Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

شريعت جو دور 1 - Muslim Sindhi Bible


اردن درياءَ جي اوڀر ۾ خطبن جي شروعات

1 هن ڪتاب ۾ اهي ڳالهيون بيان ڪيل آهن جيڪي موسيٰ بني اسرائيل کي ان وقت چيون، جڏهن اهي اردن درياءَ جي اوڀر طرف اردن ماٿريءَ ۾ سوف جي سامهون هئا ۽ انهن جي هڪ پاسي فاران شهر هو تہ ٻئي پاسي طوفل، لابن، حصيرات ۽ ديذهب شهر هئا.

2 سينا کان قادش‌برنيع تائين، ادوم جي جابلو علائقي واري رستي سان يارهن ڏينهن جو پنڌ آهي.

3 مصر مان نڪرڻ کان پوءِ چاليهين سال، يارهين مهيني جي پهرين تاريخ تي موسيٰ اهي سڀ ڳالهيون بني اسرائيل کي ٻڌايون جيڪي خداوند انهن بابت موسيٰ کي فرمايون هيون.

4 اهو ان وقت کان پوءِ ٿيو هو جڏهن موسيٰ امورين جي بادشاهہ سيحون کي، جيڪو حشبون تي راڄ ڪندو هو شڪست ڏيئي ماريو هو ۽ ان کان پوءِ بسن جو بادشاهہ عوج، جيڪو عشتارات تي راڄ ڪندو هو تنهن کي پڻ ادرعيءَ ۾ شڪست ڏيئي ماريو هئائين.

5 سو اردن درياءَ جي اوڀر پاسي موآب جي ميدان ۾ موسيٰ خدا جي شريعت ۽ تعليم بيان ڪرڻ شروع ڪئي. موسيٰ چيو تہ

6 ”جڏهن اسين سينا جبل وٽ هئاسين، تڏهن خداوند اسان جي خدا اسان کي چيو هو تہ ’اوهين هن جبل تي گھڻو رهيا آهيو.

7 تنهنڪري هاڻي اوهين تنبو پٽيو ۽ روانا ٿيو. اوهين امورين جي جابلو علائقي ۾ ۽ انهيءَ جي آس‌پاس وارن سڀني علائقن ۾ وڃو، يعني انهيءَ جابلو علائقي ۾، اردن ماٿريءَ ۾، هيٺاهين زمين ۾، ڏاکڻي علائقي ۾ ۽ ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري تائين. اوهين ڪنعانين جي ملڪ ۾ ۽ لبنان جي علائقي ۾ وڏي نديءَ فرات تائين پڻ وڃو.

8 ياد رکو، مون اهو ملڪ اوهان جي اڳيان رکيو آهي. انهيءَ بابت مون خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو تہ اهو ملڪ انهن کي ۽ انهن کان پوءِ سندن اولاد کي ڏيندس. سو اوهين وڃي انهيءَ ملڪ کي پنهنجي قبضي ۾ آڻيو.‘“


موسيٰ جو ججَ مقرر ڪرڻ
( خروج 18‏:13‏-27 )

9 موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”جنهن وقت اسين اڃا سينا جبل وٽ هئاسين، تنهن وقت مون اوهان کي چيو هو تہ ’آءٌ اڪيلو اوهان جو بار کڻي نہ ٿو سگھان.

10 خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ايترو وڌايو آهي جو اڄ اوهين آسمان جي تارن وانگر بي‌شمار آهيو.

11 شل خداوند، اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا اوهان کي انهيءَ کان بہ هزار ڀيرا وڌائي ۽ جيئن هن اوهان سان واعدو ڪيو آهي تيئن اوهان کي برڪت ڏئي.

12 پر آءٌ اڪيلو اوهان جو بار، اوهان جو جنجال ۽ اوهان جا جھيڙا جھڳڙا ڪهڙيءَ طرح کڻي سگھندس؟

13 تنهنڪري اوهين پنهنجن قبيلن منجھان ڪي اهڙا ماڻهو چونڊي ڪڍو جيڪي ڏاها، سمجھو ۽ عملي ڄاڻ رکندڙ هجن، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ انهن کي اوهان جي مٿان اڳواڻ مقرر ڪريان.‘

14 تڏهن اوهان مون کي انهيءَ جي ورندي ڏيئي چيو هو تہ ’جيڪا ڳالهہ توهان ڪئي آهي سا چڱي آهي، اسين انهيءَ تي عمل ڪنداسين.‘

15 پوءِ مون اوهان جي قبيلن جي سردارن مان جيڪي ڏاها ۽ عملي ڄاڻ رکندڙ ماڻهو هئا، تن کي اوهان جي مٿان اڳواڻ مقرر ڪيو. اهي مون اوهان جي قبيلن مطابق ڪي هزارن هزارن جا، ڪي سَون سَون جا، ڪي پنجاهہ پنجاهہ جا ۽ ڪي ڏهن ڏهن جا اڳواڻ ۽ ٻيا عملدار بہ مقرر ڪيا.

