Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

شريعت جو دور 16 - Muslim Sindhi Bible


عيد فصح
( خروج 12‏:1‏-20 )

1 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عيد فصح ملهائڻ لاءِ ابيب جي مهيني کي ياد رکجو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ابيب جي مهيني ۾ ئي خداوند اوهان جو خدا اوهان کي رات جي وقت مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو.

2 تنهنڪري جيڪا جاءِ خداوند پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اُتي اوهين پنهنجن ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين مان، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ عيد فصح جي قرباني ڪجو.

3 اوهين انهيءَ سان گڏ خميري ماني نہ کائجو، بلڪ ستن ڏينهن تائين بي‌خميري ماني يعني ڏکن جي ماني کائيندا رهجو. ان جو سبب هي آهي تہ جنهن ڏينهن اوهين مصر جي ملڪ مان نڪتا، تنهن ڏينهن کي پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ ياد رکي سگھو، ڇاڪاڻ تہ اوهين مصر جي ملڪ مان تڙ تڪڙ ۾ نڪري آيا هئا.

4 ستن ڏينهن تائين اوهان جي سڄي ملڪ ۾ ڪنهن وٽ بہ خمير ڏسڻ ۾ نہ اچي. پهرئين ڏينهن شام جو اوهين جيڪا قرباني ڪريو، تنهن جي گوشت مان ٻئي ڏينهن تائين ڪجھہ بہ بچائي نہ رکجو.

5 اوهين عيد فصح جي قرباني پنهنجي ڪنهن بہ شهر ۾ نہ ٿا ڪري سگھو، جيڪي شهر خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي.

6 بلڪ جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ چونڊيندو، اُتي ئي شام جو سج لهڻ مهل، جنهن وقت اوهين مصر مان نڪتا هئا، انهيءَ وقت عيد فصح جي قرباني ڪجو.

7 انهيءَ ئي عبادت واري جاءِ تي اوهين اهو گوشت پچائي کائجو. پوءِ صبح جو موٽي پنهنجي رهائش‌گاهہ ڏانهن هليا وڃجو.

8 ڇهن ڏينهن تائين اوهين جيڪا ماني کائو، تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي. ستين ڏينهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو، انهيءَ ڏينهن اوهين ڪوبہ ڪم نہ ڪجو.“


لاباري جي عيد
( خروج 34‏:22 ، لاوي سرشتو 23‏:15‏-21 )

9 ”جنهن وقت اوهين اناج جي بيٺل پوک ۾ لابارو وجھڻ شروع ڪريو، تنهن وقت کان وٺي اوهين ست هفتا ڳڻجو.

10 پوءِ اوهين انهيءَ برڪت موجب، جيڪا خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏني هجي، پنهنجي خوشيءَ سان نذرانو آڻي سندس حضور ۾ لاباري جي عيد ملهائجو.

11 انهيءَ ئي عبادت واري جاءِ تي اوهين پنهنجي پٽ، ڌيءَ، ٻانهي، ٻانهيءَ ۽ پنهنجي شهر ۾ رهندڙ لاويءَ، ڌارئي، يتيم ۽ رن‌زال سميت، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪجو.

12 اهو ياد رکجو تہ اوهين پاڻ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئا، تنهنڪري هنن قانونن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو.“


تنبن واري عيد
( لاوي سرشتو 23‏:33‏-43 )

13 ”جڏهن اوهين پنهنجي کري جو مال ۽ انگورن مان رس گڏ ڪري چڪو، تڏهن ست ڏينهن تنبن واري عيد ملهائجو.

14 اها اوهين پنهنجي پٽ، ڌيءَ، ٻانهي، ٻانهيءَ ۽ پنهنجي شهر ۾ رهندڙ لاويءَ، ڌارئي، يتيم ۽ رن‌زال سميت

15 خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾، انهيءَ ئي عبادت واري جاءِ تي وڃي خوشيون ڪندي ملهائجو. جيئن تہ خداوند اوهان جي خدا اوهان جي سموري پيداوار ۾ ۽ اوهان جي هٿ جي سموري پورهئي ۾ برڪت وڌي آهي، سو اوهين پوريءَ طرح خوشيون ڪجو.

16 سال ۾ ٽي ڀيرا، يعني عيد فصح تي، لاباري جي عيد تي ۽ تنبن واري عيد تي اوهان جي قوم جا سڀيئي مرد ماڻهو، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾، سندس چونڊيل جاءِ تي اچي حاضر ٿين. انهن مان ڪوبہ خداوند جي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.

17 بلڪ هر هڪ ماڻهو خداوند پنهنجي خدا جي ڏنل برڪت مطابق جيڪي ڏئي سگھي سو آڻي.“


انصاف ڪرڻ لاءِ انتظام

18 ”اوهين پنهنجن سڀني شهرن ۾، جيڪي خداوند اوهان جو خدا اوهان جي قبيلن مطابق اوهان کي ڏيندو، جج ۽ حاڪم مقرر ڪجو. اهي ماڻهن ۾ بي‌ريائيءَ سان عدالت ڪن.

19 اهي ڪنهن سان ناانصافي نہ ڪن، نڪي ڪنهن جو لحاظ ڪن ۽ نہ وري رشوت وٺن، ڇاڪاڻ تہ رشوت سڄن کي بہ انڌو ڪريو ڇڏي ۽ سچارن جي ڳالهين کي ڦيرايو ڇڏي.

20 اوهين هميشہ حق جي ئي پيروي ڪندا رهجو، انهيءَ لاءِ تہ جيئرا رهو ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن جا وارث ٿيو.

21 اوهين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ جيڪا قربان‌گاهہ ٺاهيو، تنهن جي ڀرسان يسيرہ ديويءَ نالي ٿنڀي طور ڪنهن بہ قسم جو وڻ نہ لڳائجو.

22 نڪي اوهين پوڄا لاءِ ڪو پٿر ئي کڙو ڪجو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي خدا کي انهن کان نفرت آهي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan