Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڪلسين 1 - Muslim Sindhi Bible

1 هي خط مون پولس، جيڪو خدا جي مرضيءَ سان مسيح يعني عيسيٰ جو رسول آهيان ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان آهي.

2 هي خط ڪلسي شهر ۾ رهندڙ چونڊي پاڪ ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي مسيح ۾ وفادار ڀائر ڀينر آهن. شل اوهان تي اسان جي پيءُ خدا جو فضل ۽ سلامتي هجي.


شڪرگذاري ۽ دعا

3 اسين جڏهن بہ اوهان لاءِ دعا ٿا گھرون، تڏهن هميشہ خدا جا شڪرانا بجا ٿا آڻيون، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو پيءُ آهي.

4 شڪرانن جو سبب هي آهي تہ اسان ٻڌو آهي تہ اوهين عيسيٰ مسيح تي ايمان رکو ٿا ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن سان پيار ٿا ڪريو.

5 اوهان جي انهيءَ ايمان ۽ پيار جو دارومدار انهيءَ اميد تي آهي، جيڪا اوهان لاءِ آسمان تي مخصوص ٿيل آهي. اوهان ان جو ذڪر اڳي ئي انهيءَ خوشخبريءَ جي سچي پيغام ۾ ٻڌو آهي،

6 جيڪا اوهان وٽ پهچي چڪي آهي. جڏهن اوهان اها خوشخبري ٻڌي ۽ سمجھيو تہ حقيقت ۾ خدا جو فضل ڇا آهي، تڏهن کان وٺي اها اوهان ۾ بہ اهڙيءَ طرح ڦل پيدا ڪندي ۽ وڌندي ٿي رهي، جهڙيءَ طرح سڄي دنيا ۾.

7 انهيءَ خوشخبريءَ جي تعليم اوهان اسان جي پياري اِپفراس کان حاصل ڪئي، جيڪو اسان وانگر خداوند عيسيٰ جو ٻانهو آهي. مسيح جو هي وفادار خادم اوهان ۾ خدمت پيو ڪري.

8 هن جي ڏنل احوال مان اهو ظاهر ٿئي ٿو تہ پاڪ روح اوهان ۾ ڪيڏي نہ محبت پيدا ڪئي آهي.

9 جنهن ڏينهن اسان اوهان جي باري ۾ اهو سڀ ٻڌو، تنهن ڏينهن کان وٺي اوهان لاءِ خدا کان دعا گھرڻ ۽ هي عرض ڪرڻ کان بس نہ ٿا ڪريون تہ شل هو اوهان کي پاڪ روح جي سموري ڏاهپ ۽ سمجھہ عطا ڪندي پنهنجي مرضيءَ جي ڄاڻ سان ڀري ڇڏي.

10 اها دعا اسين انهيءَ لاءِ ٿا گھرون تہ جيئن اوهين پنهنجي زندگي خداوند عيسيٰ جي لائق گذاريو ۽ کيس هر طرح خوش رکو. هائو، اوهين هر ڪنهن نيڪ ڪم ۾ ڦلدار ٿيندي خدا کي ڄاڻڻ ۾ وڌندا وڃو.

11 انهيءَ لاءِ ضروري آهي تہ اوهين سندس عظمت واري قدرت سان هر طرح طاقتور ٿيندا وڃو. پوءِ اوهين هر حالت ۾ صبر ۽ برداشت ڪندي خوشيءَ سان

12 خدا پيءُ جا شڪرانا بجا آڻيندا، جنهن اوهان کي روشنيءَ واري بادشاهيءَ ۾ انهيءَ ورثي جا حصيدار ٿيڻ جي لائق ڪيو آهي، جيڪو هن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ مقرر ڪيو آهي.

13 هن اسان کي اونداهيءَ جي چنبي مان ڇڏائي پنهنجي پياري فرزند جي بادشاهيءَ ۾ آندو،

14 جنهن جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو، يعني گناهن جي معافي ملي آهي.


مسيح جي عظمت

15 خدا جيڪو ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي، تنهن جي ظاهري صورت مسيح آهي. هو سڄي مخلوقات کان پهريان موجود هو، سو هو پهريتي هئڻ جو حق رکي ٿو.

16 سڀ شيون، آسمان ۾ توڙي زمين تي، ڏسڻ ۾ ايندڙ توڙي نہ ايندڙ، تخت هجن توڙي طاقتون، حڪومتون هجن توڙي اختياريون، مطلب تہ خدا سموريون شيون هن ۾ شامل، هن جي وسيلي ۽ هن جي لاءِ پيدا ڪري قائم رکيون آهن.

17 اهو ئي سڀني شين کان اڳي موجود آهي ۽ هن ۾ ئي سڀ شيون ترتيب سان قائم رهن ٿيون.

18 اهو ئي ڪليسيا جو مٿو آهي جيڪا سندس بدن آهي. اهو ئي منڍ آهي ۽ اهو ئي مئلن منجھان جيئرو ٿي اٿڻ ۾ پهريتو آهي، انهيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ اول درجو هن جو ئي ٿئي.

19 اهو سڀ ڪجھہ انهيءَ ڪري آهي جو خدا کي اهو وڻيو تہ سندس سڄي ڀرپوري انهيءَ ۾ ئي رهي.

20 خدا جي مرضي اها بہ هئي تہ صليب تي وهايل مسيح جي رت جي وسيلي ميل ميلاپ ڪري سندس معرفت سڀني شين جو پاڻ سان رابطو بحال ڪري، پوءِ اهي زمين تي هجن توڙي آسمان ۾.

21 ڪنهن وقت اوهين خدا جي حضور کان ٻاهر هئا ۽ بري سوچ رکندي بڇڙا ڪم ڪرڻ سبب سندس دشمن هئا.

22 پر هاڻي هن مسيح جي جسماني موت جي وسيلي اوهان جو پاڻ سان رابطو بحال ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هو اوهان کي پاڪ، بي‌عيب ۽ بي‌الزام بڻائي پنهنجي حضور ۾ حاضر ڪري.

23 پر شرط هي آهي تہ جيڪا خوشخبري اوهان ٻڌي آهي تنهن جي اميد نہ ڇڏيو ۽ اوهان جو ايمان انهيءَ خوشخبريءَ جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رهي. انهيءَ خوشخبريءَ جي منادي آسمان هيٺان رهندڙ سڄي مخلوق ۾ ڪئي ويئي آهي ۽ آءٌ پولس انهيءَ خوشخبريءَ جو خادم ٿيو آهيان.


خوشخبريءَ جو راز

24 هاڻي آءٌ انهن ڏکن سورن جي ڪري خوش آهيان، جيڪي اوهان جي خاطر پيو سهان. اهڙيءَ طرح مسيح جي تڪليفن سهڻ جي جيڪا ڪمي سندس بدن، يعني ڪليسيا جي مضبوطيءَ لاءِ آهي، تنهن کي آءٌ پنهنجي جسم ۾ پورو پيو ڪريان.

25 خدا مون کي ڪليسيا جو خادم مقرر ڪري اها ذميواري ڏني آهي تہ آءٌ مسيح بابت خدا جو پيغام اوهان وٽ پوريءَ طرح پيش ڪريان.

26 انهيءَ پيغام ۾ هڪ راز آهي، جيڪو اڳين زمانن ۾ پيڙهين کان ڳجھو رکيو ويو هو. پر هاڻي اهو مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن تي ظاهر ڪيو ويو آهي.

27 انهن تي خدا اهو ظاهر ڪرڻ ٿي چاهيو تہ انهيءَ راز جي دولت سڀني قومن لاءِ ڪيڏي نہ عظمت ڀري آهي. اهو راز هي آهي تہ مسيح جيڪو اوهان ۾ آهي، سو خدا جي جلوي ۾ شريڪ ٿيڻ جي اميد آهي.

28 اسين انهيءَ مسيح بابت ئي پيغام ٻڌايون ٿا ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هر ڪنهن کي سمجھايون ۽ تعليم ڏيون ٿا، تہ جيئن هر هڪ کي مسيح ۾ ڪامل بڻائي خدا جي حضور ۾ پيش ڪريون.

29 انهيءَ مقصد لاءِ ئي آءٌ خدا جي انهيءَ طاقت موجب سخت جدوجهد ٿو ڪريان، جيڪا مون ۾ زور سان اثر ڪري ٿي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan