دانيال 12 - Muslim Sindhi Bibleپڄاڻيءَ جو وقت 1 مون دانيال کي انهيءَ هستيءَ وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ وقت وڏو فرشتو ميڪائيل، جيڪو تنهنجي قوم جي حفاظت ٿو ڪري سو اُٿي کڙو ٿيندو. اهو وقت اهڙو تہ مصيبتن جو هوندو جيڪو قومن جي شروعات کان وٺي ان وقت تائين اڳ ۾ ڪڏهن نہ آيو هوندو. انهيءَ ئي وقت تنهنجي قوم کي ڇڏايو ويندو، هائو، انهن سڀني کي جن جا نالا خدا جي ڪتاب ۾ لکيل آهن. 2 جيڪي مٽيءَ ۾ وڃي ستا آهن، تن مان گھڻا ئي وري جاڳي اٿندا. انهن مان ڪن کي دائمي حياتي ملندي، تہ ڪي وري هميشہ جي ذلت وَ خواريءَ ۾ وڃي ڪرندا. 3 ڏاها ماڻهو آسمان جي نور جيان چمڪندا، جن جي ڪوشش سان گھڻا ئي سچائيءَ جي پاسي آيا هوندا. اهي ڏاها ماڻهو هميشہ هميشہ لاءِ تارن وانگر پيا چمڪندا. 4 هاڻي اي دانيال! انهن رويائن وارين ڳالهين جي ڪتاب کي بند ڪري رک ۽ پڄاڻيءَ واري وقت تائين مٿس مُهر هڻي ڇڏ. انهيءَ دوران گھڻا ئي ماڻهو انهن ڳالهين کي سمجھڻ لاءِ پيا اجائي ڊڪ ڊوڙ ڪندا.“ 5 تڏهن مون دانيال نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ ٻہ شخص ٻيا بہ بيٺا آهن، هڪڙو درياءَ جي اورين ڪناري تي ۽ ٻيو پرين ڪناري تي. 6 جيڪا هستي سنهي وٽيل سڻيءَ جا ڪپڙا پايو درياءَ جي مٿاهين پاسي تي بيٺي هئي، تنهن کان هڪڙي پڇيو تہ ”هنن عجيب ڪمن جي پڄاڻيءَ ۾ ڪيترو عرصو باقي آهي؟“ 7 تڏهن انهيءَ هستيءَ پنهنجو ساڄو ۽ کاٻو ٻئي هٿ آسمان ڏانهن کنيا ۽ مون ٻڌو تہ هن هميشہ جيئري رهندڙ خدا جو قسم کڻي چيو تہ ”اهو عرصو ساڍن ٽن سالن تائين هوندو. خدا جي قوم جو زور ڀڄي ڀورا ٿيڻ تي اهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿي وينديون.“ 8 مون ٻڌو تہ سهي، پر سمجھي نہ سگھيس. سو مون انهيءَ هستيءَ کان پڇيو تہ ”اي منهنجا سائين! هنن ڳالهين جو آخر ڪهڙو نتيجو نڪرندو؟“ 9 هن چيو تہ ”اي دانيال! انهن ڳالهين کي ڇڏي ڏي، ڇاڪاڻ تہ انهن ڳالهين جو ڪتاب هاڻي بند ٿي ويو آهي ۽ پڄاڻيءَ جي وقت تائين انهيءَ تي مُهر لڳي ويئي آهي. 10 ڏاها ماڻهو ئي انهن ڳالهين کي سمجھي ويندا. هائو، گھڻا ئي ماڻهو پاڪ ۽ صاف ڪيا ۽ سڌاريا ويندا. پر بڇڙن مان ڪوبہ انهن ڳالهين کي ڪين سمجھندو. هائو، بڇڙا بڇڙائيءَ جا ئي ڪم ڪندا رهندا. 11 جڏهن هيڪل ۾ روزانو واريون قربانيون بند ڪيون وينديون ۽ بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ اتي رکي ويندي، تنهن وقت کان وٺي هڪ هزار ٻہ سؤ نوي ڏينهن ٿيندا. 12 سو هاڻي سڀاڳا آهن اهي، جيڪي هڪ هزار ٽي سؤ پنجٽيهن ڏينهن تائين ثابت قدم رهندا. 13 سو اي دانيال! تون انهن ڳالهين کي ڇڏي ڏي ۽ پنهنجي ڏينهن پوري ٿيڻ تائين ثابت قدم رهہ. پوءِ تون وڃي آرامي ٿيندين ۽ زمانن جي پڄاڻيءَ تي پنهنجي اجر حاصل ڪرڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندين.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society