دانيال 8 - Muslim Sindhi Bibleگھٽي ۽ ٻڪر واري رويا 1 بادشاهہ بيلشضر جي شهنشاهيءَ جي ٽئين سال مون دانيال هڪڙي ٻي رويا ڏٺي. 2 هن رويا ۾ مون پاڻ کي بابل جي عيلام صوبي جي گاديءَ ۽ ڪوٽ واري شهر سوسن جي ڀرسان اُولائي واهہ وٽ بيٺل ڏٺو. 3 اکيون کڻي ڏٺم تہ واهہ وٽ هڪڙو گھٽو بيٺو هو، جنهن کي ٻہ سڱ هئا. هونئن تہ سندس ٻئي سڱ ڊگھا هئا، پر پوءِ نڪتل سڱ ٻئي کان وڌيڪ ڊگھو ٿي ويو. 4 مون ڏٺو تہ گھٽو اولهہ، اتر ۽ ڏکڻ طرف ٽڪر هڻي رهيو هو. سندس آڏو ڪوبہ جانور بيهي نہ ٿي سگھيو، نڪي وري ڪو کانئس ڇڏائي ٿي سگھيو. هن کي جيئن ٿي وڻيو تيئن ٿي ڪيائين، ايتري قدر جو هو پنهنجي طاقت جو وڌيڪ اظهار ڪندو رهيو. 5 اڃا مون انهيءَ تي ويچار ئي پئي ڪيو تہ ڇا ڏسان تہ هڪڙو ٻڪر جنهن جي اکين جي وچ تي هڪڙو ڊگھو سڱ هو، سو اولهہ طرف کان سڄي ڌرتيءَ جي سطح تان ايترو تہ تيزيءَ سان ڌوڪيندو ٿي آيو، جو سندس پيرن زمين کي بہ نہ ٿي ڇهيو. 6 هو پنهنجي طاقت جي جوش مان واهہ جي ڪناري تي بيٺل انهيءَ ٻن سڱن واري گھٽي تي حملي ڪرڻ لاءِ ڌوڪيندو آيو. 7 گھٽي جي ويجھو اچي هن تمام گھڻي ڪاوڙ مان کيس اهڙو تہ ٽڪر هنيو جو ان جا ٻئي سڱ ڀڄي پيا. گھٽي ۾ ايتري طاقت نہ هئي جو هو سندس مقابلو ڪري سگھي، سو ٻڪر کيس زمين تي ڪيرائي وڌو ۽ مٿان چڙهي لتاڙڻ لڳس. اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جيڪو گھٽي کي هن کان ڇڏائي. 8 پوءِ اهو ٻڪر پنهنجي طاقت جو وڌيڪ اظهار ڪندو رهيو، پر جڏهن هو تمام زورآور ٿي ويو، تڏهن سندس وڏو سڱ ڀڄي پيو ۽ انهيءَ جي جاءِ تي چار ڊگھا سڱ چئني طرفن ڏانهن نڪري آيا. 9 انهن مان هڪڙي منجھان هڪ ننڍڙو سڱ نڪتو، جيڪو وڌي تمام وڏو ٿيو ۽ ان جو رخ ڏکڻ ۽ اوڀر طرف ۽ بني اسرائيل جي شانائتي ملڪ ڏانهن پڻ هو. 10 اهو اڃا بہ وڌندو ويو ۽ وڃي آسمان جي لشڪر تائين پهتو. هن انهن مان ڪن تارن کي هيٺ زمين تي ڪيرائي وڌو ۽ کين لتاڙي ڇڏيائين. 11 اهو اهڙو تہ وڏو ٿي ويو جو آسمان جي لشڪر جي حاڪم جي مقابل ٿي بيٺو. سندس روزانو وارين قربانين کي بند ڪري ڇڏيائين ۽ سندس مقدس هيڪل کي پليت ڪري ڇڏيائين. 12 ان سڱ اهو آسماني لشڪر پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ۽ روزانو وارين قربانين جي جاءِ تي پليتي رکيائين. شريعت واري راهہ کي هن ڊاهي ڦٽو ڪيو. کيس جيئن ٿي وڻيو تيئن ٿي ڪيائين ۽ ڪامياب پئي رهيو. 13 پوءِ مون هڪڙي ملائڪ کي ٻئي کان پڇندي ٻڌو تہ ”ڪيستائين روزانو وارين قربانين جي جاءِ تي بربادي آڻيندڙ پليتي رکي ويندي؟ ۽ ڪيستائين مقدس هيڪل ۽ آسماني لشڪر کي لتاڙيو ويندو، جن جو بيان هن رويا ۾ اچي ٿو؟“ 14 هن کيس وراڻيو تہ ”روزانو صبح ۽ شام ٻنهي وقتن تي ٻہ هزار ٽي سؤ قربانين ڏيڻ جي عرصي تائين، جيڪي نہ ڏنيون وينديون. انهيءَ کان پوءِ اها مقدس هيڪل پاڪ ٿيندي.“ جبرائيل جو رويا بابت سمجھائڻ 15 انهيءَ رويا جي آخر ۾ جڏهن آءٌ دانيال انهيءَ جي مطلب سمجھڻ جي فڪر ۾ هئس تہ اوچتو انساني صورت ۾ ڪو منهنجي سامهون اچي بيٺو. 16 پوءِ مون اُولائي واهہ طرفان هڪڙو انساني آواز ٻڌو، جنهن وڏي سڏ چيو تہ ”اي جبرائيل! هن شخص کي انهيءَ رويا جو مطلب سمجھاءِ.“ 17 تنهن تي هو وڌي انهيءَ هنڌ آيو جتي آءٌ بيٺو هئس. سندس ويجھو اچڻ تي آءٌ ڊڄي ويس ۽ منهن ڀر ڪري پيس. تڏهن هن مون کي چيو تہ ”اي آدمزاد! سمجھي ڇڏ تہ اهو رويا آخري زماني بابت آهي.“ 18 جڏهن هو اهو ڳالهائي رهيو هو، تڏهن آءٌ گَهري ننڊ جي حالت ۾ منهن ڀر زمين تي ڪريو پيو هئس. سو هن مون کي وٺي سڌو ڪري بيهاريو. 19 پوءِ مون کي چوڻ لڳو تہ ”ٻڌ، آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ خدا جي غضب واري انهيءَ زماني جي آخر ۾ ڇا ڇا ٿيندو، جنهن جي پڄاڻيءَ جو وقت مقرر ٿيل آهي. 20 رويا ۾ ڏٺل گھيٽي جي ٻن سڱن مان مراد مادئي ۽ فارس ملڪن جا ٻہ بادشاهہ آهن. 21 جڏهن تہ ٻڪر مان مراد يونان جي شهنشاهت آهي ۽ وڏو سڱ جيڪو هن جي ٻنهي اکين جي وچ ۾ آهي، سو شهنشاهت جو پهريون بادشاهہ آهي. 22 انهيءَ سڱ جي ڀڄي پوڻ بعد ان جي جاءِ تي جيڪي ٻيا چار سڱ نڪري بيٺا هئا، سي اهي چار بادشاهتون آهن جيڪي انهيءَ شهنشاهت جي ٽٽڻ بعد اتي قائم ٿينديون. پر اهي پهرين شهنشاهت جهڙيون مضبوط نہ هونديون. 23 انهن بادشاهتن جي آخري وقت ۾ جڏهن گنهگار ماڻهو پنهنجي بڇڙائيءَ ۾ انتها ڪري چڪا هوندا، تڏهن هڪڙو بادشاهہ اُٿي کڙو ٿيندو، جيڪو بدمزاج هوندو ۽ سازشن سٽڻ ۾ ماهر هوندو. 24 هو وڏيءَ طاقت وارو ٿيندو، مگر پنهنجي شخصي لياقت سان نہ. هو عجيب طرح سان بربادي ڪندو ۽ جيڪي ڪجھہ ڪندو تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو. هو زور وارن، بلڪ خدا جي چونڊيل بندن کي بہ ناس ڪندو. 25 جيئن تہ هو بيحد چالاڪ هوندو، سو پنهنجي ٺڳيءَ وارين اٽڪلن ۾ ڪامياب ٿيندو. هو پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي وڏو سمجھندو ۽ گھڻن ئي ماڻهن کي سندن بيخبريءَ ۾ ناس ڪري ڇڏيندو. ايتري قدر جو هو حاڪمِ اعليٰ خدا جي خلاف پڻ اُٿي کڙو ٿيندو. پر انهيءَ کي انساني هٿ لائڻ کان سواءِ ئي تباهہ ڪيو ويندو. 26 صبح ۽ شام وارين قربانين جي باري ۾ جيڪي ڪجھہ رويا ۾ ٻڌايو ويو آهي، سو سچ آهي. پر تون انهيءَ رويا کي فيالحال راز ۾ رک، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جي پوري ٿيڻ ۾ اڃا گھڻو وقت پيو آهي.“ 27 تڏهن آءٌ دانيال ساڻو ٿي پيس ۽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين بيمار پيو هئس. پوءِ ٺيڪ ٿيڻ تي اُٿي بادشاهہ جي ڪمن ڪارين کي لڳي ويس. انهيءَ رويا سبب آءٌ پريشان هئس، ڇوجو اها سمجھہ کان ئي ٻاهر هئي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society