عاموس 9 - Muslim Sindhi Bibleخداوند جو اسرائيل وارن خلاف فيصلو 1 پوءِ مون پروردگار کي قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺل ڏٺو. هن حڪم ڏنو تہ ”عبادتگاهہ جي ٿنڀن جي چوٽين کي ڌڪ هنيو وڃي تہ جيئن چانئٺيون لُڏي وڃن، ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن جي مٿان ڪيرائي سندن مٿا ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو وڃي. پر جيڪي ماڻهو اتان بچي ويندا، تن کي آءٌ جنگ ۾ قتل ڪرائي ڇڏيندس. اهڙيءَ طرح انهن مان هڪڙو بہ ڀڄي ڪين سگھندو. 2 جيڪڏهن هو هيٺ پاتال ۾ بہ لهي ويندا تڏهن بہ منهنجو هٿ کين اتان ڪڍي وٺندو. جيڪڏهن هو مٿي آسمان تي بہ چڙهي ويندا تڏهن بہ آءٌ کين اتان هيٺ لاهي آڻيندس. 3 جيڪڏهن هو پاڻ کي ڪرمل جبل جي چوٽيءَ تي وڃي لڪائيندا، تڏهن بہ آءٌ اتان کين ڳولي ڪڍندس. جيڪڏهن هو سمنڊ جي تري ۾ بہ وڃي پاڻ کي لڪائيندا، تڏهن بہ آءٌ اتان جي سامونڊيءَ بلا کي حڪم ڏيندس تہ هوءَ کين ڏنگي وجھي. 4 جيڪڏهن سندن دشمن کين جلاوطن ڪري وٺي وڃن، تڏهن بہ اُتي آءٌ کين قتل ڪرائي ڇڏيندس. مون انهن جي مدد ڪرڻ جو نہ، بلڪ کين برباد ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي.“ 5 خداوند ئي قادرِمطلق خدا آهي، جنهن جي ڇُهڻ سان ڌرتي پگھرجي پاڻي ٿي وڃي ٿي، ۽ سڀني ماڻهن ۾ روڄ راڙو پئجي وڃي ٿو. ڌرتي نيل نديءَ وانگر اُٿل کائي مٿي چڙهي ٿي، ۽ پوءِ وري هيٺ لهي اچي ٿي. 6 اهو ئي آهي جنهن جو محلات عرش عظيم ۾ آهي. هن ئي ڌرتيءَ جي مٿان آسمان کي گنبذ بڻايو آهي. هو ئي سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي روءِزمين تي اُٽلائي ٿو. انهيءَ جو نالو خداوند ئي آهي. 7 خداوند ٿو فرمائي تہ ”اي اسرائيل وارؤ! اوهين سوڊانين کي ڪمذات سمجھو ٿا، پر منهنجي نظر ۾ اوهين ڪو انهن کان مٿي آهيو ڇا؟ جيئن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر ملڪ مان ڪڍي آندو، تيئن ئي مون فلستين کي ڪريت مان، ۽ ارامين کي قير مان نہ ڪڍي آندو آهي ڇا؟ 8 ڏسو، مون خداوند خدا جون اکيون اوهان جي گنهگار بادشاهت تي آهن. آءٌ انهيءَ کي روءِزمين تان مِٽائي ڇڏيندس. انهيءَ هوندي بہ آءٌ يعقوب جي اولاد کي بلڪل ئي نابود نہ ڪندس. 9 آءٌ اسرائيل ملڪ وارن کي سيکت واري ڇاڻيءَ مان ڇاڻي سڀني قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس. پوءِ ڪو هڪڙو بہ بدڪار بچي نہ سگھندو. 10 منهنجي قوم جا گنهگار جيڪي ٻٽاڪ هڻي چون ٿا تہ ’ڪابہ آفت اسان تائين نہ پهچندي، ۽ نہ اسان کي ڪو نقصان رسائيندي،‘ سي سڀيئي جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا.“ بني اسرائيل قوم جي بحالي 11 خداوند ٿو فرمائي تہ ”هڪڙو ڏينهن ايندو جڏهن آءٌ دائود جي بادشاهت جيڪا هڪ ڪري پيل تنبوءَ مثل آهي، تنهن کي وري کڙو ڪندس، انهيءَ جا ڦاٽ بند ڪندس، ۽ ڳري ويل هنڌن جي مرمت ڪندس. آءٌ انهيءَ کي وري اهڙو ئي بڻائيندس جهڙو اڳ ٺهيل هو. 12 انهيءَ لاءِ تہ اڳ جيان بني اسرائيل ادوم جي باقي بچي ويلن کي بلڪ انهن قومن کي جيڪي منهنجي نالي سان سڏيا ويندا هئا، تن سڀني کي وري پنهنجي حڪمرانيءَ هيٺ آڻين. آءٌ خداوند ئي اهو سڀ ڪجھہ ڪري ڏيکاريندس. 13 ڏسو، اُهي ڏينهن اچي رهيا آهن، جڏهن هَرُ ڪاهڻ وارو ٻج ڇٽي اڃا پورو ئي نہ ڪندو تہ فصل هڪدم لاباري لاءِ تيار ٿي ويندو. انگورن کي پيڙڻ وارو اڃا اهي پيڙيندو ئي هوندو تہ ٻيا جھجھا انگور راس ٿي پيڙجڻ لاءِ تيار هوندا. ايتري تہ برڪت اچي پوندي جو ڄڻ تہ جبلن تان مٺي مئي پئي ٽمي ۽ سڀني ٽڪرين تان اها وهندي نظر ايندي. 14 آءٌ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي خوشحالي وري بحال ڪندس. اهي پنهنجي برباد ٿيل شهرن کي وري اڏيندا ۽ انهن ۾ رهندا. هو انگورن جا باغ وري لڳائيندا ۽ انهن جي مئي پيئندا. اهي ٻين ميون جا باغ بہ لڳائيندا ۽ انهن جا ميوا بہ کائيندا. 15 مطلب تہ آءٌ انهن کي وري سندن ملڪ ۾ آباد ڪندس، ۽ جيڪو ملڪ مون کين ڏنو آهي، تنهن مان هو اڳتي ڪڏهن بہ ڪڍيا نہ ويندا.“ خداوند اسان جي خدا جو اهو ئي فرمان آهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society