊي وارو ڪم نہ ڪري.

18 اوهين خداوند پنهنجي خدا جي گھر ۾، ڪسبياڻيءَ يا لونڊي جي ڪمائيءَ مان باس نہ آڻجو، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻنهي کان خداوند اوهان جي خدا کي نفرت آهي.

19 اوهين بني اسرائيل مان پنهنجي ڪنهن هم‌قوم کي وياج تي قرض نہ ڏجو. کانئس پئسن، کاڌي جي شين يا ڪنهن بہ ٻيءَ شيءِ تي وياج نہ وٺجو.

20 ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ کي اوهين ڀلي وياج تي قرض ڏيو. پر بني اسرائيل مان پنهنجي ڪنهن هم‌قوم کي ڪابہ شيءِ وياج تي اڌاري نہ ڏجو، انهيءَ لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا تنهن ۾ خداوند اوهان جو خدا انهن سڀني ڪمن ۾ اوهان کي برڪت عطا ڪري، جن ۾ اوهين هٿ وجھو.

21 جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا وٽ ڪا باس باسيو، تہ انهيءَ کي پوري ڪرڻ ۾ دير نہ ڪجو، ڇو تہ خداوند ضرور اوهان کان انهيءَ جي طلب ڪندو ۽ تڏهن اوهين گنهگار ٿيندا.

22 پر جيڪڏهن اوهان باس نہ باسي هجي تہ پوءِ اوهان تي ڪو گناهہ ڪونهي.

23 جيڪي اوهان جي زبان مان نڪري سو اوهين ضرور پورو ڪريو ۽ جهڙي باس اوهان خداوند پنهنجي خدا وٽ رضا خوشيءَ سان واعدو ڪري باسي هجي تنهن موجب اها پوري ڪجو.

24 جيڪڏهن اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ جي انگورن جي باغ ۾ وڃو، تہ جيترا انگور اوهان کي وڻن اوترا کائي پيٽ ڀريو، پر پنهنجي ٿانوَ ۾ ڪجھہ بہ کڻي نہ وڃجو.

25 جيڪڏهن اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ جي اناج جي بيٺل پوک ۾ وڃو، تہ اوهين هٿ سان ڀلي سنگ پٽيو، پر انهيءَ ۾ ڏاٽو نہ گھمائجو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan