Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

دانيال 9 - Muslim Sindhi Bible


دانيال جو پنهنجي قوم لاءِ دعا گھرڻ

1 دارا بن اخسويرس، جيڪو مادئين جي نسل مان هو، سو بابلين جي ملڪ تي بادشاهہ مقرر ٿيو.

2 سندس بادشاهيءَ جي پهرئين سال، مون دانيال پاڪ لکتن جو مطالعو ڪندي يرمياہ نبيءَ جي ذريعي مليل خداوند جي ڪلام مان ڄاڻي ورتو تہ ”يروشلم جي ويراني ستر سالن تائين رهندي.“

3 سو مون پنهنجو منهن خداوند خدا ڏانهن ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ سندس راضپي لاءِ روزو رکي، کٿو ڍڪي ۽ خاڪ تي ويهي کانئس دعا گھران ۽ کيس منٿ ڪريان.

4 سو مون پنهنجي قوم جا ڏوهہ قبول ڪندي خداوند پنهنجي خدا کي عرض ڪيو تہ ”اي رب، عظيم ۽ هيبتناڪ خدا! تون پنهنجي فرمانبردارن ۽ محبت رکڻ وارن سان پنهنجي عهد ۽ لافاني شفقت کي قائم رکين ٿو.

5 اي پروردگار! بيشڪ اسان گناهہ ڪيو آهي، ڏنگي هلت هليا آهيون ۽ برائيءَ جا ڪم ڪيا اٿئون. اسان بغاوت ڪئي آهي ۽ تنهنجي قاعدن قانونن کان منهن موڙيو اٿئون.

6 اسان تنهنجي بندن يعني انهن نبين جي ڳالهہ نہ مڃي آهي، جن اسان جي بادشاهن، اسان جي سردارن، اسان جي ابن ڏاڏن توڙي ملڪ جي سڀني ماڻهن کي تنهنجو فرمان ٻڌايو.

7 اي پروردگار! تون ئي واعدي جو سچار آهين، پر اسين تو سان ٻڌل عهد سان بي‌وفائي ڪري خوار خراب ٿيا آهيون، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي. هائو، اسين يروشلم سميت سڄي يهوداہ جا رهاڪو، بلڪ سڄي بني اسرائيل وارا خوار خراب آهيون، جن کي تو ويجھن توڙي پري وارن ملڪن ۾ هڪالي ڇڏيو آهي.

8 اي خداوند! اسين، اسان جا بادشاهہ، اسان جا سردار ۽ اسان جا ابا ڏاڏا شرمسار آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.

9 جڏهن بہ اسين تو کان باغي ٿيا آهيون، تڏهن اي پروردگار، اسان جا خدا! تون اسان تي رحم ڪندڙ ۽ اسان کي معافي ڏيندڙ ثابت ٿيو آهين.

10 اسان تو خداوند پنهنجي خدا جو حڪم نہ مڃيو آهي، جو اسان تنهنجي انهيءَ شريعت تي عمل نہ ڪيو آهي، جيڪا تو پنهنجي بندن، يعني نبين جي معرفت اسان کي ڏني.

11 هائو، اسان سڄي بني اسرائيل وارن تنهنجي شريعت جي حد ڀڳي آهي ۽ تنهنجي فرمانبرداريءَ جو انڪار ڪندي ڦري ٻئي پاسي ٿيا آهيون. تنهنڪري تنهنجي اها قسم واري لعنت اسان تي اچي پيئي آهي، جيڪا تنهنجي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.

12 تو اسان جي خلاف ۽ اسان جي حاڪمن جي خلاف جيڪي بہ فرمايو هو، سو اسان تي هڪڙي وڏي آفت آڻڻ سان صحيح ثابت ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ڪم يروشلم ۾ ڪيو ويو آهي، سو سڄي جهان ۾ ٻيو ڪٿي بہ ڪين ٿيو آهي.

13 جيئن موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي، تيئن ئي هيءَ سڄي آفت اسان تي نازل ٿي آهي. انهيءَ هوندي بہ اسان تو خداوند پنهنجي خدا جي رضامندي نہ چاهي، جو اسين پنهنجي بدڪارين کان باز اچون ها ۽ تنهنجي ابدي سچائيءَ ڏانهن ڌيان ڌريون ها.

14 تو خداوند پنهنجي چوڪسيءَ جي نظر رکندي اسان تي اها آفت نازل ڪئي آهي، ڇاڪاڻ تہ تون خداوند اسان جو خدا پنهنجي سڀني ڪمن ۾ جيڪي تون ڪرين ٿو سچار آهين. پر اسان ئي تنهنجي فرمانبرداري نہ ڪئي آهي.

15 هاڻي اي پروردگار، اسان جا خدا! تو اسان پنهنجي قوم کي زورآور هٿ سان مصر ملڪ مان ڪڍي آندو ۽ پنهنجو نالو قائم ڪيو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي. پر اسان گناهہ ڪيو آهي ۽ ڏنگي هلت هليا آهيون.

16 اي رب! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي سچائيءَ سان ڪيل ڪمن موجب، پنهنجي ڪاوڙ، پنهنجو قهر يروشلم جي شهر تان يعني پنهنجي پاڪ جبل صيئون تان ٽاري ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ اسان جي گناهن ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي ڪري يروشلم ۽ تنهنجي قوم پنهنجي سڀني آس‌پاس وارن جي طعنن جو سبب بڻي آهي.

17 تنهنڪري هاڻي اي اسان جا خدا! پنهنجي ٻانهي جي دعا ۽ منٿ ٻڌ. اي پروردگار! تون پنهنجي ئي واسطي، پنهنجي انهيءَ اجڙي ويل مقدس هيڪل تي مِهر جي نظر ڪر.

18 اي منهنجا خدا! پنهنجو ڪن ڏيئي ٻڌ، پنهنجيون اکيون کولي اسان، يعني پنهنجي انهيءَ شهر جي رهاڪن جي بربادي ڏس، جيڪو تنهنجي نالي پٺيان ٿو سڏجي. اسين پنهنجا عرض تنهنجي وڏي رحمت جي ڪري تنهنجي حضور ۾ پيش ٿا ڪريون، انهيءَ لاءِ نہ تہ اسين ان جي لائق آهيون.

19 اي پروردگار! ٻڌ، اي رب! معافي ڏي، اي ڌڻي! اسان جي ٻڌ ۽ ڪجھہ ڪر. اي منهنجا خدا! پنهنجي نالي جي خاطر دير نہ ڪر، ڇاڪاڻ تہ تنهنجو شهر ۽ تنهنجي قوم تنهنجي ئي نالي پٺيان ٿا سڏجن.“


جبرائيل جو يرمياہ نبيءَ جي اڳڪٿيءَ بابت کولي سمجھائڻ

20 مون دانيال اهو سڀ ڳالهايو پئي ۽ دعا گھري پنهنجا ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل جا گناهہ قبول پئي ڪيا ۽ پنهنجي خدا جي پاڪ شهر يروشلم جي بحاليءَ واسطي، خداوند پنهنجي خدا جي حضور عرض پئي ڪيم.

21 هائو، اڃا مون دعا ئي پئي گھري تہ اهو ئي شخص جبرائيل، جنهن کي مون اڳ رويا ۾ ڏٺو هو، سو اٽڪل شام جي قربانيءَ واري وقت تيزيءَ سان اڏامندو مون وٽ آيو.

22 هن مون کي چيو تہ ”اي دانيال! آءٌ هن وقت انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ تو کي ستر سالن واري اڳڪٿيءَ جو مطلب سمجھايان.

23 تنهنجي دعا گھرڻ جي شروع ۾ ئي اهو حڪم جاري ٿيو، جيڪو آءٌ تو کي ٻڌائڻ آيو آهيان، ڇاڪاڻ تہ تون خدا کي ڏاڍو پيارو آهين. تنهنڪري هاڻي تون غور سان ٻڌ ۽ انهيءَ اڳڪٿيءَ کي سمجھہ.

24 تنهنجي قوم بني اسرائيل ۽ تنهنجي پاڪ شهر يروشلم لاءِ ستر دفعا ستن ستن سالن جو مدو مقرر ٿيو آهي. جيئن انهيءَ عرصي ۾ منجھائن خطاڪاري ۽ گناهہ ختم ٿي وڃن، هائو، کانئن بدڪاري دور ٿي وڃي. دائمي سچائي قائم ٿئي، تان‌تہ رويا ۽ اڳڪٿي سچا ثابت ٿين ۽ هيڪل کي مسح ڪري مخصوص ڪيو وڃي.

25 تنهنڪري ڄاڻي وٺ ۽ سمجھي ڇڏ تہ يروشلم کي وري اڏڻ ۽ آباد ڪرڻ واري حڪم جاري ٿيڻ کان وٺي، مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي اچڻ تائين ست دفعا ست ست سال ٿيندا. پوءِ ٻاهٺ دفعا ستن ستن سالن تائين شهر اندر گھٽيون ۽ قلعي جي چوڌاري حفاظتي کاهيون ٺاهيون وينديون، جيتوڻيڪ اهي مصيبت جا ڏينهن هوندا.

26 انهيءَ مدي جي آخر ۾ هڪڙو ڌاريو حڪمران ڪاهہ ڪري ايندو، جنهن جو لشڪر شهر ۽ انهيءَ مقدس هيڪل کي طوفان وانگر ناس ڪري ڇڏيندو. پوءِ انهن ٻاهٺ دفعا ستن ستن سالن جي پڇاڙيءَ تائين جنگ هلندي رهندي، جنهن ۾ اهو چونڊيل بادشاهہ قتل ڪيو ويندو ۽ سندس پٺيان ڪو بادشاهي ڪرڻ وارو نہ رهندو. خدا جي طرفان اها بربادي مقرر ڪيل آهي.

27 اهو ڌاريو حڪمران آخري هڪڙن ستن سالن جي لاءِ گھڻن ئي ماڻهن سان مضبوط عهد اقرار ڪندو. انهيءَ مدي جي اڌ وقت گذرڻ تي هو هيڪل ۾ قرباني ۽ نذرانو بند ڪرائي ڇڏيندو ۽ هيڪل اندر بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ رکي ويندي، ايستائين جو انهيءَ شيءِ جي رکندڙ تي مقرر ڪيل غضب اچي نازل ٿيندو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan