Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

دانيال 3 - Muslim Sindhi Bible


نبوڪدنضر جو سوني مورتيءَ کي سجدو ڪرائڻ

1 بادشاهہ نبوڪدنضر سون جي هڪڙي مورتي ٺهرائي، جنهن جي اوچائي ستاويهہ ميٽر ۽ ويڪر ٽي ميٽر هئي. هن انهيءَ کي بابل جي صوبي ۾ دورا نالي ميدان ۾ کڙو ڪرايو.

2 تنهن کان پوءِ بادشاهہ نبوڪدنضر ملڪ جي والين، نوابن، نائبن، صلاحڪارن، خزانچين، ججن، مفتين ۽ صوبي جي ٻين سڀني عملدارن کي گھرايو، تہ جيئن اهي انهيءَ مورتيءَ جي وقف ڪرڻ جي رسم تي حاضر رهن.

3 سو جڏهن اهي سڀ انهيءَ مورتيءَ جي اڳيان اچي بيٺا،

4 تڏهن هڪڙي منادي ڪرڻ واري وڏي واڪي اعلان ڪندي چيو تہ ”اي سموريون قومون ۽ قبيلؤ، بلڪ سڀ مختلف ٻوليون ڳالهائڻ وارؤ! اوهان کي حڪم ٿو ڏجي تہ

5 جنهن وقت اوهين شرناءِ، بانسري، سُرندي، سارنگيءَ ۽ دنبوري سان گڏ باقي ٻين قسمن جي سازن جو آواز ٻڌو، تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر جي کڙي ڪيل سوني مورتيءَ کي سجدو ڪجو.

6 جيڪو بہ ماڻهو سجدو نہ ڪندو، تہ انهيءَ کي ان وقت ئي ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري ۾ اڇلايو ويندو.“

7 سو جڏهن انهن سازن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، تڏهن سموريون قومون ۽ قبيلا، بلڪ سڀ مختلف ٻوليون ڳالهائڻ وارا بادشاهہ نبوڪدنضر جي کڙي ڪيل سوني مورتيءَ کي سجدو ڪرڻ لڳا.


دانيال جي دوستن جي نافرماني

8 انهيءَ ئي وقت ڪجھہ رملين بادشاهہ نبوڪدنضر جي ويجھو اچي يهودين تي چغلي هڻندي

9 کيس چيو تہ ”اي بادشاهہ! سدا سلامت رهو.

10 جڏهن تہ توهان اهو حڪم جاري ڪيو آهي تہ ’جيڪو ماڻهو شرناءِ، بانسري، سُرندي، سارنگيءَ ۽ دنبوري سان گڏ باقي ٻين قسمن جي سازن جو آواز ٻڌي، سو انهيءَ سوني مورتيءَ کي سجدو ڪري.

11 پر جيڪو سجدو نہ ڪندو، تنهن کي ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري ۾ اڇلايو ويندو.‘

12 هاڻي اي بادشاهہ سلامت! ڪي يهودي ماڻهو آهن، جن کي توهان بابل صوبي جي ڪمن ڪارين تي مقرر ڪيو آهي، يعني سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو، تن توهان جي حڪم جي ڪا پرواهہ ڪانہ ڪئي آهي. هو توهان جي معبودن جي پوڄا نہ ٿا ڪن، نہ ئي انهيءَ سوني مورتيءَ کي سجدو ٿا ڪن، جيڪا توهان کڙي ڪرائي بيهاري آهي.“

13 تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر سخت ڪاوڙ ۽ جوش مان حڪم ڏنو تہ ”سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي حاضر ڪيو وڃي.“ سو انهن ٽنهي کي بادشاهہ جي حضور ۾ آندو ويو.

14 بادشاهہ انهن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”ڇا اهو سچ آهي تہ اوهين ڄاڻي‌واڻي منهنجي معبودن جي پوڄا نہ ٿا ڪريو ۽ نہ وري انهيءَ سوني مورتيءَ کي سجدو ٿا ڪريو، جنهن کي مون کڙو ڪرائي بيهاريو آهي؟

15 هاڻي ٻڌو، جيڪڏهن اوهين هينئر بہ آمادہ آهيو تہ انهن سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌڻ سان هن سوني مورتيءَ کي سجدو ڪريو تہ چڱو، پر جي اوهان ائين نہ ڪيو تہ هن ئي گھڙيءَ اوهان کي ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري ۾ اڇلايو ويندو. پوءِ آءٌ ڏسندس تہ اهو ڪهڙو معبود آهي، جيڪو اوهان کي منهنجي هٿان ڇڏائي ٿو.“

16 تڏهن سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”اي بادشاهہ سلامت! انهيءَ ڳالهہ بابت اسين پنهنجي بچاءَ ۾ ڪجھہ بہ نہ ڳالهائينداسين.

17 باقي، اي بادشاهہ! اسان جو خدا، جنهن جي ئي اسين عبادت ٿا ڪريون، سو جيڪڏهن اسان کي ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري مان بچائڻ چاهيندو تہ اسين توهان جي هٿان بچي نڪرنداسين.

18 پر جي نہ، تہ بہ اي بادشاهہ! توهان کي خبر هجي تہ اسين توهان جي معبودن جي پوڄا هرگز نہ ڪنداسين، نڪي وري توهان جي کڙي ڪرايل انهيءَ سوني مورتيءَ کي ئي سجدو ڪنداسين.“


دانيال جي دوستن کي سزا ملڻ

19 تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خلاف غصي وچان سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويو. سو هن حڪم ڏنو تہ ”کوري کي جيترو اڳ ۾ تپايو ويندو هو، تنهن کان هن کي ستوڻو وڌيڪ تپايو وڃي.“

20 پوءِ هن پنهنجي لشڪر جي ڪن طاقتور پهلوانن کي حڪم ڏنو تہ ”هنن ٽنهي کي ٻڌي ڀڙڪندڙ باهہ جي انهيءَ کوري ۾ اڇلايو.“

21 تڏهن انهن ٽنهي کي سندن چادرن، قميصن، پڳن ۽ ٻين ڪپڙن سميت ٻڌي، ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري ۾ اڇلائي ڇڏيائون.

22 جيئن تہ بادشاهہ جي سخت تاڪيدي حڪم موجب کوري جي تپش تمام تيز هئي، تنهنڪري سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي کوري جي ويجھو کڻي ايندڙ پهلوانن کي انهيءَ تپش ساڙي ختم ڪري ڇڏيو.

23 جڏهن تہ اهي ٽيئي ٻڌل شخص ڀڙڪندڙ باهہ جي وچ ۾ وڃي ڪريا.

24 تڏهن اوچتو بادشاهہ نبوڪدنضر حيرت وچان هڪدم ٽپو ڏيئي اُٿي کڙو ٿيو ۽ پنهنجي مشيرن کان پڇڻ لڳو تہ ”ڇا اسان باهہ ۾ ٽن ماڻهن کي ٻڌي ڪين اڇلايو هو؟“ هنن کيس ورندي ڏيندي چيو تہ ”بيشڪ، اي بادشاهہ سلامت! ائين ئي ٿيو هو.“

25 سو بادشاهہ کين وري چيو تہ ”ڏسو، آءٌ باهہ جي وچ ۾ چئن ماڻهن کي کُليل ڏسان پيو، جيڪي گھمندا ڦرندا ٿا وتن ۽ انهن کي ڪو ايذاءُ بہ ڪونہ رسيو آهي، جڏهن تہ چوٿين ماڻهوءَ جي شڪل معبودن جهڙي ٿي ڏسجي.“


ٽنهين دوستن جي آزادي ۽ ترقي

26 پوءِ بادشاهہ نبوڪدنضر ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري جي منهن وٽ ويجھو اچي پڪاري چيو تہ ”اي سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو، خدا تعاليٰ جا ٻانهؤ! ٻاهر نڪري اچو.“ تڏهن اهي ٽيئي باهہ منجھان نڪري ٻاهر آيا.

27 ان وقت سڀ والي، نواب، نائب ۽ بادشاهہ جا مشير اچي گڏ ٿيا ۽ ڏٺائون تہ هنن جي جسمن تي باهہ ڪوبہ اثر نہ ڪيو هو. هنن جو ڪو وار بہ نہ سڙيو هو، نڪي سندن پوشاڪ کي ئي ڪو تئُہ آيو هو، نہ ئي وري انهن مان باهہ جي سڙڻ جي ڪا بوءِ ٿي آئي.

28 تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر چوڻ لڳو تہ ”سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خدا جي شل واکاڻ هجي، جنهن پنهنجو ملائڪ موڪلي پنهنجي ٻانهن کي بچائي ورتو آهي. هنن مٿس توڪل رکي مون بادشاهہ جي حڪم کي ٿُڏي ڇڏيو ۽ پنهنجيون جانيون فدا ڪرڻ قبوليائون. هنن هي سڀ انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن پنهنجي خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي معبود کي سجدو ڪري انهيءَ جي پوڄا نہ ڪن.

29 تنهنڪري آءٌ هي حڪم ٿو جاري ڪريان تہ ڪنهن بہ قوم ۽ قبيلي توڙي مختلف ٻوليءَ وارو جيڪڏهن سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خدا جي باري ۾ گھٽ وڌ ڳالهائي تہ انهيءَ کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو وڃي ۽ انهيءَ جي گھر کي ڊاهي ويران دڙو ڪيو وڃي. ان جو سبب هي آهي جو ٻيو ڪوبہ اهڙو معبود ڪونهي جيڪو هن طرح بچائي ٿو سگھي.“

30 پوءِ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي ترقي ڏيئي بادشاهہ بابل جي صوبي ۾ بحال ڪيو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan