عاموس 4 - Muslim Sindhi Bible1 ٻڌو، اي سامريہ جون عورتون! اوهين جيڪي بسن جي ڳئن جيان کائي کائي متاريون ٿيون آهيو، هائو، اوهين جيڪي غريبن ۽ مسڪينن تي ظلم ڪري کين چيڀاٽيو ٿيون ڇڏيو، ۽ پنهنجي مڙسن کي چئو ٿيون تہ ”شراب آڻيو تہ اسين پيئون،“ اوهين هي فرمان ٻڌو. 2 خداوند خدا پنهنجي پاڪيزگيءَ جو قسم کنيو آهي تہ اوهان تي اُهي ڏينهن ضرور ايندا، جڏهن اوهان کي ڪُنڍا وجھي گهليو ويندو. هائو، اوهان مان هر هڪ ڪنڍين ۾ ڦاٿل مڇيءَ وانگر پئي ڦٿڪندي. 3 اوهان مان هر ڪا ڪوٽ جي سامهون واري ڏرڙ منجھان ڇڪي ٻاهر ڪڍي ويندي، ۽ اوهان کي حرمون جبل ڏانهن هڪاليو ويندو. اهو خداوند جو فرمان آهي. اسرائيل وارن جو نافرمانيءَ تي ضد 4 خداوند ٿو فرمائي تہ ”اي اسرائيل وارؤ! ڀلي تہ اوهين بيتايل ۽ جِلجال جي عبادتگاهن ۾ وڃي گناهہ ڪندا رهو، ڀلي تہ اتي هر صبح جو قربانيون کڻي وڃي پيش ڪندا رهو، ۽ هر ٽئين ڏينهن تي اوڏانهن پنهنجي پيداوار جا ڏهان حصا کڻي ويندا رهو. 5 ڀلي تہ پنهنجي شڪرگذاريءَ جي قرباني روٽ سان باهہ تي ادا ڪندا رهو. ڀلي تہ خوشيءَ جي قربانين ڪرڻ جون ٻٽاڪون هڻندا رهو. اي اسرائيل وارؤ! ائين آءٌ خداوند خدا انهيءَ ڪري چوان ٿو، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ ڳالهيون اوهان کي پسند آهن. 6 پر آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جيتوڻيڪ مون اوهان جي سڀني شهرن ۾ ڏڪار آندو، تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہتائب نہ ٿيا. 7 جڏهن اڃا فصل جي لهڻ ۾ ٽي مهينا پيا هئا، تہ مون اوهان کان مينهن کي بہ روڪي ڇڏيو. مون هڪ شهر تي تہ مينهن وسايو پئي پر ٻئي تي ڪين وسايم. هڪڙي ٻنيءَ تي تہ مينهن پيو، پر ٻي ٻني مينهن نہ پوڻ ڪري سُڪي ٺوٺ ٿي ويئي. 8 ڪيترن ئي شهرن جا ماڻهو اڃ کان بيحال ٿي پاڻيءَ واسطي شهر شهر ڀٽڪندا رهيا، پر پيئي ڪري ڪڏهن بہ ڍءُ نہ ڪيائون. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہتائب نہ ٿيا. 9 مون ڪيترائي دفعا اوهان جي فصلن کي سينوَر ۽ رتيءَ جي بيمارين سان سَٽيو. اوهان جا گھڻا ئي باغ، مثال طور انگورن، انجيرن ۽ زيتونن جا باغ، ماڪڙ کائي چٽ ڪري ڇڏيا. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہتائب نہ ٿيا. 10 مون اوهان ۾ وبا موڪلي، جهڙيءَ طرح مصر ۾ موڪلي هئم. اوهان جي جوانن کي جنگ ۾ تلوار سان قتل ڪرايم، اوهان جا گھوڙا اوهان کان کسيم، ۽ اوهان جي لشڪرگاهہ ۾ لاشن جي بدبوءِ اوهان جي ناسن تائين آندم. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہتائب نہ ٿيا. 11 مون اوهان مان ڪن کي ناس ڪري ڇڏيو، جيئن اڳي سدوم ۽ عموراہ شهرن سان ڪيو هئم، ۽ اوهين انهيءَ اُماڙيءَ وانگر آهيو، جيڪا ٻرندڙ باهہ منجھان ڇڪي ڪڍي وڃي. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہتائب نہ ٿيا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي. 12 تنهنڪري اي اسرائيل وارؤ! آءٌ اوهان کي انهيءَ کان بہ وڌيڪ سزا ڏيندس. سو اوهين منهنجي فيصلي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو. 13 ياد رکو! جيڪو جبلن جو جوڙيندڙ ۽ واءُ کي گھلائيندڙ آهي، جيڪو انسانن کي پنهنجي ارادي کان خبردار ڪري ٿو، جيڪو صبح جي سوجھري کي رات جي اونداهيءَ ۾ ٿو ڦيرائي، جنهن جي پيرن هيٺان سڄي ڌرتي آهي، انهيءَ جو ئي نالو خداوند قادرِمطلق خدا آهي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society