16 انهيءَ وقت ئي مون اوهان جي ججن کي تاڪيد ڪندي چيو هو تہ ’اوهين پنهنجيءَ قوم جا مقدما ٻڌجو، پوءِ قوم واري جو معاملو پنهنجيءَ قوم واري سان هجي توڙي ڪنهن ڌارئي سان، پر اوهين انهن جو فيصلو انصاف سان ڪجو.

17 اوهين عدالت جي ڪم ۾ ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ڪجو، ننڍي توڙي وڏي ماڻهوءَ جي هڪجهڙي ٻڌجو. اوهين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کان نہ ڊڄجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي عدالت ۾ خدا جو قانون رائج آهي. جيڪو مقدمو اوهان کي ڏکيو لڳي، سو مون وٽ آڻجو تہ آءٌ اهو ٻڌندس.‘

18 انهيءَ وقت ئي مون اوهان کي انهن سڀني ڳالهين بابت هدايتون ڏنيون هيون جيڪي اوهان کي ڪرڻيون هيون.“


ڪنعان جو حال معلوم ڪرڻ
( ڳاڻاٽو 13‏:1‏-33 )

19 ”پوءِ اسين خداوند پنهنجي خدا جي حڪم موجب سينا جبل کان روانا ٿياسين ۽ انهيءَ وڏي ۽ خوفناڪ بيابان مان لنگھياسين، جيڪو اوهان امورين جي جابلو علائقي ڏانهن ويندي واٽ تي ڏٺو. پوءِ اسين قادش‌برنيع ۾ اچي پهتاسين.

20 اُتي مون اوهان کي چيو تہ ’اسين امورين جي انهيءَ جابلو علائقي ۾ آيا آهيون، جيڪو خداوند اسان جو خدا اسان کي عطا ڪرڻ وارو آهي.

21 ڏسو، خداوند اوهان جي خدا هي سڄو ملڪ اوهان جي اڳيان رکيو آهي. سو وڃو، جيئن خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا اوهان کي فرمايو آهي تيئن اوهين وڃي انهيءَ تي قبضو ڪريو، نڪي ڊڄو ۽ نہ دل لاهيو.‘

22 تڏهن اوهين سڀيئي مون وٽ اچي چوڻ لڳا تہ ’اسين پنهنجي وڃڻ کان اڳ ۾ اوڏانهن ڪي ماڻهو موڪليون جيڪي اسان جي لاءِ انهيءَ ملڪ جو حال معلوم ڪن ۽ موٽي اچي اسان کي ٻڌائين تہ اسين ڪهڙي رستي کان اوڏانهن وڃون ۽ ڪهڙا ڪهڙا شهر اسان کي واٽ ۾ ايندا.‘

23 اها ڳالهہ مون کي ڏاڍي وڻي، تنهنڪري مون اوهان جي هر هڪ قبيلي مان هڪڙو هڪڙو ڪري ٻارهن ماڻهو چونڊيا.

24 پوءِ اهي روانا ٿيا ۽ جابلو علائقو چڙهي وڃي اِشڪال جي برساتي نهر تائين پهتا ۽ انهيءَ ملڪ جو حال معلوم ڪيائون.

25 هنن انهيءَ ملڪ جي ميون مان ڪجھہ کڻي اسان وٽ آندا ۽ موٽي اچي اسان کي خبر ڏنائون تہ جيڪو ملڪ خداوند اسان جو خدا اسان کي ڏيڻ وارو آهي، سو چڱو آهي.“


خداوند سان بغاوت

26 ”انهيءَ هوندي بہ اوهين اوڏانهن وڃڻ تي راضي نہ ٿيا، بلڪ اوهان خداوند پنهنجي خدا جي حڪم جي خلاف بغاوت ڪئي.

27 اوهين پنهنجن تنبن ۾ ويهي ڪرڪڻ لڳا تہ ’خداوند اسان کان نفرت ٿو ڪري، تنهنڪري ئي هو اسان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو، تان‌تہ اسان کي امورين جي هٿان گرفتار ڪرائي ۽ اهي اسان کي ماري ڇڏين.

28 هاڻي اسين اوڏانهن ڪيئن وڃون؟ اسان جن کي ملڪ جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو هو تن تہ اسان جي دل ڀڃي ڇڏي آهي. هو چون ٿا تہ اُتي جا ماڻهو اسان کان وڌيڪ طاقتور آهن، سندن قد ڊگھا آهن، هنن جا شهر وڏا آهن ۽ انهن شهرن جون ڀتيون آسمان سان ڳالهيون ٿيون ڪن. ان کان سواءِ هنن اتي عناق جو اولاد راڪاس بہ ڏٺا آهن.‘

29 تڏهن مون اوهان کي چيو تہ ’اوهين انهن ماڻهن کان نہ ڊڄو.

30 خداوند اوهان جو خدا، جيڪو اوهان جي رهنمائي ٿو ڪري سو پاڻ اوهان جي پاران ائين ئي جنگ ڪندو جيئن هن اوهان جي اکين اڳيان مصر ۾ ڪئي هئي.

31 بيابان ۾ بہ اوهان ائين ئي ڏٺو، جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي ننڍڙي ٻار کي کڻي هلندو آهي تيئن خداوند اوهان جو خدا، هن هنڌ تي پهچڻ تائين اوهان کي سڄي رستي سان سنڀالي کڻي آيو.‘

32 پر انهيءَ ڳالهہ جي باوجود بہ اوهان خداوند پنهنجي خدا تي يقين نہ ڪيو،

33 جيتوڻيڪ هن اوهان جي رهنمائي ٿي ڪئي، تان‌تہ اوهان کي خيمن کوڙڻ لاءِ جاءِ لهي ڏئي. هن رات جو باهہ سان ۽ ڏينهن جو ڪڪر سان اوهان جي رهنمائي ٿي ڪئي تہ جيئن اوهان کي رستو ڏيکاري.“


خداوند جو بني اسرائيل کي سزا ڏيڻ
( ڳاڻاٽو 14‏:20‏-45 )

34 موسيٰ کين چيو تہ ”خداوند اوهان جون ڳالهيون ٻڌي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ قسم کڻي چيائين تہ

35 ’هن خراب پيڙهيءَ جو ڪوبہ ماڻهو انهيءَ چڱي ملڪ کي هرگز ڪين ڏسندو، جنهن جي عطا ڪرڻ لاءِ مون انهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.

36 رڳو يفنہ جو پٽ ڪالب اهو ملڪ ڏسندو. جنهن زمين جو هو حال معلوم ڪري آيو آهي سا آءٌ انهيءَ کي ۽ سندس اولاد کي ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هن مون خداوند جي پوريءَ طرح فرمانبرداري ڪئي آهي.‘

37 اوهان جي ئي ڪري خداوند مون تي بہ ڪاوڙيو ۽ چيائين تہ ’موسيٰ! تون بہ انهيءَ زمين ۾ داخل ڪين ٿيندين.

38 پر نون جو پٽ يشوع جيڪو تنهنجو خادم آهي، سو انهيءَ ۾ داخل ٿيندو. تون انهيءَ کي همتاءِ، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي بني اسرائيل کي انهيءَ ملڪ جو وارث بڻائيندو.‘

39 پوءِ خداوند اسان سڀني کي چيو تہ ’اوهان جا اهي ٻار جيڪي اڃا ننڍڙا آهن، جن کي اڄ تائين چڱي ۽ مَٺي جي خبر ڪانهي ۽ جن بابت اوهين چئو ٿا تہ اهي گرفتار ٿي ويندا، سي انهيءَ ملڪ ۾ داخل ٿيندا. آءٌ هنن کي اهو ملڪ ڏيندس ۽ هو انهيءَ جا وارث ٿيندا.

40 پر اوهين موٽو ۽ ڳاڙهي سمنڊ جو رستو وٺي بيابان ڏانهن روانا ٿيو.‘

41 تڏهن اوهان مون کي ورندي ڏيئي چيو تہ ’اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. هاڻي جيڪي خداوند اسان جي خدا اسان کي حڪم ڏنو آهي تنهن موجب اڳتي وينداسين ۽ جنگ ڪنداسين.‘ پوءِ اوهان مان هر ڪو ماڻهو جنگ جا هٿيار ٻڌي جابلو علائقي تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو.

42 پر خداوند مون کي چيو تہ ’هنن کي منع ڪر تہ اهي جنگ لاءِ چڙهائي نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هنن سان گڏ نہ هوندس، تنهنڪري متان هي پنهنجن دشمنن هٿان شڪست کائين.‘

43 مون اوهان کي ائين ئي چيو، پر اوهان منهنجي ڪانہ ٻڌي. اٽلندو اوهان خداوند جي حڪم جي خلاف بغاوت ڪئي ۽ گستاخي ڪري جابلو علائقي تي چڙهائي ڪئي.

44 تڏهن اموري جيڪي انهيءَ جابلو علائقي ۾ رهندا هئا، سي اوهان سان وڙهڻ لاءِ نڪري آيا ۽ ائين اوهان جي پٺيان پيا جيئن ماکيءَ جون مکيون پونديون آهن. هنن ماريندي ماريندي اوهان کي سعير جي جابلو علائقي ۾ حرماہ تائين ڀڄائي ڪڍيو.

45 پوءِ اوهين موٽي آيا ۽ خداوند جي حضور ۾ روئڻ لڳا. پر خداوند اوهان جي دانهن نہ ٻڌي، نڪي اوهان ڏانهن ڌيان ڏنائين.

46 سو اوهين ڪيترن ئي ڏينهن تائين قادش ۾ رهيا، ايتري قدر جو ڪافي عرصو گذري ويو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan