دانيال 2 - Muslim Sindhi Bibleنبوڪدنضر جو مورتيءَ وارو خواب 1 پنهنجي بادشاهيءَ جي ٻئي سال، بادشاهہ نبوڪدنضر ڪو اهڙو خواب لهڻ لڳو جو سندس دل پريشان رهڻ لڳي ۽ ننڊ ڦٽي ويس. 2 تڏهن بادشاهہ حڪم ڪيو تہ جادوگرن، نجومين، فال وجھندڙن ۽ سندن اڳواڻن رملين کي سڏيو وڃي، انهيءَ لاءِ تہ اهي سندس خواب جو تعبير ڪن. جڏهن اهي سڀ بادشاهہ جي حضور ۾ اچي حاضر ٿيا، 3 تڏهن بادشاهہ انهن کي چيو تہ ”مون هڪڙو خواب لڌو آهي. هاڻ جيستائين انهيءَ خواب جو تعبير معلوم نہ ٿو ٿئي تيستائين منهنجي دل پريشان آهي.“ 4 تڏهن رملين بادشاهہ کي چيو تہ ”اي بادشاهہ! سدا سلامت رهو. اوهين پنهنجي ٻانهن کي اهو خواب ٻڌايو، تہ اسين انهيءَ جو تعبير بيان ڪريون.“ 5 بادشاهہ رملين کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”مون فيصلو ڪري ڇڏيو آهي تہ جيڪڏهن اوهين پاڻ مون کي اهو خواب ۽ انهيءَ جو تعبير نہ ٻڌائيندا، تہ اوهان سڀني کي وڍائي ٽڪرا ٽڪرا ڪرائي ڇڏيندس ۽ اوهان جا گھر ويران دڙا ڪرائي ڇڏيندس. 6 پر جي اوهين مون کي اهو خواب ۽ انهيءَ جو تعبير ٻڌائيندا، تہ آءٌ اوهان کي تحفا، انعام ۽ وڏي عزت عطا ڪندس. سو هاڻي اوهين مون کي اهو خواب ۽ انهيءَ جو تعبير ٻڌايو.“ 7 هنن ٻيو ڀيرو عرض ڪندي چيو تہ ”بادشاهہ سلامت پنهنجي ٻانهن کي رڳو اهو خواب ٻڌائي، تہ پوءِ اسين انهيءَ جو تعبير بيان ڪريون.“ 8 پر بادشاهہ چيو تہ ”پڪ سان اوهين نٽايو ٿا ۽ وڌيڪ وقت انهيءَ ڪري وٺڻ ٿا گھرو، جو ڄاڻو ٿا تہ مون فيصلو ڪري ڇڏيو آهي تہ 9 جيڪڏهن اوهين مون کي اهو خواب نہ ٻڌائيندا، تہ اوهان سڀني لاءِ فقط اها ئي سزا آهي. اوهان منهنجي آڏو ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ جون ڳالهيون ڪندو رهڻ جي تياري ڪئي آهي، تہ جيئن ڀلي وقت ٽري وڃي. تنهنڪري اوهين ضرور مون کي خواب ٻڌايو، تہ جيئن مون کي خبر پوي تہ اوهين انهيءَ جو تعبير بہ بيان ڪري سگھندا.“ 10 رملين بادشاهہ کي ورندي ڏيئي عرض ڪيو تہ ”روءِزمين تي اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جيڪو بادشاهہ کي اها ڳالهہ ٻڌائي سگھي. ڪنهن بہ بادشاهہ، پوءِ اهو ڪيڏو بہ وڏو ۽ طاقتور ڇو نہ هجي، تنهن اهڙي ڳالهہ ڪنهن بہ جادوگر يا نجوميءَ يا رمليءَ کان ڪڏهن بہ ڪين پڇي آهي. 11 جيڪا ڳالهہ بادشاهہ پڇي ٿو سا تمام مشڪل ڳالهہ آهي. اهڙو ڪوبہ انسان ڪونهي جيڪو بادشاهہ جي اڳيان اها بيان ڪري سگھي، سواءِ معبودن جي، جيڪي انسان سان گڏ نہ ٿا رهن.“ 12 انهيءَ ڳالهہ تي بادشاهہ ايڏو تہ چڙي پيو جو سخت ڪاوڙ وچان حڪم ڪيائين تہ ”بابل جي سڀني عالمن کي قتل ڪيو وڃي.“ 13 اهڙيءَ طرح اهو حڪم جاري ٿي ويو تہ ”عالمن کي قتل ڪيو وڃي.“ تڏهن دانيال ۽ سندس ٽنهي ساٿين جي بہ ڳولا ٿيڻ لڳي، تہ جيئن کين بہ قتل ڪيو وڃي. خدا جو دانيال کي تعبير ٻڌائڻ 14 تڏهن دانيال نهايت سمجھہ ۽ سياڻپ سان شاهي پهريدارن جي سالار اريوڪ سان ڳالهايو، جيڪو بابل جي عالمن کي قتل ڪرڻ لاءِ نڪتو هو. 15 هن اريوڪ کان پڇيو تہ ”بادشاهہ اهڙو سخت حڪم ڇو جاري ڪيو آهي؟“ تڏهن اريوڪ دانيال کي سڄي حقيقت بيان ڪري ٻڌائي. 16 تنهن تي دانيال بادشاهہ کان ڪجھہ مهلت ورتي، انهيءَ لاءِ تہ جيئن هو سندس حضور ۾ تعبير بيان ڪري سگھي. 17 پوءِ دانيال پنهنجي گھر ويو ۽ پنهنجي سنگتين حنانياہ، ميساايل ۽ عزرياہ کي اهو احوال ٻڌايائين. 18 هن کين تاڪيد ڪيو تہ هو عرش عظيم واري خدا کي انهيءَ راز جي باري ۾ رحم لاءِ ٻاڏائين، تہ جيئن دانيال ۽ سندس سنگتي بابل جي ٻين عالمن سميت قتل ٿيڻ کان بچي وڃن. 19 تڏهن انهيءَ ئي رات رويا ۾ دانيال تي اهو راز کوليو ويو ۽ دانيال عرش عظيم واري خدا جي واکاڻ ڪندي 20 چيو تہ ”شل خدا جو نالو ازل کان وٺي ابد تائين سڳورو هجي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي حڪمت ۽ قدرت وارو آهي. 21 هو ئي وقتن کي ڦيري ڇڏي ٿو ۽ زمانا تبديل ٿو ڪري، هو ئي بادشاهن کي قائم ٿو ڪري ۽ کين معزول پڻ ڪري ٿو، هو ئي ڏاهن کي ڏاهپ ۽ عقلمندن کي ڄاڻ عطا ڪري ٿو. 22 جيڪي ڳالهيون اونهيون ۽ ڳجھيون آهن، تن کي هو ئي ظاهر ڪري ٿو. جيڪي ڪجھہ بہ اوندهہ ۾ آهي تنهن کي هو ڄاڻي ٿو، ڇوجو وٽس ئي سوجھرو آهي. 23 اي منهنجي ابن ڏاڏن جا خدا! آءٌ تنهنجو شڪر ۽ واکاڻ ٿو ڪريان، ڇوجو تو مون کي ڏاهپ ۽ سگھہ عطا ڪئي آهي. اسان جيڪي تو کان چاهيو سو ئي تو مون کي ٻڌائي ڇڏيو، هائو، بادشاهہ وارو پورو معاملو تو اسان تي ظاهر ڪيو آهي.“ دانيال جو بادشاهہ کي سندس خواب ۽ تعبير ٻڌائڻ 24 تنهن بعد دانيال اريوڪ وٽ ويو، جنهن کي بادشاهہ بابل جي عالمن کي قتل ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو هو. دانيال وڃي هن کي چيو تہ ”بابل جي عالمن کي نہ ماراءِ، بلڪ مون کي بادشاهہ جي حضور ۾ وٺي هل تہ آءٌ کيس تعبير ٻڌايان.“ 25 تڏهن اريوڪ هڪدم دانيال کي بادشاهہ جي حضور ۾ وٺي آيو ۽ بادشاهہ کي چيائين تہ ”يهوداہ ملڪ کان پڪڙي آندل ماڻهن مان مون هڪڙو ماڻهو لڌو آهي، جيڪو بادشاهہ سلامت کي تعبير ٻڌائيندو.“ 26 دانيال، جنهن کي بابل ۾ بيلطشضر جي نالي سان سڏيو ويندو هو تنهن کان بادشاهہ پڇيو تہ ”ڇا تون سچ پچ مون کي اهو خواب، جيڪو مون ڏٺو آهي ۽ انهيءَ جو تعبير ٻڌائي سگھندين؟“ 27 دانيال بادشاهہ جي خدمت ۾ عرض ڪيو تہ ”جيڪو راز بادشاهہ سلامت پڇيو آهي، سو عالم توڙي نجومي، جادوگر توڙي فال وجھندڙ توهان کي بلڪل ٻڌائي نہ سگھندا. 28 پر عرش تي هڪ خدا آهي، جيڪو ڳُجھين ڳالهين کي ظاهر ٿو ڪري، تنهن ئي توهان بادشاهہ سلامت کي اها ڳالهہ ڄاڻائي آهي تہ ايندڙ وقت ۾ ڇا ٿيندو. هاڻي آءٌ توهان کي توهان جو خواب يعني اها رويا جيڪا توهان پنهنجي پلنگ تي سمهندي ڏٺي، سا ٻڌايان ٿو. 29 اي بادشاهہ! سدا سلامت رهو. جڏهن توهان پلنگ تي ستل هئا، تڏهن توهان جي دل ۾ مستقبل جا خيال ڊوڙايا ويا. ان وقت خدا جيڪو ڳُجھن کي کوليندڙ آهي، تنهن توهان کي خواب ۾ ڄاڻايو تہ ايندڙ وقت ۾ ڇا ڇا ٿيندو. 30 هاڻ مون تي اهو راز انهيءَ لاءِ ظاهر نہ ڪيو ويو آهي تہ آءٌ ڪو ٻين جيئرن ماڻهن کان وڌيڪ سياڻو آهيان، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ توهان کي انهيءَ جو تعبير ٻڌايو وڃي ۽ توهان پنهنجي دل جي خيالن کي چڱيءَ طرح سمجھي سگھو. 31 اي بادشاهہ! سدا سلامت رهو. توهان پنهنجي رويا ۾ ڏٺو تہ هڪڙي وڏي مورتي آهي، جيڪا توهان جي اڳيان بيٺي آهي. اها مورتي تمام قداور، بيحد تجليدار ۽ هيبتناڪ هئي. 32 انهيءَ مورتيءَ جو مٿو نج سون جو هو، انهيءَ جو سينو ۽ ٻانهون چانديءَ جون هيون ۽ انهيءَ جو پيٽ ۽ رانون پتل جون هيون. 33 انهيءَ جون ٽنگون لوهہ جون ۽ پير ڪجھہ لوهہ جا ۽ ڪجھہ ٺڪر جا هئا. 34 جڏهن توهان انهيءَ کي ڏٺو پئي، تڏهن اوچتو هڪڙو وڏو پٿر انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ ٽڪر مان ٽٽي نڪتو ۽ انهيءَ مورتيءَ جي پيرن تي اچي ڪريو، جيڪي لوهہ ۽ ٺڪر جا هئا ۽ انهن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيائين. 35 تڏهن هڪدم انهيءَ لوهہ، ٺڪر، پتل، چانديءَ ۽ سون کي اهڙو ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو ويو جيئن اونهاري جي موسم جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ جو بُهہ هوندو آهي. پوءِ واءُ انهن کي ائين اڏائي ويئي جو انهن جو ذرو ئي ڪونہ رهيو. پر جيڪو پٿر انهيءَ مورتيءَ کي اچي لڳو هو سو ايڏو تہ وڏو جبل ٿي پيو جو روءِزمين کي ڀري ڇڏيائين. 36 اهو ئي توهان جو خواب هو ۽ هاڻي آءٌ بادشاهہ جي حضور ۾ انهيءَ جو تعبير بيان ڪندس. 37 اي بادشاهہ سلامت! توهين بادشاهن جا بہ بادشاهہ آهيو، جنهن کي عرش عظيم واري خدا شهنشاهي ۽ اختياري، طاقت ۽ عظمت عطا ڪئي آهي. 38 ڌرتيءَ تي رهندڙ سمورن انسانن ۽ سڀني جانورن توڙي پکين تي هن توهان کي حاڪم مقرر ڪيو آهي، پوءِ اهي کڻي ڪٿي بہ رهندا هجن. سو توهين ئي اهو سون جو مٿو آهيو. 39 توهان کان پوءِ هڪڙي ٻي شهنشاهت چانديءَ مثل ٺهندي، جيڪا توهان جي شهنشاهت کان ڪمتر هوندي. انهيءَ کان پوءِ ٽين شهنشاهت پتل مثل ٿيندي، جيڪا سڄي ڌرتيءَ تي حڪومت ڪندي. 40 انهيءَ کان پوءِ چوٿين شهنشاهت ٿيندي، جيڪا لوهہ جهڙي مضبوط هوندي. جهڙيءَ طرح لوهہ سڀني شين کي ڀڃي ڀورا ڀورا ٿو ڪري ۽ انهن کي چپي ٿو ڇڏي، تهڙيءَ طرح اها شهنشاهت بہ ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري چپي ڇڏيندي. 41 جهڙيءَ طرح توهان ڏٺو تہ مورتيءَ جا پير ۽ پيرن جون آڱريون ڪجھہ ٺڪر جون ۽ ڪجھہ لوهہ جون هيون، تيئن اها بہ ورهايل شهنشاهت هوندي. تنهن هوندي بہ انهيءَ ۾ ڪجھہ لوهہ جهڙي مضبوطي هوندي، ڇو تہ ٺڪر سان لوهہ گڏيل هو. 42 جيئن تہ پيرن جون آڱريون ڪجھہ لوهہ جون ۽ ڪجھہ ٺڪر جون هيون، تنهن جو مطلب آهي تہ اها شهنشاهت بہ ڪجھہ زور واري ۽ ڪجھہ ڪمزور هوندي. 43 جيئن توهان ڏٺو تہ لوهہ ٺڪر سان گڏيل هو، تنهن جو مطلب آهي تہ انهيءَ جي حڪمرانن جو تخم پاڻ ۾ گڏجي سڏجي تہ ويندو، پر اهي هڪٻئي سان ملي هڪ ٿي نہ سگھندا، جيئن لوهہ ۽ ٺڪر هڪٻئي سان ملي هڪ ٿي نہ ٿا سگھن. 44-45 توهان پنهنجي خواب ۾ اهو بہ ڏٺو تہ انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ هڪ پٿر ٽڪر مان ٽٽي نڪتو. انهيءَ پٿر لوهہ، پتل، ٺڪر، چانديءَ ۽ سون کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ انهن ئي حڪمرانن جي ڏينهن ۾ عرش عظيم وارو خدا هڪڙي اهڙي بادشاهت قائم ڪندو، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي. نڪي انهيءَ جي حڪمراني ڪنهن ٻيءَ قوم جي حوالي ڪئي ويندي. اٽلندو اها ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ناس ڪندي ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي. سو اي بادشاهہ! ائين ڪرڻ سان عظيم خدا توهان کي اهو ڪجھہ ڏيکاريو آهي، جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيندو. توهان اهو ئي خواب ڏٺو آهي ۽ ائين ئي ٿيڻو آهي.“ بادشاهہ جو دانيال کي نوازڻ 46 تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر منهن ڀر ڪري دانيال آڏو سجدو ڪيو ۽ حڪم ڏنائين تہ ”هن کي نذرانو ڏنو وڃي ۽ سندس آڏو لوبان ساڙيو وڃي.“ 47 پوءِ بادشاهہ دانيال کي چيو تہ ”بيشڪ تنهنجو خدا سڀني معبودن جو بہ معبود، بادشاهن جو ڌڻي ۽ ڳُجھن جو ظاهر ڪندڙ آهي، تڏهن ئي تہ تو انهيءَ راز کي کولي ڇڏيو آهي.“ 48 پوءِ بادشاهہ دانيال کي وڏي عزت ڏني ۽ کيس گھڻا ئي وڏا وڏا تحفا ڏنائين. کيس بابل جي سڄي صوبي تي حڪمران مقرر ڪيائين ۽ بابل جي سڀني عالمن جو اڳواڻ بڻايائينس. 49 تڏهن دانيال جي عرض ڪرڻ تي بادشاهہ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي بابل جي صوبي تي ڪمن ڪارين تي مقرر ڪيو. پر دانيال پاڻ بادشاهہ جي درٻار ۾ ئي رهيو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society