Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

دانيال 6 - Muslim Sindhi Bible


دانيال جي خلاف سازش

1 بادشاهہ دارا فيصلو ڪيو تہ هو پنهنجي سلطنت تي هڪ سؤ ويهہ والي مقرر ڪري، جيڪي سڀني علائقن تي حڪومت ڪن.

2 ان کان علاوہ بادشاهہ پاڻ کي نقصان کان بچائڻ لاءِ دانيال ۽ ٻن ٻين ماڻهن کي انهن والين مٿان وزير مقرر ڪيو، تہ جيئن اهي سندن ڪمن تي نگراني ڪن.

3 جيئن تہ دانيال ۾ غير معمولي روحاني نعمت هئي، سو هو انهن وزيرن ۽ والين کان گوءِ کڻي ويو. تنهنڪري بادشاهہ ارادو ڪيو تہ هو دانيال کي سڄي سلطنت جي مٿان مقرر ڪري.

4 تڏهن وزير ۽ والي موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳا، تہ جيئن حڪمرانيءَ جي نسبت ۾ دانيال جو ڪو قصور هٿ ڪن. پر هو اهڙو ڪوبہ قصور هٿ ڪري نہ سگھيا، ڇاڪاڻ تہ دانيال ديانتدار هو ۽ منجھس ڪابہ گھٽتائي يا غفلت ڪين هئي.

5 تڏهن انهن ماڻهن پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ”اسين هن ماڻهوءَ دانيال جو ڪوبہ قصور لهي نہ سگھنداسين، البت سندس مذهب جي نسبت ۾ کيس قصوروار قرار ڏيئي سگھنداسين.“

6 سو اهي وزير ۽ والي هڪ سازش سِٽي بادشاهہ دارا جي حضور ۾ اچي گڏ ٿيا ۽ کيس چيائون تہ ”اي بادشاهہ! سدا سلامت رهو.

7 ملڪ جي سڀني وزيرن، نائبن ۽ والين، مشيرن ۽ سردارن پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪئي آهي تہ هڪڙو شاهي حڪم جاري ڪري قانون بڻايو وڃي تہ ٽيهن ڏينهن تائين جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو بادشاهہ کان سواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي يا ڪنهن معبود کي ڪو سوال ڪندو تہ انهيءَ کي شينهَن جي ڏر ۾ وڌو ويندو.

8 هاڻي اي بادشاهہ! اهڙو حڪم لکت ۾ جاري ڪريو ۽ انهيءَ لکيل حڪم تي صحيح ڪريو، تہ جيئن انهيءَ کي تبديل ڪري نہ سگھجي ۽ اهو اسان مادئين ۽ فارسين جي تبديل نہ ٿيندڙ قاعدي مطابق بلڪل قائم وَ دائم ٿي وڃي.“

9 سو بادشاهہ دارا انهيءَ لکيل حڪم ۽ قانون تي صحيح ڪئي.


دانيال شينهَن جي ڏر ۾

10 جڏهن دانيال کي خبر پيئي تہ انهيءَ لکيل حڪم تي صحيح ٿي ويئي آهي، تڏهن هو پنهنجي گھر هليو آيو. سندس ماڙيءَ جي ڪمري کي يروشلم جي طرف کان کُليل جارا هئا، جتي هن هميشہ جيان ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا گوڏن ڀر ويهي پنهنجي خدا جو شڪر بجا آندو ۽ کانئس دعا گھري.

11 تڏهن پنهنجي سازش مطابق انهن ماڻهن اچي دانيال کي سندس خدا آڏو سوال ڪندي ڏٺو.

12 پوءِ هو بادشاهہ جي حضور ۾ آيا ۽ سندس لکيل حڪم بابت کيس چوڻ لڳا تہ ”اي بادشاهہ! ڇا اوهان اهڙي حڪم تي صحيح نہ ڪئي آهي تہ ٽيهن ڏينهن تائين جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو اوهان بادشاهہ کان سواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي يا ڪنهن معبود کي سوال ڪندو تہ انهيءَ کي شينهَن جي ڏر ۾ وڌو ويندو؟“ بادشاهہ جواب ڏيندي چيو تہ ”اها ڳالهہ سچي آهي. هي مادئين ۽ فارسين جي قاعدي مطابق آهي، جيڪو بلڪل قائم وَ دائم آهي.“

13 تڏهن هنن بادشاهہ کي ٻڌايو تہ ”اي بادشاهہ! اهو دانيال جيڪو يهوداہ ملڪ کان پڪڙي آندلن مان آهي، سو نہ اوهان جي پرواهہ ٿو رکي نہ وري اوهان جي صحيح ڪيل حڪم جي، بلڪ هو ڏينهن ۾ ٽي دفعا پنهنجي معبود کان دعا گھري ٿو.“

14 جڏهن بادشاهہ اهي ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن کيس ڏاڍو رنج پهتو. هن دل ۾ ارادو ڪيو تہ دانيال کي بچائي، سو سج لٿي تائين هو کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.

15 تنهن تي اهي ماڻهو بادشاهہ جي اڳيان وري اچي مڙيا ۽ کيس چوڻ لڳا تہ ”اي بادشاهہ! اوهين ڄاڻو ٿا تہ مادئين ۽ فارسين جو اهو قاعدو آهي تہ جيڪو لکيل حڪم يا قانون بادشاهہ جاري ڪيو هجي، سو هرگز تبديل نہ ٿو ٿئي.“

16 تڏهن بادشاهہ جي حڪم تي دانيال کي وٺي آڻي شينهَن جي ڏر ۾ وڌو ويو. تنهن هوندي بہ بادشاهہ دانيال کي مخاطب ٿي چيو تہ ”شال تنهنجو خدا، جنهن جي ئي تون هميشہ عبادت ٿو ڪرين، سو تو کي بچائي.“

17 پوءِ هڪڙو پٿر آڻي ڏر جي منهن تي رکيو ويو، جنهن تي بادشاهہ ۽ سندس اميرن پنهنجي پنهنجي مُهر هنئي، انهيءَ لاءِ تہ دانيال کي ڪوبہ ڇڏائي نہ سگھي.

18 تنهن کان پوءِ بادشاهہ پنهنجي محل ۾ ويو ۽ سڄي رات فاقو ڪڍيائين. هن پنهنجي آڏو ڪابہ وندر واري شيءِ آڻڻ نہ ڏني ۽ سندس ننڊ اڏامي ويئي.


خدا جو دانيال کي بچائڻ

19 تڏهن بادشاهہ دارا باک ڦٽيءَ مهل اٿيو ۽ تڪڙو تڪڙو شينهَن جي ڏر ڏانهن ويو.

20 جڏهن هو ڏر وٽ پهتو تڏهن ڏک ڀرئي آواز مان دانيال کي پڪاري چيائين تہ ”اي دانيال، زندہ خدا جا ٻانها! پنهنجي جنهن خدا جي تون هميشہ عبادت ڪندو آهين، سو تو کي شينهَن کان بچائي سگھيو آهي يا نہ؟“

21 تڏهن دانيال بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”اي بادشاهہ! سدا سلامت رهو.

22 منهنجي خدا پنهنجو ملائڪ موڪلي شينهَن جا وات بند ڪري ڇڏيا آهن. انهن مون کي ڪوبہ نقصان نہ رسايو آهي، ڇاڪاڻ تہ خدا جي آڏو آءٌ بي‌گناهہ قرار ڏنو ويس. ساڳيءَ طرح اي بادشاهہ! مون توهان جي آڏو بہ ڪو خطا جهڙو ڪم ڪونہ ڪيو آهي.“

23 تڏهن بادشاهہ جي خوشيءَ جي ڪا حد نہ رهي. پوءِ هن حڪم ڪيو تہ ”دانيال کي ڪڍي ٻاهر آڻيو.“ سو دانيال کي ڏر مان ڪڍي ٻاهر آندو ويو. کيس ڪنهن بہ قسم جو نقصان نہ رسيو هو، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي خدا تي ڀروسو ڪيو هو.

24 پوءِ بادشاهہ جي حڪم تي انهن ماڻهن کي آندو ويو، جن دانيال تي تهمت هنئي هئي. انهن کي سندن زالن ۽ ٻارن ٻچن سميت کڻي شينهَن جي ڏر ۾ وڌو ويو. پوءِ انهيءَ کان اڳ جو اهي ڏر جي تري تائين پهچن، شينهَن مٿن حملو ڪري کين چيري ڦاڙي ڇڏيو ۽ سندن هڏگڏ ڀڃي ڇڏيائون.

25 انهيءَ کان پوءِ بادشاهہ دارا سڄيءَ دنيا ۾ رهندڙ سڀني قومن ۽ قبيلن توڙي مختلف ٻوليون ڳالهائڻ وارن ڏانهن هي خط لکيو تہ ”شل اوهان تي گھڻي کان گھڻي سلامتي هجي.

26 آءٌ هي حڪم جاري ٿو ڪريان تہ منهنجي سلطنت جي هر حصي ۾ ماڻهو دانيال جي خدا جي حضور ڊڄن ۽ سندس تعظيم ڪن. هو ئي زندہ ۽ ابد تائين قائم وَ دائم رهندڙ خدا آهي. هن جي بادشاهت اهڙي آهي، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي، هائو، سندس بادشاهي پيڙهي بہ پيڙهي هلندي رهندي.

27 هو ئي ڇڏائڻ وارو ۽ بچائڻ وارو آهي، هو ئي زمين ۽ آسمان تي عجيب ڪم ۽ معجزا ڏيکاري ٿو. هن ئي دانيال کي شينهَن جي چنبن کان بچايو آهي.“

28 اهڙيءَ طرح نہ رڳو دارا جي بادشاهت دوران، بلڪ خورس فارسيءَ جي بادشاهت دوران پڻ ڪاميابي دانيال جا قدم چمندي رهي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan