Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

شريعت جو دور 18 - Muslim Sindhi Bible


ڪاهنن جو حصو

1 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”ڪاهنن جي سڄي قبيلي يعني لاويءَ کي بني اسرائيل سان گڏ زمين جو ڪوبہ حصو يا ورثو ڪونہ ملندو. انهيءَ جي بدران اهي خداوند جي ميراث يعني ساڙيون ويندڙ قربانيون ۽ نذرانا کائيندا.

2 هنن کي سندن بني اسرائيل قوم وارن سان گڏ ٻي ڪابہ ميراث ڪونہ ملندي، ڇو تہ خداوند کي ڏنل نذرانن مان ڪجھہ حصو سندن ميراث آهي، جيئن هن کين فرمايو آهي.

3 جيڪي ماڻهو ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي قرباني ڪندا، تن مان ڪاهنن جو حق هي ٿيندو. اهي ڪاهنن کي انهيءَ جو ڪنڌو، ڄاڙي ۽ اوجھري ڏين.

4 اوهين سال بسال پنهنجي اناج، مئي ۽ زيتون جي تيل مان پهرين پيداوار جو حصو ۽ پنهنجين رڍن جي پهرين اُن جو حصو انهن کي ڏجو.

5 انهيءَ سبب جو خداوند اوهان جي خدا لاوين کي اوهان جي سڀني قبيلن منجھان چونڊي ڪڍيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي ۽ سندن اولاد هميشہ خداوند جي نالي جي خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر رهن.

6 سڄي ملڪ منجھان اوهان جي ڪنهن بہ شهر ۾ رهندڙ ڪو لاوي جيڪڏهن پنهنجيءَ دل جي پوري ارادي سان انهيءَ جاءِ تي اچي، جيڪا خداوند چونڊيندو،

7 تہ اُتي موجود پنهنجي سڀني لاوي ڀائرن وانگر هو بہ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خدمت ڪندو رهي.

8 هن کي بہ کائڻ لاءِ ٻين جيترو حصو ملندو. انهيءَ کان علاوہ جيڪا رقم کيس اباڻي ملڪيت جي وڪري مان حاصل ٿئي، سا بہ ملندس.“


ڪراهت جهڙن ڪمن خلاف چتاءُ

9 ”جڏهن اوهين انهيءَ ملڪ ۾ پهچو جيڪو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تڏهن اوهين انهن قومن وانگر ڪراهت جهڙا ڪم ڪرڻ نہ سکجو.

10 اوهان منجھہ ڪوبہ اهڙو ماڻهو نہ هجي جيڪو پنهنجي پٽ يا ڌيءَ کي قربانيءَ طور ساڙي، يا جيڪو غيب جون ڳالهيون ڪري، قسمت جو حال ٻڌائي، فال وجھي، جادوگري ڪري،

11 يا جيڪو منتر پڙهي، مئلن جي روحن کان پڇا‌ڳاڇا ڪري ۽ ساڻن صلاح مشورو ڪري.

12 جيڪي اهي ڪم ڪن ٿا، سي سڀ خداوند جي نظر ۾ نفرت جي لائق آهن. اهڙن ئي ڪراهت جهڙن ڪمن جي ڪري خداوند اوهان جو خدا انهن کي اوهان جي اڳيان اتان ڀڄائي ڪڍندو.

13 اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بي‌قصور ٿي رهجو.“


نبي موڪلڻ جو واعدو

14 پوءِ موسيٰ چيو تہ ”جن قومن کي اوهين بيدخل ڪندا، سي قسمت جو حال ٻڌائيندڙن ۽ غيب جون ڳالهيون ڪرڻ وارن جي پيروي ڪن ٿيون. پر خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ائين ڪرڻ جي اجازت نہ ٿو ڏئي.

15 خداوند اوهان جو خدا اوهان منجھان، يعني اوهان جي بني اسرائيل قوم وارن منجھان ئي، اوهان جي لاءِ مون جهڙو هڪڙو نبي پيدا ڪندو. اوهين انهيءَ جي ٻڌجو.

16 هي اوهان جي انهيءَ درخواست موجب ٿيندو، جڏهن اوهان سينا جبل وٽ گڏجاڻيءَ واري ڏينهن خداوند پنهنجي خدا کي چيو هو تہ ’شل اسين خداوند پنهنجي خدا جو آواز وري نہ ٻڌون، نڪي وري اهڙي وڏي باهہ ڏسون، جو متان اسين مري وڃون.‘

17 تڏهن خداوند مون موسيٰ کي فرمايو هو تہ ’هنن جو چوڻ صحيح آهي.

18 آءٌ خداوند هنن جي لاءِ سندن بني اسرائيل قوم وارن منجھان ئي تو جهڙو هڪڙو نبي پيدا ڪندس. آءٌ پنهنجو فرمان انهيءَ جي وات ۾ وجھندس. جيڪو بہ حڪم آءٌ هن کي ڏيندس، سو هو کين ٻڌائيندو.

19 جيڪي بہ منهنجيون ڳالهيون هو منهنجي نالي چوندو، سي جيڪڏهن ڪو ماڻهو نہ مڃيندو تہ آءٌ انهيءَ کان ان جو حساب وٺندس.

20 پر جيڪو نبي سڏائيندڙ گستاخي ڪري ڪا اهڙي ڳالهہ منهنجي نالي چوندو، جنهن جو مون کيس حڪم نہ ڏنو هوندو، يا وري جيڪو غير معبودن جي نالي ڪجھہ چوندو تہ انهيءَ کي موت جي سزا ڏني ويندي.‘

21 هاڻي جيڪڏهن اوهين پنهنجيءَ دل ۾ چئو تہ ’اسان کي اها خبر ڪيئن پوندي تہ هي ڳالهيون خداوند ڪين فرمايون آهن؟‘

22 تنهن لاءِ اهو ياد رکي ڇڏيو تہ جڏهن ڪو نبي سڏائيندڙ خداوند جي نالي ڪجھہ چوي، پر سندس چوڻ موجب نہ ٿئي ۽ هن جي ڳالهہ پوري نہ ٿئي، تہ اها ڳالهہ خداوند طرفان نہ آهي، بلڪ اها انهيءَ نبي سڏائيندڙ گستاخي ڪري چئي آهي. سو متان اوهين انهيءَ کان ڊڄو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan