Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

دانيال 7 - Muslim Sindhi Bible


دانيال نبيءَ جون رويائون ( 7‏:1‏–12‏:13 ) چئن جانورن واري رويا

1 بابل جي بادشاهہ بيلشضر جي شهنشاهيءَ جي پهرئين سال آءٌ دانيال هڪ رات پنهنجي بستري تي ستو پيو هئس تہ مون هڪ رويا ڏٺي. پوءِ مون اها رويا لکي ڇڏي، جنهن جو خلاصو هن طرح آهي.

2 رويا ۾ آءٌ ڇا ڏسان تہ چئني طرفن کان آسماني هوائون وڏي سمنڊ تي اچي ڪڙڪيون.

3 تڏهن چار وڏا جانور، جيڪي هڪٻئي کان مختلف هئا، سي سمنڊ مان نڪري آيا.

4 پهريون جانور شينهن جهڙو هو، مگر کيس عقاب جهڙا پر هئا، جيڪي منهنجي ڏسندي ڏسندي پٽي ڪڍيا ويا. پوءِ کيس زمين کان مٿي کڻي انسان وانگر ٻن پيرن تي بيهاريو ويو ۽ کيس انساني سوچ ڏني ويئي.

5 ٻيو جانور ڏٺم تہ رڇ جهڙو هو، جيڪو پوين پيرن ڀر جھڪي ڪر کنيو بيٺو هو. سندس وات ۾ ٽي پاسريون هيون. کيس چيو ويو تہ ”اُٿ ۽ خوب گوشت کاءُ.“

6 تنهن کان پوءِ مون ٽيون جانور ڏٺو، جيڪو چيتي جهڙو هو. پر انهيءَ جي پٺيءَ تي پکيءَ جي پرن جهڙا چار پر هئا ۽ کيس چار مٿا پڻ هئا. انهيءَ کي حڪمراني ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو.

7 انهيءَ کان پوءِ پنهنجي انهيءَ رويا ۾ مون چوٿون جانور ڏٺو، جيڪو خوفناڪ، بلڪ تمام هيبتناڪ هو. هو نهايت مضبوط هو ۽ کيس لوهہ جا وڏا وڏا ڏند هئا. هو شڪار کي چيري ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڳڙڪائي ٿي ويو ۽ باقي جيڪي بچيو ٿي تنهن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي ٿي ڇڏيائين. اهو اڳين جانورن کان انهيءَ ڳالهہ ۾ مختلف هو جو انهيءَ کي ڏهہ سڱ هئا.

8 جڏهن آءٌ انهن سڱن کي غور سان نهاري رهيو هئس تہ ڇا ڏسان تہ انهن جي وچان هڪڙو ٻيو ننڍو سڱ نڪتو، جنهن پهرين ڏهن سڱن مان ٽي سڱ پاڙان پٽي ڪڍيا. وري جو ڏسان تہ انهيءَ ننڍي سڱ ۾ ماڻهن جي اکين جهڙيون اکيون ۽ هڪڙو وات بہ هو، جنهن مان تڪبر واريون ڳالهيون ٿي نڪتيون.

9 منهنجي ڏسندي ڏسندي هيئن ٿيو جو هڪدم تخت وڇايا ويا، ۽ هڪ ازلي هستي اچي پنهنجي تخت تي ويٺي. ان جي پوشاڪ نوراني هئي، ۽ سندس مٿي جا وار اڇا کير جهڙا هئا. ان جو تخت باهہ جي شعلي جيان هو، جنهن جا ڦيٿا ٻرندڙ باهہ جيان هئا.

10 سندس حضور مان تجلو باهہ واري نهر جي صورت ۾ وهي ٿي نڪتو. هزارين هزار، بلڪ لکين لک ماڻهو، خدمت چاڪريءَ لاءِ سندس حضور ۾ بيٺا هئا. تڏهن عدالت شروع ٿي ويئي ۽ ڪتاب کوليا ويا.

11 تڏهن آءٌ ڏسي ئي رهيو هئس تہ انهيءَ سڱ جي تڪبر وارين ڳالهين جي ڪري انهيءَ چوٿين جانور کي قتل ڪيو ويو. سندس مڙهہ کي ڀڙڪندڙ باهہ ۾ اڇلائي ناس ڪيو ويو.

12 باقي جيڪي ٻيا جانور هئا تن کان بہ اختياري کسي ويئي، تنهن هوندي بہ انهن جي حياتيءَ جو هڪڙو عرصو مقرر ڪيو ويو.

13 مون پنهنجي هن رويا ۾ وڌيڪ ڏٺو تہ آدمزاد جهڙو هڪ شخص آسمان جي ڪڪرن سان گڏ آيو. اهو ازلي هستيءَ وٽ اچي پهتو تہ کيس انهيءَ جي حضور ۾ آندو ويو.

14 پوءِ اختياريءَ ۽ عظمت سان گڏ بادشاهي سندس حوالي ڪئي ويئي، تان‌تہ سڀيئي قومون ۽ قبيلا توڙي مختلف ٻوليون ڳالهائڻ وارا، انهيءَ جي تعظيم ۽ احترام ڪن. انهيءَ جي بادشاهي دائمي آهي ۽ فنا ٿيڻ واري ناهي، هائو، ان جي حاڪميت کي ڪڏهن بہ ڪو زوال نہ ايندو.


رويا جي سمجھاڻي

15 رويا ۾ اهي ڳالهيون ڏسندي آءٌ دانيال پريشان ٿي ويس ۽ مون کي بي‌قراري وٺي ويئي.

16 تڏهن آءٌ انهيءَ هستيءَ جي خدمت ۾ بيٺلن مان هڪڙي ڏانهن وڌي ويس ۽ انهن سڀني ڳالهين جي حقيقت پڇي مانس. سو هن مون کي انهن جو مطلب سمجھايو.

17 هن ٻڌايو تہ ”هي چار وڏا جانور چار شهنشاهتون آهن، جيڪي هڪٻئي پٺيان زمين تي برپا ٿينديون.

18 پر پوءِ خدا تعاليٰ جي چونڊيل بندن کي ئي اها بادشاهي ملندي ۽ اهي سدائين بلڪ هميشہ هميشہ تائين انهيءَ جا مالڪ رهندا.“

19 تڏهن مون انهيءَ چوٿين جانور جي حقيقت معلوم ڪرڻ جي خواهش ڪئي، جيڪو ٻين سڀني کان مختلف ۽ نهايت هيبتناڪ هو. انهيءَ جا ڏند لوهہ جا ۽ ننهن پتل جا هئا. اهو شڪار کي چيري ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڳڙڪائي ٿي ويو ۽ جيڪي باقي بچيس ٿي، تنهن کي پيرن هيٺان لتاڙي ٿي ڇڏيائين.

20 مون انهن ڏهن سڱن جي بہ حقيقت معلوم ڪرڻ چاهي، جيڪي سندس مٿي تي هئا ۽ انهيءَ ٻئي سڱ بابت بہ، جيڪو پوءِ نڪري آيو هو ۽ جنهن ٽي سڱ پٽي ڪڍيا هئا، يعني اهو سڱ جنهن ۾ اکيون ۽ وات هو ۽ جنهن تڪبر واريون ڳالهيون ٿي ڪيون. اهو ٻين سڱن کان وڌيڪ رُعبدار ڏسڻ ۾ ٿي آيو.

21 مون ڏٺو هو تہ انهيءَ سڱ چونڊيل بندن سان جنگ ٿي ڪئي ۽ انهن تي غالب ٿي آيو.

22 اهو سڀ تيستائين ٿيندو رهيو جيستائين اها ازلي هستي آئي ۽ پنهنجي چونڊيل بندن جي حق ۾ اچي فيصلو ڏنائين. سو اهو وقت اچي پهتو جڏهن انهن چونڊيل بندن کي بادشاهيءَ جو مالڪ بڻايو ويو.

23 تڏهن مون دانيال کي وڌيڪ سمجھايو ويو تہ ”اهو چوٿون جانور دنيا ۾ چوٿين شهنشاهت ٿيندي، جيڪا ٻين شهنشاهتن کان مختلف هوندي. اها سڄيءَ دنيا کي لتاڙي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندي ۽ انهيءَ کي ڳهي ويندي.

24 باقي اهي ڏهہ سڱ، سي ڏهہ بادشاهہ آهن، جيڪي انهيءَ شهنشاهت ۾ هڪٻئي پٺيان اُٿي کڙا ٿيندا. تڏهن هڪڙو ٻيو بادشاهہ اٿندو، جيڪو انهن اڳين کان مختلف هوندو ۽ انهن مان ٽن بادشاهن کي شڪست ڏيندو.

25 اهو خدا تعاليٰ جي خلاف ڳالهيون ڪندو ۽ خدا تعاليٰ جي چونڊيل بندن کي ايذائيندو. هو عيد جي ڏينهن ۽ شريعت کي ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪندو. ائين خدا جي قوم ساڍن ٽن سالن تائين انهيءَ جي هٿ ۾ ڏني ويندي.

26 پوءِ عدالت ٿيندي ۽ کانئس حڪومت کسي ويندي، ايستائين جو کيس پوريءَ طرح نيست وَ نابود ڪيو ويندو.

27 تڏهن ڌرتيءَ جي سڀني بادشاهتن جي حڪومت، سلطنت ۽ شان وَ شوڪت خدا تعاليٰ جي انهن چونڊيل بندن کي ڏني ويندي. سندن شهنشاهت دائمي شهنشاهت هوندي ۽ ٻيون سموريون حڪومتون انهن جي خدمت چاڪري ۽ فرمانبرداري ڪنديون.“

28 اهي ئي ڳالهيون هيون جيڪي مون رويا ۾ ڏٺيون ۽ ٻڌيون، جڏهن تہ انهن کي مون پنهنجيءَ دل ۾ ئي سانڍي رکيو. باقي مون دانيال کي منهنجي خيالن ڏاڍو بي‌قرار ڪري ڇڏيو ۽ خوف وچان منهنجي منهن جو رنگ ڦٽي ويو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan