شريعت جو دور 17 - Muslim Sindhi Bible1 اوهين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ ڪنهن بہ اهڙي ڍور ڍڳي يا رڍ ٻڪريءَ جي قرباني نہ ڪجو جنهن ۾ ڪو عيب يا خامي هجي، ڇاڪاڻ تہ اهو خداوند اوهان جي خدا جي نظر ۾ مڪروهہ آهي.“ عهد ٽوڙڻ جي سزا 2 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪڏهن اوهان جي شهرن مان، جيڪي خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تن ۾ بہ ڪو اهڙو مرد يا عورت لڀي جنهن خداوند جو عهد ٽوڙي اهڙي بڇڙائي ڪئي هجي جو 3 وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪئي هجيس، يا سج، چنڊ يا سمورين آسماني شين مان ڪنهن کي بہ سجدو ڪيو هجيس، جنهن کان هن اوهان کي روڪيو آهي. 4 پوءِ جڏهن انهيءَ ڳالهہ جي اوهان کي خبر پوي، تڏهن چڱيءَ طرح انهيءَ جي تحقيقات ڪجو. جيڪڏهن اها ڳالهہ سچي ثابت ٿئي تہ بني اسرائيل ۾ اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ٿيو آهي، 5 تڏهن جنهن اهڙو خراب ڪم ڪيو هجي، پوءِ اهو مرد هجي توڙي عورت، تنهن کي اوهين شهر کان ٻاهر وٺي وڃي سنگسار ڪري ماري ڇڏجو. 6 اهڙي واجبالقتل ماڻهوءَ کي رڳو هڪڙي شاهد جي شاهديءَ تي نہ ماريو وڃي، بلڪ ٻن يا ٽن شاهدن جي شاهديءَ تي کيس ماريو وڃي. 7 انهيءَ کي سنگسار ڪرڻ لاءِ پهريائين اهي شاهد مٿس پٿر اڇلائين، پوءِ باقي ٻيا ماڻهو. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.“ انصاف ڪرڻ ۾ ڏکيائي 8 ”جيڪڏهن اوهان جون پاڻ ۾ خون، دعويٰ يا مار ڪُٽ جون ڪي اهڙيون تڪراري ڳالهيون هجن، جن جو فيصلو اوهان جي شهر اندر ٿيڻ اوهان جي لاءِ تمام ڏکيو هجي، تہ پوءِ اوهين اهو فيصلو انهيءَ عبادت واري جاءِ تي کڻي وڃجو، جا خداوند اوهان جو خدا چونڊيندو. 9 پوءِ انهن ڏينهن ۾ اتي مقرر ٿيل ان جج ۽ لاوي ڪاهنن کي وڃي اهي ڳالهيون ٻڌائجو. هو اوهان کي فيصلو ڪري ٻڌائيندا. 10 پوءِ جيڪو فيصلو اهي اوهان کي ڪري ٻڌائين، تنهن موجب اوهين عمل ڪجو. اهي جيڪي بہ اوهان کي ٻڌائين، اوهين بلڪل ائين ئي ڪجو. 11 شريعت جي جيڪا ڳالهہ اهي اوهان کي سيکارين ۽ جيڪو فيصلو اوهان کي ٻڌائين، تنهن موجب عمل ڪجو. اُهي جيڪا بہ فتويٰ ڏين تنهن کان ساڄي يا کاٻي پاسي نہ ڦرجو. 12 جيڪو ڪاهن اتي خداوند اوهان جي خدا جي حضور ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر هجي يا جيڪو جج اتي مقرر هجي، تنهن جي ڳالهہ جيڪڏهن ڪو شخص گستاخي ڪري نہ ٻڌي تہ انهيءَ شخص کي موت جي سزا ڏني وڃي. اوهين اهڙي خرابيءَ کي بني اسرائيل مان ڪڍي ڇڏجو. 13 پوءِ سڀ ماڻهو اهو ٻڌي ڊڄي ويندا ۽ وري اهڙي گستاخي نہ ڪندا.“ بادشاهہ مقرر ڪرڻ بابت هدايتون 14 ”جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ جڏهن اوهين پهچو ۽ انهيءَ تي قبضو ڪري منجھس رهڻ لڳو ۽ چئو تہ ’پنهنجي آسپاس وارين سڀني قومن وانگر اسين بہ پنهنجي مٿان ڪو بادشاهہ مقرر ڪريون،‘ 15 تہ پوءِ اوهين هر حالت ۾ رڳو اهڙي شخص کي پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر ڪجو، جنهن کي خداوند اوهان جو خدا چونڊي. اوهين پنهنجي بني اسرائيل جي ڀائرن منجھان ئي ڪنهن کي پنهنجي مٿان بادشاهہ بڻائجو، ڪوبہ ڌاريو ماڻهو جيڪو اوهان جي قوم بني اسرائيل جو نہ آهي، تنهن کي پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر نہ ڪجو. 16 ان کان علاوہ بادشاهہ پاڻ وٽ گھڻا گھوڙا نہ رکي، نڪي گھڻا گھوڙا گڏ ڪرڻ خاطر ماڻهن کي مصر ۾ موڪلي، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان کي فرمايو آهي تہ اوهين انهيءَ رستي وري ڪڏهن بہ موٽي نہ وڃجو. 17 بادشاهہ پاڻ وٽ گھڻيون زالون نہ رکي، متان سندس دل خداوند کان ڦري وڃي، نڪي هو پاڻ وٽ گھڻو سون ۽ چاندي گڏ ڪري. 18 هو پنهنجي بادشاهہ بڻجڻ وقت خدا جي شريعت، جيڪا لاوي ڪاهنن وٽ هوندي، تنهن جو پنهنجي لاءِ هڪڙو نقل ڪرائي. 19 هو انهيءَ کي پاڻ وٽ ئي رکي ۽ پنهنجي سڄي حياتي انهيءَ کي پڙهندو رهي، انهيءَ لاءِ تہ هو خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪرڻ سکي ۽ هن شريعت جي سڀني قاعدن قانونن کي مڃي ۽ انهن تي عمل ڪري. 20 انهيءَ جو مقصد اهو بہ آهي تہ هو پاڻ کي پنهنجي همقوم بني اسرائيل کان وڌيڪ نہ سمجھي، نڪي هن حڪم کان ساڄي يا کاٻي پاسي ڦري، تانتہ بني اسرائيل منجھہ هن جي ۽ سندس اولاد جي بادشاهيءَ جا ڏينهن وڌيڪ ٿين.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society