دانيال 1 - Muslim Sindhi Bibleدانيال نبيءَ ۽ سندس ساٿين جا واقعا ( 1:1–6:28 ) دانيال ۽ سندس ساٿي بابل شهر ۾ 1 يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم جي بادشاهيءَ جي ٽئين سال، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر سندس شاهي شهر يروشلم تي چڙهائي ڪري آيو ۽ انهيءَ کي اچي گھيرو ڪيائين. 2 پروردگار بادشاهہ يهويقيم کي نبوڪدنضر جي هٿان گرفتار ڪرايو ۽ انهيءَ سان گڏ پنهنجي هيڪل جا چونڊ ٿانوَ بہ هن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيائين. نبوڪدنضر اهي ساڻ کڻي بابل ملڪ ۾ پنهنجي معبود جي بتخاني ۾ آيو، جتي هن اهي ٿانوَ بتخاني جي خزاني ۾ رکي ڇڏيا. 3 پوءِ بادشاهہ پنهنجي محل جي داروغي اسپنز کي حڪم ڏنو تہ ”پڪڙي آندل بني اسرائيل منجھان سندن شاهي نسل ۽ اميرن جا ڪي نوجوان وڃي چونڊي ڪڍ. 4 اهي نوجوان اهڙا هجن، جن ۾ ڪوبہ عيب نہ هجي، بلڪ اهي خوبصورت، هر قسم جي ڏاهپ ۾ هوشيار، علم ۾ قابل ۽ حڪمت سمجھندا هجن، يعني انهن ۾ اهڙي لياقت هجي جو کين شاهي محل ۾ خدمت لاءِ مقرر ڪجي. پوءِ تون انهن کي بابل جي رملين جي ٻولي لکڻ پڙهڻ سيکار.“ 5 تڏهن بادشاهہ انهن جي لاءِ شاهي خوراڪ ۽ شاهي مئي مان روزانو لاءِ حصو مقرر ڪيو. انهن کي ٽن سالن تائين تربيت حاصل ڪرڻي هئي، تنهن کان پوءِ کين بادشاهہ جي خدمت ڪرڻي هئي. 6 انهن چونڊي ڪڍيلن ۾ بني يهوداہ قبيلي جا دانيال، حنانياہ، ميساايل ۽ عزرياہ پڻ شامل هئا. 7 محل جي داروغي انهن جا نالا بدلائي نوان نالا رکيا. دانيال جو بيلطشضر، حنانياہ جو سدرڪ، ميساايل جو ميسڪ ۽ عزرياہ جو عبدنجو نالو رکيائين. 8 دانيال پنهنجيءَ دل ۾ اهو پڪو ارادو ڪيو تہ هو شاهي خوراڪ کائڻ سان ۽ شاهي مئي پيئڻ سان پاڻ کي پليت نہ ڪندو. تنهنڪري هن محل جي داروغي کي عرض ڪيو تہ کيس اجازت ڏني وڃي تہ هو پاڻ کي اهڙي ناپاڪيءَ کان بچائي رکي. 9 خدا محل جي داروغي جي دل ۾ دانيال لاءِ رحم ۽ همدردي وجھي ڇڏي. 10 تنهن هوندي بہ محل جي داروغي دانيال کي چيو تہ ”منهنجي آقا بادشاهہ اوهان جي لاءِ اهو کاڌو پيتو مقرر ڪري ڇڏيو آهي. سو آءٌ ڊڄان ٿو تہ جيڪڏهن هو تو کي تنهنجي همعمر جوانن کان لٿل ڏسندو تہ تنهنجي ڪري منهنجي سسي لهرائي ڇڏيندو.“ 11 تڏهن محل جي داروغي جنهن ناظر کي دانيال، حنانياہ، ميساايل ۽ عزرياہ تي مقرر ڪيو هو، تنهن کي دانيال چيو تہ 12 ”آءٌ توهان کي عرض ٿو ڪريان تہ ڏهن ڏينهن تائين اسان پنهنجي خادمن کي کائڻ لاءِ سادو کاڌو ۽ پيئڻ لاءِ رڳو پاڻي ڏيئي آزمائي ڏسو. 13 پوءِ توهان اسان جون شڪليون انهن نوجوانن جي شڪلين سان ڀيٽي ڏسجو جيڪي شاهي طعام ٿا کائين، تنهن بعد جيئن توهان مناسب سمجھو تيئن پنهنجي ٻانهن سان سلوڪ ڪجو.“ 14 تڏهن هن سندن اها ڳالهہ مڃي ۽ ڏهن ڏينهن تائين کين آزمايائين. 15 انهن ڏهن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ هنن جون شڪليون وڌيڪ رونقدار ۽ سندن بدن وڌيڪ صحتمند ڏسڻ ۾ آيا، بنسبت انهن نوجوانن جي جن شاهي طعام پئي کاڌا. 16 تڏهن ان ناظر اها شاهي خوراڪ ۽ مئي جيڪا سندن کائڻ پيئڻ لاءِ مقرر هئي، سا اڳتي لاءِ بہ بند ڪري ڇڏي ۽ کين رڳو سادو کاڌو ڏيڻ لڳو. 17 هاڻ خدا انهن چئني نوجوانن کي هر قسم جي علم وَ ادب ۾ مهارت ۽ ڏاهپ عطا ڪئي. هن دانيال کي سڀني رويائن ۽ خوابن جي سمجھہ پڻ عطا ڪئي. 18 جڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر جي حڪم مطابق انهن سڀني چونڊيل نوجوانن جي تربيت جو وقت اچي پورو ٿيو، تڏهن محل جي داروغي کين بادشاهہ جي حضور ۾ آڻي حاضر ڪيو. 19 بادشاهہ جڏهن انهن نوجوانن سان گفتگو ڪيو تہ سڀني مان دانيال، حنانياہ، ميساايل ۽ عزرياہ جهڙو کيس ٻيو ڪوبہ ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو. تنهنڪري اهي بادشاهہ جي درٻار ۾ حاضر رهڻ لاءِ مقرر ٿيا. 20 ڏاهپ ۽ دانائيءَ جي جيڪا بہ ڳالهہ بادشاهہ هنن کان پڇي، تنهن ۾ هن انهن کي پنهنجي پوري بادشاهت جي سڀني جادوگرن ۽ نجومين کان ڏهہ ڀيرا وڌيڪ بهتر لڌو. 21 ان طرح دانيال نبوڪدنضر جي شاهي درٻار ۾ ايستائين رهيو، جيستائين ان ملڪ بابل تي فارس ملڪ جي شهنشاهہ خورس فتح حاصل نہ ڪئي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society