Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

شريعت جو دور 2 - Muslim Sindhi Bible


بيابان ۾ رلندو رهڻ

1 ”پوءِ اسين موٽياسين ۽ ڳاڙهي سمنڊ وارو رستو ڏيئي بيابان ۾ آياسين، جيئن خداوند مون کي فرمايو هو. ڪيترن ئي ڏينهن تائين اسين ادوم جي جابلو علائقي ۾ ڀٽڪندا رهياسين.

2 تڏهن خداوند مون کي چيو تہ

3 ’اوهين هن جابلو علائقي ۾ گھڻو ئي رليا آهيو. هاڻي اتر طرف وڃو.‘

4 هن مون کي اوهان لاءِ هي حڪم فرمايو تہ ’اوهان کي پنهنجن عزيزن بني عيسوءَ جي سرحد وٽان لنگھڻو آهي، جيڪي ادوم جي علائقي ۾ رهن ٿا. اهي اوهان کان ڊڄندا، تنهنڪري اوهين تمام احتياط ڪجو.

5 اوهين انهن سان ڇيڙڇاڙ نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي هنن جي ملڪ مان اصل پير رکڻ جيتري بہ جاءِ ڪين ڏيندس، ڇو تہ ادوم جو جابلو علائقو مون عيسوءَ کي ميراث ڪري ڏنو آهي.

6 اوهين کاڌو ۽ پاڻي بہ هنن کي پئسا ڏيئي خريد ڪجو.

7 مون خداوند اوهان جي خدا، اوهان جي هٿ جي ڪمائيءَ ۾ برڪت وڌي آهي. هن وڏي بيابان ۾ اوهان جي گھمڻ ڦرڻ جي بہ مون کي خبر آهي. هنن چاليهن سالن ۾ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، اوهان سان گڏ هئس ۽ اوهان کي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿي.‘

8 سو اسين ادوم ۾ رهندڙ پنهنجن عزيزن، يعني بني عيسوءَ کان پاسو ڪري بيابان واري رستي، ايلات ۽ عصيون‌جابر منجھان لنگھياسين. پوءِ اسين ڦري موآب واري ملڪ جي رستي هلڻ لڳاسين.

9 تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ’موآبين يعني بني لوط کي نہ ستائجو، نڪي انهن سان ڇيڙڇاڙ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي انهن جي ملڪ مان ڪابہ ميراث ڪانہ ڏيندس. هن ڪري جو عار جو شهر مون انهن کي ميراث ڪري ڏنو آهي.‘“

10 عار جي شهر ۾ پهريائين ايميم رهندا هئا، جيڪي عناق جي اولاد وانگر طاقتور، گھڻا ۽ قداور هئا.

11 عناق جي اولاد وانگر اهي بہ راڪاس ڪري ڄاتا ويندا هئا. پر موآبي انهن کي ايميم ڪري سڏيندا هئا.

12 ادوم جي علائقي ۾ پهريائين حوري قوم جا ماڻهو رهندا هئا. پر بني عيسوءَ انهن کي ڀڄائي ڪڍيو. انهن کي برباد ڪري هو پاڻ انهن جي جاءِ تي رهڻ لڳا، جيئن بني اسرائيل پنهنجي دشمنن سان بعد ۾ پنهنجي ورثي واري ملڪ ۾ ڪيو، جيڪو خداوند انهن کي عطا ڪيو.

13 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”خداوند فرمايو هو تہ ’هاڻي اُٿو ۽ برساتي نهر زارد جي پار وڃو.‘ سو اسين انهيءَ نهر جي پار وياسين.

14 قادش‌برنيع کان رواني ٿيڻ کان وٺي، برساتي نهر زارد جي پار وڃڻ تائين اسان کي اٺٽيهہ سال لڳا. انهيءَ عرصي ۾ خيمي‌گاهہ منجھان سڀ جنگي مرد مري کپي ويا، جيئن خداوند انهن جي باري ۾ قسم کڻي چيو هو.

15 جيستائين هو مري کپي نابود نہ ٿي ويا، تيستائين خداوند جو هٿ کين خيمي‌گاهہ مان فنا ڪرڻ لاءِ انهن جي خلاف ئي رهيو.

16 سو جڏهن قوم جا سڀ جنگي مرد نابود ٿي ويا،

17 تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ

18 ’اڄ اوهان عار شهر جي سامهون موآب جي سرحد وٽان لنگھي وڃو.

19 جڏهن اوهان بني عمون جي سرحد کي ويجھو اچو، تڏهن انهن کي نہ ستائجو، نڪي انهن سان ڇيڙڇاڙ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي بني عمون جي ملڪ مان ڪابہ ميراث ڪانہ ڏيندس. هن ڪري جو مون اهو ملڪ بني لوط کي ميراث ڪري ڏنو آهي.‘“

20 اهو بہ رفائين جو ملڪ ڪري ڄاتو ويندو هو، ڇاڪاڻ تہ اڳي اتي رفائين ئي رهندا هئا، جن کي عموني ماڻهو زمزمين ڪري سڏيندا هئا.

21 اهي ماڻهو بہ راڪاسن وانگر طاقتور، گھڻا ۽ قداور هئا. پر خداوند انهن کي بني عمون جي اڳيان برباد ڪيو ۽ انهن جي جاءِ تي بني عمون پاڻ رهڻ لڳا.

22 خداوند اهو ساڳيءَ طرح ئي ڪيو جيئن هن ادوم جي علائقي ۾ رهندڙ بني عيسوءَ جي اڳيان حورين کي برباد ڪيو ۽ انهن جي جاءِ تي بني عيسو پاڻ اڄ ڏينهن تائين رهندا پيا اچن.

23 ساڳيءَ طرح ڪريت ٻيٽ مان آيل ڪريتي، ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري غزہ تائين پنهنجن ڳوٺن ۾ رهندڙ اَوين کي ماري پاڻ انهن جي جاءِ تي رهڻ لڳا.

24 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”موآب مان لنگھي وڃڻ کان پوءِ خداوند اسان کي فرمايو تہ ’هاڻي اوهين اُٿي روانا ٿيو ۽ برساتي نهر ارنون مان لنگھي پار وڃو. ياد رکو، مون حشبون جي اموري بادشاهہ سيحون کي سندس ملڪ سميت اوهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. تنهنڪري اوهين انهيءَ جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ شروع ڪريو ۽ ساڻس جنگ ڪريو.

25 اڄ کان وٺي آءٌ ڌرتيءَ جي سڀني ماڻهن تي اوهان جو خوف ۽ ڊپ وجھڻ شروع ڪندس. هو اوهان جي هاڪ ٻڌي ڏڪي ويندا ۽ اوهان جي ڪري پريشان ٿيندا.‘“


سيحون تي فتح
( ڳاڻاٽو 21‏:21‏-30 )

26 ”پوءِ مون قديمات جي بيابان مان حشبون جي بادشاهہ سيحون ڏانهن، ايلچين جي هٿان صلح جو پيغام موڪليو. کيس چوائي موڪليم تہ

27 ’اسان کي پنهنجي ملڪ مان لنگھڻ ڏيو. اسين واٽ وٺي سڌا هليا وينداسين ۽ ساڄي يا کاٻي پاسي ڪين مڙنداسين.

28 اسين کائڻ لاءِ کاڌو ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي بہ توهان کان پئسا ڏيئي وٺنداسين. توهان اسان کي پنهنجي ملڪ مان رڳو لنگھي وڃڻ ڏيو،

29 جيستائين اسين اردن درياءَ مان لنگھي انهيءَ ملڪ ۾ وڃون، جيڪو خداوند اسان جو خدا اسان کي ڏيڻ وارو آهي. ادوم جي علائقي ۾ رهندڙ بني عيسو ۽ عار شهر ۾ رهندڙ موآبين بہ اسان کي ائين ئي پنهنجي ملڪ مان لنگھي وڃڻ ڏنو آهي.‘

30 پر حشبون جي بادشاهہ سيحون اسان کي پنهنجي ملڪ مان لنگھي وڃڻ نہ ڏنو. خداوند اسان جي خدا هن جو مزاج تيز ۽ دل سخت ڪئي هئي، انهيءَ لاءِ تہ هو انهيءَ کي اوهان جي حوالي ڪري، جيڪو اڄ تائين اسان جي حوالي آهي.

31 تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ’ڏسو، آءٌ سيحون بادشاهہ ۽ سندس ملڪ کي توهان جي حوالي ڪرڻ وارو آهيان. توهين انهيءَ تي قبضو ڪرڻ شروع ڪريو، تہ جيئن توهين هن ملڪ جا وارث ٿيو.‘

32 تڏهن سيحون پنهنجي سڀني ماڻهن سميت اسان سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري يهض شهر جي ويجھو آيو.

33 پر خداوند اسان جي خدا کيس اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ اسان هن کي، سندس پٽن کي ۽ سندس سڀني ماڻهن کي ماري ڇڏيو.

34 انهيءَ وقت ئي اسان هن جا سڀ شهر هٿ ڪيا ۽ هر ڪنهن آباد شهر کي مردن، عورتن ۽ ٻارن سميت بلڪل برباد ڪري ڇڏيو. اسان ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيو.

35 رڳو چوپايو مال ۽ هٿ ڪيل شهرن جي لُٽ جو مال اسان غنيمت ڄاڻي پاڻ وٽ رکيو.

36 برساتي نهر ارنون جي ڪناري واري شهر عروعير ۽ نهر جي وچ واري شهر کان وٺي جِلعاد تائين اهڙو ڪوبہ شهر ڪونہ هو جيڪو اسان جي قبضي ۾ نہ آيو. خداوند اسان جي خدا، اهي سڀيئي شهر اسان جي حوالي ڪيا.

37 پر اسين بني عمون جي ملڪ، برساتي نهر يبوق جي ڪنارن، جابلو علائقي جي شهرن ۽ ٻين انهن جاين تي جتي خداوند اسان جي خدا اسان کي وڃڻ کان منع ڪئي هئي، تن جي ويجھو بہ ڪونہ وياسين.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan