Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

شريعت جو دور 14 - Muslim Sindhi Bible


ماتم لاءِ منع

1 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اوهين خداوند پنهنجي خدا جا ٻار آهيو. سو اوهين مئلن جي لاءِ غير قومن وانگر پنهنجو پاڻ کي زخمي نہ ڪجو، نڪي پنهنجو مٿو لوندڙين وٽان گولائيءَ ۾ ڪوڙائجو،

2 ڇاڪاڻ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جا چونڊيل آهيو. خداوند ڌرتيءَ جي سڀني قومن مان اوهان کي پنهنجي خاص قوم ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي.“


حلال ۽ حرام جانور
( لاوي سرشتو 11‏:1‏-47 )

3 ”اوهين ڪابہ مڪروهہ شيءِ نہ کائجو.

4 جيڪي جانور اوهان کي کائڻ جائز آهن سي پنهنجي سڀني قسمن موجب هي آهن: ڍور ڍڳا، ريڍو مال، ٻاڪرو مال،

5 هرڻ، ڦاڙهو، سانڀر، جھنگلي ٻڪر، روجھہ ۽ جھنگلي گھٽو.

6 مطلب تہ جانورن مان هر اهو جانور جنهن جا کُر ٻن ڦاڪن ۾ چيريل هجن ۽ جيڪي اوڳاريندڙ بہ هجن، سي اوهين کائي سگھو ٿا.

7 پر جيڪي اوڳارين تہ ٿا پر سندن کُر چيريل نہ آهن سي اوهين نہ کائجو، مثال طور اٺ، سهو ۽ جھنگلي سيهڙ. اهي اوهان جي لاءِ حرام آهن.

8 بلڪ جن جا کُر تہ چيريل آهن پر اوڳارين نہ ٿا سي بہ اوهان جي لاءِ حرام آهن، خاص طور سوئر. انهن جانورن جو نہ تہ گوشت کائجو ۽ نہ وري سندن مڙهن کي هٿ لائجو.

9 پاڻيءَ جي ساهوارن مان جن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلڙ آهن سي اوهان کي کائڻ جائز آهن.

10 پر جن پاڻيءَ جي ساهوارن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلڙ نہ آهن، سي اوهين نہ کائجو. اهي اوهان جي لاءِ حرام آهن.

11 حلال پکين مان جيڪي اوهان کي وڻي سو کائجو.

12-18 پر جيڪي پکي اوهان کي کائڻا نہ آهن سي پنهنجي سڀني قسمن موجب هي آهن: عقاب، ڳجھہ، هڏخور، شڪرو، سرڻ، ڪانءَ، شترمرغ، باز، چٻرو، چٻ، قاز، پِيَڻِ، ڪانئر، لقلق، ٻگھہ، هُدهُد ۽ چمڙو.

19 سمورا کنڀن وارا جيت اوهان جي لاءِ حرام آهن، اهي نہ کائجو،

20 سواءِ ڪن قسمن جي پردار جيتن جي. سي اوهان لاءِ حلال آهن سو ڀلي اوهين کائجو.

21 جيڪو جانور پاڻيهي مري وڃي سو اوهين نہ کائجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي چونڊيل قوم آهيو. البت اوهين پنهنجي شهر ۾ رهندڙ ڪنهن ڌارئي کي اهو کائڻ لاءِ ڏيئي ٿا سگھو، يا وري ڪنهن پرديسيءَ کي وڪڻي ٿا سگھو. اوهين ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌجو.“


ڏهين حصي بابت قاعدو

22 ”اوهين پنهنجي ٻنيءَ جي سال بسال ٿيندڙ پيداوار منجھان، ڏهون حصو ضرور الڳ ڪجو.

23 جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ چونڊي، اُتي ئي اوهين پنهنجي اناج، مئي ۽ زيتون جي تيل جو ڏهون حصو ۽ پنهنجي ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جا پهريتا ڦر خداوند جي حضور ۾ وڃي کائجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين سدائين خداوند پنهنجي خدا جي تعظيم ڪرڻ سکو.

24 پر جيڪڏهن اها عبادت واري جاءِ اوهان کان گھڻو پري هجي ۽ رستو بہ ايترو ڊگھو هجي، جو خداوند اوهان جو خدا جڏهن اوهان کي برڪت ڏئي، تڏهن اوهين پنهنجو ڏهون حصو اوڏانهن کڻي وڃي نہ سگھو،

25 تہ پوءِ اوهين اهو روڪ پئسن ۾ وڪڻي، اهي پئسا پاڻ سان کڻي انهيءَ عبادت واري جاءِ تي وڃجو.

26 اتي اوهين انهن پئسن مان ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون، مئي، ٻي ڪابہ نشي واري شيءِ يا جيڪا بہ شيءِ اوهان جي دل چاهي سا وٺي، اتي خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ پنهنجي گھراڻي سميت کائجو ۽ خوشي ڪجو.

27 جيڪو بہ لاوي اوهان جي شهرن ۾ هجي، تنهن کي هرگز نہ وسارجو، ڇاڪاڻ تہ هن کي اوهان سان گڏ زمين جو ڪوبہ حصو يا ورثو مليل ڪونهي.

28 هر ٽئين سال جي پڇاڙيءَ ۾ اوهين پنهنجي انهيءَ سال جي سموري پيدائش جو ڏهون حصو ڪڍي، پنهنجي شهر ۾ آڻي گڏ ڪجو،

29 انهيءَ لاءِ تہ لاوي جن کي اوهان سان گڏ زمين جو ڪوبہ حصو يا ورثو مليل ڪونهي، ۽ ڌاريا، يتيم يا رنون‌زالون، جيڪي اوهان جي شهر ۾ هجن سي اچي اهو کائي ڍءُ ڪن. ائين ڪرڻ سان خداوند اوهان جو خدا اوهان جي پورهئي ۾ برڪت وجھندو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan