Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

دانيال 11 - Muslim Sindhi Bible

1 جهڙيءَ طرح اڳ ۾ دارا مادئيءَ جي بادشاهيءَ جي پهرئين سال ميڪائيل جو ساٿ ڏيڻ ۽ کيس زور وٺائڻ لاءِ آءٌ ئي اُٿي کڙو ٿيو هئس.“


مصر ۽ شام جون بادشاهتون

2 پوءِ انهيءَ هستيءَ مون دانيال کي چيو تہ ”هاڻي آءٌ تو کي انهيءَ ڳجھہ واري ڳالهہ جي حقيقت ٻڌايان ٿو. سو ٻڌ، فارس ۾ اڃا ٽن بادشاهن جي حڪومت اچڻي آهي ۽ ان بعد چوٿون بادشاهہ ٿيندو، جيڪو انهن سڀني کان وڌيڪ دولتمند هوندو. هو دولت ۽ طاقت ۾ ايترو تہ وڌي ويندو، جو پوري شهنشاهت کي يونان جي بادشاهت خلاف اٿاري کڙو ڪندو.

3 پوءِ هڪڙو زبردست شهنشاهہ اُٿي کڙو ٿيندو، جيڪو گھڻين ئي بادشاهتن تي حڪومت ڪندو ۽ جيئن وڻندس تيئن ڪندو.

4 پر جڏهن هو اوج تي پهچندو، تڏهن سندس شهنشاهت جون پاڙون پٽجي وينديون ۽ اها ٽڪرا ٽڪرا ٿي چئن حصن ۾ ورهائجي ويندي. انهيءَ مان ڪوبہ حصو سندس اولاد کي نہ ملندو، بلڪ اهي سڀ حصا ٻين جي حوالي ٿيندا. انهن حصن جي حشمت سندس حڪومت جهڙي نہ رهندي.

5 پوءِ مصر جو بادشاهہ زور وٺندو. پر سندس فوجي سالارن مان هڪڙو سالار ساڻس بغاوت ڪري انهيءَ کان بہ وڌيڪ زور وارو ٿيندو ۽ کانئس وڏي علائقي کي شام جي بادشاهت ۾ شامل ڪري مٿس حڪومت ڪندو.

6 ڪن سالن گذرڻ کان پوءِ مصر جو بادشاهہ شام جي بادشاهہ سان اتحاد ڪندو ۽ انهيءَ کي پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ڏيندو. پر اهو اتحاد جٽاءُ نہ ڪندو، ڇو تہ اها عورت پنهنجي مڙس، ٻارن ۽ ساڻس گڏ آيل خدمتگارن سميت قتل ڪئي ويندي ۽ ان بادشاهہ جو نسل ئي ختم ٿي ويندو.

7 انهيءَ کان پوءِ مصر ۾ انهيءَ عورت جي خاندان منجھان هڪڙو پنهنجي پيءُ جي جاءِ تي مصر جو بادشاهہ ٿيندو. هو شام جي بادشاهہ جي لشڪر تي حملو ڪندو ۽ سندس قلعي ۾ گھڙي کيس شڪست ڏيندو.

8 هو انهن جي معبودن جا بت ۽ پلٽيل مورتيون ۽ کين نذر ڪيل سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ مالِ‌غنيمت طور پاڻ سان مصر کڻي ويندو. ڪجھہ سالن تائين سانت ۾ رهڻ کان پوءِ

9 شام جو بادشاهہ مصر ملڪ تي ڪاهہ ڪري ايندو، پر پويان پير ڪري پنهنجي ملڪ موٽي ويندو.

10 ان کان پوءِ شام جي بادشاهيءَ تي ايندڙ سندس پٽ بہ جنگ لاءِ تياري ڪندي وڏا لشڪر گڏ ڪندا رهندا. انهن مان هڪڙو زبردست ٻوڏ وانگر مصر تي ڪاهي ايندو ۽ جنگ ڪندي ڪندي شاهي قلعي تائين پهچي ويندو.

11 تڏهن مصر جو بادشاهہ ڏاڍو ڪاوڙبو ۽ نڪري اچي شام واري بادشاهہ سان وڙهندو ۽ انهيءَ جي وڏي ڪٽڪ کي شڪست ڏيئي هٿ ڪندو.

12 انهيءَ وڏي ڪٽڪ کي شڪست ڏيڻ سان مصر جي بادشاهہ جي دل ۾ مغروري اچي ويندي. پر جيتوڻيڪ هو لکين سپاهين کي قتل ڪندو، تنهن هوندي بہ سندس حاصل ڪيل فتح مڪمل نہ هوندي،

13 ڇاڪاڻ تہ شام جو بادشاهہ موٽي وڃي وري اڳي کان بہ وڏو لشڪر گڏ ڪندو. ڪجھہ سالن جي عرصي کان پوءِ هو هڪڙي وڏي لشڪر کي پوريءَ طرح مسلح ڪري مصر تي وري اچي ڪاهہ ڪندو.

14 انهن ڏينهن ۾ گھڻا ئي ماڻهو مصر جي بادشاهہ خلاف اُٿي کڙا ٿيندا ۽ تنهنجيءَ قوم بني اسرائيل جا ڪي فسادي ماڻهو بہ اٿندا، تان‌تہ سندن رويا پوري ٿئي. پر اهي ناڪام ٿيندا.

15 پوءِ شام جو بادشاهہ ڪاهہ ڪري ايندو ۽ شهر جي ديوار سان لڳولڳ دِڪا ٻڌي هڪ مضبوط قلعي واري شهر کي هٿ ڪري وٺندو. مصر جا سپاهي جنگ جاري رکي نہ سگھندا، بلڪ انهن جي چونڊ جوانن ۾ بہ مقابلي جي طاقت نہ هوندي.

16 ڪاهہ ڪري ايندڙ شام جي بادشاهہ کي جيئن وڻندو تيئن ڪندو، ڪوبہ انهيءَ جي سامهون بيهي نہ سگھندو. هو بني اسرائيل جي انهيءَ شانائتي ملڪ ۾ رهي پوندو ۽ انهيءَ کي تباهہ ڪرڻ جي سگھہ رکندو.

17 شام جو بادشاهہ اهو ارادو ڪندو تہ پنهنجي بادشاهت جي انهيءَ حشمت کي پوريءَ طرح قائم رکي. ان لاءِ هو مصر جي بادشاهہ سان اتحاد ڪندو ۽ کيس پنهنجي ڌيءَ پرڻائيندو، تان‌تہ اها سندس بادشاهيءَ جي تباهيءَ جو سبب بڻجي. پر سندس اها تدبير ڪامياب نہ ٿيندي ۽ کيس ڪو فائدو نہ ٿيندو.

18 تنهن کان پوءِ هو سامونڊي علائقي وارين قومن ڏانهن رخ ڪندو ۽ انهن مان گھڻين تي فتح حاصل ڪندو. پر ٻئي ملڪ جو هڪڙو فوجي سالار کيس شڪست ڏيئي هن جو غرور ٽوڙي ڇڏيندو. هائو، هو شام جي بادشاهہ کي سندس غرور جو مزو چکائيندو.

19 تڏهن شام جو بادشاهہ موٽي پنهنجي ئي ملڪ جي قلعن ۾ وڃي پناهہ وٺندو، پر کيس پوريءَ طرح شڪست ملندي ۽ سندس خاتمو ٿي ويندو.

20 پوءِ هن جي جاءِ تي هڪڙو ٻيو بادشاهہ اٿندو، جيڪو پنهنجي شاهي دٻدٻي کي قائم رکڻ لاءِ پوري شهنشاهت مان ٽيڪس اُڳاڙڻ واسطي هڪڙو عملدار موڪليندو. پر انهيءَ بادشاهہ کي ٿوري عرصي ۾ بنا ڪنهن جنگ جي ماٺ ميٺ ۾ ماري چٽ ڪيو ويندو.“


شام جو نيچ بادشاهہ

21 انهيءَ هستيءَ مون دانيال کي وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ بادشاهہ جي جاءِ تي هڪڙو نيچ ماڻهو شام جو بادشاهہ بڻبو، جيڪو بادشاهيءَ جو حقدار نہ هوندو. پر اهو اوچتو ئي اوچتو اچي ويندو ۽ چالبازيءَ سان بادشاهيءَ تي قبضو ڪري وٺندو.

22 هو زبردست لشڪرن کي پنهنجي اڳيان ٻُهاري نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندو، ايتري قدر جو مقدس هيڪل جي سردار ڪاهن کي بہ نہ ڇڏيندو.

23 هو ٻين قومن سان معاهدن جي آڙ ۾ دغابازي ڪندو ۽ ٿورن ئي ماڻهن جي مدد سان مضبوط کان مضبوط ٿيندو ويندو.

24 هو پنهنجي ملڪ جي آس‌پاس وارن شاهوڪار علائقن تي اوچتو ئي اوچتو ڪاهہ ڪري ويندو ۽ اهو ڪجھہ ڪندو جيڪو هن جي ابن ڏاڏن مان ڪوبہ ڪري نہ سگھيو هوندو. هو پنهنجن ۾ لُٽ ڦُر جو مال ۽ ٻيو مال‌متاع ورهائيندو ۽ مضبوط قلعن جي خلاف رٿون رٿيندو. مگر اها ڳالهہ رڳو ٿوري عرصي تائين هلندي.

25 هو وڏي طاقت ۽ همت جھلي هڪڙو وڏو لشڪر ساڻ ڪري مصر جي بادشاهہ سان وڙهڻ لاءِ اٿندو. مصر جو بادشاهہ بہ نهايت وڏي ۽ زور واري لشڪر سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري ايندو. پر مصر جو بادشاهہ بيهي نہ سگھندو، ڇاڪاڻ تہ هن جي خلاف سازشون جوڙيون ويون هونديون.

26 هائو، جيڪي سندس نمڪ کائيندا هوندا، سي ئي کيس اهڙو برباد ڪندا جو سندس گھڻا ئي سپاهي قتل ٿي ويندا. اهڙيءَ طرح سندس لشڪر ٻُهارجي ويندو.

27 باقي هنن ٻنهي بادشاهن جي دل بڇڙائيءَ ڏانهن راغب هوندي. هو هڪڙي ئي دسترخوان تي ويهي هڪٻئي سان ڪوڙ ڳالهائيندا. پر انهن کي ڪوبہ فائدو نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ ايندڙ وقت ۾ ٿيڻ وارين ڳالهين جو خدا اڳ ئي وقت مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

28 تنهن بعد شام جو بادشاهہ گھڻو ئي مالِ‌غنيمت کڻي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽندو. پر جيئن تہ هن جي دل انهيءَ عهد جي خلاف هوندي جيڪو خدا ۽ سندس قوم جي وچ ۾ ٿيل آهي، سو بني اسرائيل جي ملڪ وٽان گذرندي جيئن وڻندس تيئن کين نقصان پهچائيندو ويندو.

29 پوءِ مقرر ٿيل وقت تي هو وري مصر تي حملو ڪرڻ نڪرندو، پر جيئن اڳي ڪامياب ٿيو هو تيئن هاڻي نہ ٿيندو.

30 جيئن تہ رومي لشڪر سامونڊي جهازن ۾ چڙهي سندس مقابلي لاءِ نڪري ايندا، تنهنڪري هو دل هاري ويهندو. تڏهن هو موٽندي اها ڪاوڙ خدا ۽ سندس قوم جي وچ ۾ ٿيل عهد تي ڇنڊيندو، جڏهن تہ انهن ماڻهن جي پاسخاطري ڪندو جيڪي انهيءَ عهد کان ڦري ويا هوندا.

31 سو هو مقدس هيڪل ۾ پنهنجي فوج بيهاري بني اسرائيل جي انهيءَ پناهہ‌گاهہ جي بي‌حرمتي ڪندو. هو روزانو واريون قربانيون بند ڪري ڇڏيندو ۽ بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ اتي رکندو.

32 جن انهيءَ عهد جي خلاف‌ورزي ڪئي هوندي، تن کي هو چالبازيءَ سان پاڻ ڏانهن ڦيرائي آڻيندو. پر جيڪي ماڻهو پنهنجي خدا کي سڃاڻين ٿا، سي ثابت قدم رهندي سندس مقابلو ڪندا.

33 انهن ۾ جيڪي ڏاها اڳواڻ هوندا، سي گھڻن ئي ماڻهن کي سمجھائيندا. پر ڪجھہ عرصي تائين انهن اڳواڻن مان ڪن کي باهہ ڏيئي يا تلوار سان قتل ڪيو ويندو، يا ڪن کي قيد ڪيو ويندو يا ڦُريو لٽيو ويندو.

34 انهن ثابت قدم رهڻ وارن کي سندن مصيبت واري وقت ۾ ٿورا گھڻا ماڻهو اچي ٽيڪو ڏيندا، پر انهن ۾ گھڻا ئي مطلبي ماڻهو هوندا.

35 بيشڪ انهن ڏاهن اڳواڻن منجھان ڪي ماريا ويندا. پر ان جو نتيجو اهو نڪرندو جو اهي ثابت قدم رهڻ وارا سڌريل ۽ پاڪ صاف ٿي ويندا، ايستائين جو ايندڙ وقت ۾ ٿيڻ واريون ڳالهيون پوريون ٿين، جن جو خدا اڳ ئي وقت مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

36 سو شام جي بادشاهہ کي جيئن وڻندو تيئن ڪندو. هو پاڻ کي پڏائيندو ۽ هر معبود کان پاڻ کي وڏو چوائيندو ۽ تڪبر وچان معبودن جي معبود خدا بابت ڪفر بڪندو. هو تيستائين ڪامياب رهندو، جيستائين مٿس خدا جو غضب اچي نہ ڪڙڪي. بيشڪ جيڪي مقرر ڪيو ويو آهي، سو ضرور ٿيندو.

37 اهو بادشاهہ نہ پنهنجي ابن ڏاڏن جي معبودن ڏانهن، نڪي عورتن جي وڻندڙ معبود ڏانهن ڪو ڌيان ڏيندو. هائو، هو ڪنهن بہ معبود جو لحاظ نہ ڪندو، بلڪ هو پنهنجو پاڻ کي ئي سڀني کان مٿاهون ڪندو.

38 تنهن هوندي بہ هو قلعن جي معبود کي تعظيم ڏيندو. هائو، جنهن معبود کي سندس ابا ڏاڏا بہ نہ سڃاڻيندا هوندا، تنهن کي هو سون، چاندي، هيرا جواهر ۽ قيمتي شيون نذرانو ڏيئي سندس احترام ڪندو.

39 انهيءَ ڌارئي معبود جو نالو استعمال ڪندي هو پنهنجي قلعن جي حفاظت ڪندو. جيڪي انهيءَ معبود کي مڃيندا، تن جي عزت هو گھڻي وڌائيندو ۽ کين گھڻن مٿان حاڪم مقرر ڪندو ۽ انعام طور کين زمين ورهائي ڏيندو.

40 شام جو بادشاهہ جنهن جي پڇاڙيءَ وارو وقت اچي پهچڻ وارو ٿيندو، تنهن سان مصر جو بادشاهہ اچي ٽڪرائبو. پر شام جو بادشاهہ واچوڙي وانگر جنگي گھوڙي گاڏين، گھوڙي سوارن ۽ سامونڊي جهازن سان نہ رڳو مٿس اچي ڪڙڪندو، بلڪ ٻين ملڪن ۾ بہ داخل ٿيندو ۽ ٻوڏ وانگر انهن سڀني کي ٻوڙيندو ويندو.

41 هو بني اسرائيل جي شانائتي ملڪ ۾ بہ گھڙندو ۽ لکين ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيندو. پر اوڀر طرف ڀر وارا ادوم ۽ موآب جا ماڻهو توڙي بني عمون جا مکيہ ماڻهو سندس هٿان بچي نڪرندا.

42 جڏهن هو ٻين ملڪن تي هٿ کڻندو، تڏهن مصر جو ملڪ بہ ڪين بچي سگھندو.

43 هو مصر جي سون ۽ چانديءَ جي خزانن، بلڪ سڀني قيمتي شين تي قبضو ڪري وٺندو. لبيا وارا توڙي سوڊاني پڻ سندس تابعدار ٿيندا.

44 پر اوڀر ۽ اتر کان ايندڙ اطلاع کيس پريشان ڪري ڇڏيندا. تڏهن هو ڏاڍي ڪاوڙ مان گھڻن ئي کي نيست وَ نابود ڪرڻ لاءِ اوڏانهن روانو ٿيندو.

45 هو ڀونوچ سمنڊ ۽ شان واري مقدس جبل صيئون جي وچ تي پنهنجا شاهي خيما کوڙيندو. پر نيٺ سندس خاتمو ٿيندو ۽ ڪوبہ سندس مدد ڪرڻ وارو نہ هوندو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan